مختيار احمد ملاح جون لکيل ٻه سنڌي مختصر تاريخون

'سنڌي ادب' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    مختيار احمد ملاح جون لکيل ٻه سنڌي مختصر تاريخون​
    (عوامي آواز مئگزين جي ٿورن سان)​
    [​IMG]
    سنڌي ناول جي مختصر تاريخ

    مختيار احمد ملاح سنڌ جي اڄ جي نوجوان لکندڙن مان اهڙو نوجوان آهي، جنهن پهريان چئي ڇڏيو آهي ته هو نقاد نه آهي ۽ ان کان اڳ ۾ به هن ڪنهن قسم جي نماءَ کان پاسو ڪيو آهي، پوءِ به هن جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جو مثال سندس ٽهيءَ ۾ وري ملي سگهندو. هن سنڌي ادب بابت اڪيڊمڪ مطالعو ڪيو آهي ۽ سنڌ جي وڏن چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ سنڌ جي ادبي تاريخ بابت ڪيئي ننڍا وڏا ڪتاب لکيا آهن. پر انهن سڀني ۾ هن جو اهم ڪتاب اهو صخيم ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي. ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ هيءُ ڪتاب ۽ ان ۾ موجود داخلائون پڙهي ۽ ڏسي مختيار جي پورهئي تي حيرت ٿئي ٿي. ساڳئي وقت هيءُ هڪ اهڙو ڪتاب ٿي سامهون آيو آهي، جنهن کي حوالي طور ڪنهن به وقت استعمال ڪرڻ مان فائدو ملندو.
    اديبن ۽ ادبي تحريڪن توڙي جلسن جلوسن کان بنهه پري رهندڙ مختيار جو تازو جيڪو ڪتاب آيو آهي، ان جو نالو آهي ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“ هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ به آهي ۽ مختصر به آهي، ان ڪري، هن ڪتاب تي تنقيدي اڀياس لکڻ کان اڳ جيڪو ڪجهه مان لکڻ چاهيان ٿو، اهو فقط تعارفي آهي. ان تعارف ۾ مختيار جي هن ڪتان جي تعريف گهڻي ڪرڻ ان حوالي ۾ اهم آهي ته هن سنڌي ادب ۾ ناول جي ان حصي جو نهايت چڱو ذڪر ڪيو آهي، ، جيڪو حصو اسان جي عام پڙهندڙ کان وٺي لکندڙ تائين نهايت ڏکيا ئيءَ سان پهچي ٿو، مختيار ان ناول، جيڪو سنڌ کان ٻاهر ڇپيو آهي، تي گهڻو لکي هن ادبي تاريخ کي گهڻو اهم بڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ ادبي تاريخ لکندڙ لاءِ هن جهجهو مواد پنهنجي ڪتاب ۾ رهنمائيءَ لاءِ ڏنوآ هي، ان مواد هٿ ڪرڻ پويان جيڪا مختيار جي محنت آهي، اها کيس هڪ اهم ادبي تاريخ لکندڙ طور ياد رکندي، ٻيءَ طرح سنڌ ۾ اصلوڪن ناولن توڙي ۽ ترجمي جي صورت ۾ آيل ناولن بابت مختيار نهايت گهڻي نيڪ نيتيءَ ۽ پاسخاطريءَ کان سواءِ لکيو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن به تاريخ لکندڙ لاءَ ضروري هجڻ گهرجي، شايد ان جو سبب به اهو آهي ته مختيار ڪنهن به ادبي ڌر جي نظريي جي اثر هيٺ نه رهيو آهي، مختلف ڌارائن جي اثر هيٺ لکيل ۽ ترجمو ڪيل ناولن بابت مختيار جي راءِ نج تاريخ لکندڙ واري آهي، اها نه اڀياسيءَ طور هن ڏني آهي ۽ نه هڪ نقاد طور. ان ڪري مجموعي طور سندس لکيل هيءَ ناول جي تاريخ، سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ اهم جڳهه والاريندي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي جو هن ڪتاب ۾ اڄ جي تاريخ تائين گهڻي ۾ گهڻيون داخلائون درج ٿيل آهن، جيڪا ئي ادبي کوجنا آهي. ٻيو ته مختيار حوالا جيئن جو تيئن نه کنيان آهن، هن انهن جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي آهي، ته تصديق به ڪئي آهي سندس ان جذبي ئي گهڻي حد تائين هن ڪتاب کي مستند هجڻ واري مڃتا ڏني آهي، سنڌي ناول جي الڳ الڳ پهلوئن بابت برابر مختيار مختصر ئي لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ هيءُ ڪتاب هزار صفحن جي لڳ ڀڳ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ها ! هُن ڪتاب مختصر ضرور ڪيو آهي، پر ان کي مستند بڻائڻ جي هن ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي سنڌي ادب جي اڄ جي پڙهندڙن کان لڪل داخلائون به درج ڪيون آهن، جيڪو هڪ تحقيق/کوجنا جو ڪم ڄاتو ويندو آهي. اهڙي هڪ لاجواب ڪم تي مختيار گهڻو گهڻو جس لهڻي، هن ٽي سئو چوهٺ صفحن جي سنڌي ناول جي مختصر تاريخ کي، سنڌ جي ثقافت واري کاتي نهايت اوچي پني، پڪي جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان ڇپايو آهي. جنهن کي سهڻو ڪري ڇپڻ جو سهرو، پيڪاڪ پرنٽرس جي نوجوان قمر آفتاب ابڙي جي سر تي آهي، ڪتاب جو ملهه چار سئو پنجاهه رپيا آهي ۽ ڪتاب پڙهڻ ۽ ان کان پوءِ سانڍڻ جهڙو آهي.

    [​IMG]

    سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ


    سنڌي ناٽڪ/ڊرامي جي لکت ۾ تاريخ سئو سوا سئو سالن کان گهڻي نه ٿيندي پر ان جي جزن جي کوج اسان کي صدين تائين شايد پوئتي وٺي وڃي. جنهن بابت به سنڌ ۾ ڪا گهڻي تحقيق نظر نٿي اچي، ان جي ڀيٽ ۾ هند ۾ هڪ نهايت اهم دستاويز ڊاڪٽر پريم پرڪاش جي اها ٿيسز آهي، جنهن جو نالو آهي، سنڌي ناٽڪ جي اوسر 1880 کان 1980 تائين.
    سنڌ ۾ به ڪي ڪتاب موجود آهن،خاص طور غلام حيدر صديقي صاحب جو ”ننڍي کنڊ ۾ ڊامي جي تاريخ“ تازو ئي ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان، مختيار احمد ملاح جو ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو هڪ اهم دستاويز جي صورت وٺي بيٺو آهي، اهو به سچ آهي ته ورهاڱي کان پوءِ اسان وٽ اسٽيج ناٽڪ گهڻي حد تائين گهٽجي ويو ، جنهن جو ڪجهه پوراءُ ريڊيو ناٽڪ ۽ ٽي وي ناٽڪ ڊرامي ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اڄ تائين، ناٽڪ/ڊرامي جو ڪتابي صورت ۾ اچڻ نه اچڻ جهڙو ٿيو آهي. جڏهن ته هند ۾ ناٽڪ/ ڊرامي بابت نه فقط ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا، پر ڪيترائي ناٽڪ /ڊراما ڪتابي صورت ۾ ڇپيل پڻ آهن ۽ ڪيترائي ناٽڪ/ڊراما، مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپيا آهن، جن سڀني جو گهڻي حد تائين وچور مختيار احمد ملاح جي لکيل هن تاريخي ڪتاب ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ“ ۾ موجود آهي، ان حوالي ۾ به هيءُ ڪتاب اهم آهي، ته هن ۾ مختصر ئي سهي، گهڻن ناٽڪن/ڊرامن ۽ انهن جي لکندڙن جون داخلائون درج آهن، شايد ئي هن ڪتاب کان اڳ ڪنهن ناٽڪ جي تاريخ ۾ ايتريون داخلائون ملن. جيتوڻيڪ هيءُ هڪ اٺ ڪاٺيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب جيڪو سنڌ ۾ لکجي رهيو آهي ۽ سنڌي ادب جيڪو هند ۾ لکجي رهيو آهي، اهو سمورو ٻنهي پاسي جي ليکڪن کي مناسب حد تائين ميسر نه آهي ۽ اهڙي ڏکيائيءَ هوندي به جڏهن مختيار احمد جو هيءُ ڪتاب پڙهجي ٿو ته اڄ جي تاريخ ۾ ڪنهن نوجوان لکندڙ جي محنت ڪرڻ واري لاڙي جو وري هڪ ڀيرو يقين ٿئي ٿو.
    سنڌ ۾ ناٽڪ/ڊرامي جو ڪتابي صورت ۾ گهڻي حد تائين نه اچڻ، سنڌي ادب لاءِ مجموعي طور نقصان آهي، ڇاڪاڻ جو هيءَ ادب جي هڪ سگهاري صنف هجڻ باوجود، هن جي ڪتابي صورت ۾ عدم موجودگي ڏکي لڳي ٿي پر هن ڪتاب کي پڙهڻ وقت ڪيترن ئي ناٽڪن/ڊرامن، توڻي انهن جي لکندڙن جا نالا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، جيڪي اڳ اسان جي مطالعي ۾ نه آيا آهن ۽ مختيار انهن سڀني کي پنهنجي هن مختصر ناٽڪ/ڊرامي جي تاريخ ۾ محفوظ ڪري، اسان لاءِ هڪ وڏو خزانو ڇڏيو آهي، هڪ اهڙو خزانو جيڪو ايندڙ وقت ۾ تاريخ لکڻ واري لاءِ گهڻي گهڻي آساني پيدا ڪندو ۽ پڪ سان اهو مختيار احمد ملاح جو ٿورائتو پڻ ٿيندو. ناٽڪ/ڊرامي بابت هن ڪتاب ۾ ڊرامي/ناٽڪ جي ممڪن حد تائين سمورن پهلوئن جي جانچ ڪيل آهي ۽ ان جي اوائلي صورت کان وٺي اڄ جي جديد/نئين صورت تائين جي سفر جو بستو احوال آهي، جيڪو اڄ جي پڙهندڙن لاءِ وڏي ڄاڻ ميسر ڪري ٿو، ساڳئي وقت گهڻيون اڻ لکيل روايتون پڻ ڪتاب ۾ موجود آهن، ناٽڪ/ڊرامي سان يا ان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ ميراث آهي. ٻيءَ طرح سنڌي ادب جو هيءُ اهڙو حصو آهي، جنهن کي لکت ۾ آڻڻ ڏانهن سنڌ ۾ بنهه گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي.
    مختيار جو هيءُ ڪتاب سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙن سنڌي ادب جي خاص طور ناٽڪ/ڊرامي جي پڙهندڙن لاءِ هڪ جيترو ڪارائتو ٿيندو اهڙي پڪ آهي، جنهن لاءِ مختيار گهڻو جس لهڻي، هيءُ ناٽڪ/ڊرامي جي تاريخ جو پوراءُ ڪندڙ ڪتاب سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي پاران شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو سهڻي پني، اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان ڇپيل آهي، ڪتاب جو ملهه چار سئو پنجاهه رپيا آهي ۽ ڪتاب ۾ ٽي سئو پنجاهه صفحا آهن، ڪتاب سهڻو ڇاپڻ ۾ پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچيءَ جون ڪوششون ساراهڻ جهڙيون آهن.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺا ڪتاب پيا لڳن ۔۔۔۔ ضرور پڙهبا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺا ڪتاب پيا لڳن ۔۔۔۔ ضرور پڙهبا
     
  4. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واقعي ادا مختيار ملاح جو ڪتاب سنڌي ادب جو جديد مطالعو بھترين ڪتاب آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو