گيت

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عدالجار پيرزادو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2013۔

  1. عدالجار پيرزادو

    عدالجار پيرزادو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ساحل پيرزادو

    ڏاڍا ڏکيا ڏينهن الا وو ڏاڍا ڏکيا ڏينهن،
    ڪين وُٺا هن مينهن الا وو ڪين وٺا هن مينهن،
    ڏاڍا ڏکيا ڏينهن....
    جهُل، مريئڙو، پلر ۽ ڪارڙا ٿيندا ڪيئن الا وو، ڪارڙا ٿيندا ڪيئن
    ڪين وُٺـا هن مينهن....
    ٿرڙو منهنجو بر لڳي ٿو، ڦرڙا جيئندا ڪيئن الا وو، ڦرڙا جيئندا ڪيئن
    ڪين وُٺا هن مينهن...
    ماروئڙن جا منهنڙا ڀيلا سَرها ٿيندا ڪيئن الا وو، سرها ٿيندا ڪيئن!
    ڪين وُٺا هن مينهن...
    ساوڻ رُتَ جون مست بهارون، موٽي اينديون جيئن الا وو، موٽي اينديون جيئن،
    سکيا ٿيندا ڏينهن الا وو، سکيا ٿيندا ڏينهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو