ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
ٻارن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي ۽ اُن جا اثر۔۔۔
اسان جي ملڪ ۾ ٽن مهينن کان 5 سالن جي عمر وارن ٻارن ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿيڻ عام ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي عمر ۾ خوراڪ جي ڪمي سان ڪيترائي معصوم ٻارڙا خطرناڪ بيمارين جي ور چڙهي روزانو فوت ٿي رهيا آهن. جيڪي ٻارڙا بيمارين جي حملن کان بچي وڃن ٿا انهن جي جسماني ۽ ذهني واڌ مستقل گهٽجيو وڃي، جنهن ڪري سندن سڄي عمر عذاب بڻجي وڃي ٿي. سُٺي غذا وقت تي نه ملڻ سان اهي معصوم گُل وقت کان اڳ خزان جي ور چڙهي وڃن ٿا. ٻارڙن جي ان حالت جا ذميدار اسان سڀ آهيون. اسان کي گهرجي ته ٻارڙن ۾ خوراڪ جي ڪمي بابت ڄاڻ حاصل ڪريون ته جيئن ان مان ٿيندڙناقابلِ معافي نقصان روڪي سگهجن ۽ اسان جو اهو به فرض ٿيي ٿو ته اها ڄاڻ ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر پهچايون ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل ذهين ۽ صحت مند بنجي دنيا جي ٻين قومن سان مقابلو ڪري سگهي.
خوراڪ جي گهٽتائي جا ڪيترائي سبب آهن. ڪجهه اهم سبب هي آهن.
ٻارن ۾ خوراڪ جي ڪمي ڇو ٿيندي آهي..؟
- ماءُ جو کير ٻار جي گُهرج کان گهٽ ملڻ. ان جي ڪري ٻار ڪمزور ٿي وڃن ٿا. کير پورو نه ملڻ جو هڪ سبب ٻارن پُٺيان ٻار ڄڻڻ به آهي.
- ماءُ جو کير 4 مهينن کانپوءِ ٻار جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته ٻاهرين خوراڪ شروع ڪجي. مثال طور؛ کچڻي، دال، ڪيلو، انڊي جي زردي وغيره.
- غربت جي ڪري والدين گوشت، مڇي، کير يا بيضا وغيره خريد نه ڪري سگهندا آهن. جنهنڪري ٻار جي خوراڪ ۾ ڪمي ٿي ويندي آهي.
- اسان وٽ اڪثر ڳوٺن ۾ اهو تاثر عام آهي ته ڪجهه کاڌا گرم ته ڪجهه ٿڌا هوندا آهن. انهي ڪري گرمين ۾ بيضا ۽ سردين ۾ ڪيلا، فروٽ يا چانور وغيره نه کارئيندا آهن. ان سان به خوراڪ ۾ ڪمي ٿيو وڃي. ڪجهه خاندانن ۾ سُٺي خوراڪ صرف پُٽ کي ڏني وڃي ٿي جنهن ڪري نياڻيون خوراڪ جي ڪمي جو شڪار ٿيو وڃن.
- ٻارن کي هڪ ٻئي پُٺيان دست ۽ سيني جون بيماريون ٿيڻ سان به بُک ختم ٿي ويندي آهي. جنهن ڪري جسم ۾ خوراڪ جي شديد گهٽتائي ٿيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ اهي بيماريون اڃا به وڌيڪ جان ليوا ثابت ٿين ٿيون.
- فيملي پلاننگ تي عمل نه ڪرڻ به هڪ اهم سبب آهي. ان جو اثر نه فقط ماءُ تي پوي ٿو پر ماءُ جي ڪمزوري سڌي طرح ٻار کي به ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.