ساحل پيرزادو دل چيو توسان پيار ڪريان، ۽ نالي ھي سنسار ڪريان، دل خواھشن جو گھر آھي، ڪيئن تن جو اظھار ڪريان؟ ساري توکي دلبر مان، ٿو اکڙيون پيو اشڪ بار ڪريان، تو قدر نه ڪَيَڙو محبت جو، ٿو ڪيڏو توسان پيار ڪريان، تون ايندين، ھا! تون ايندين ”ساحل‟، پيو اڄ به مان انتظار ڪريان...