نظم
سرخ گلاب
او روحاني اولاد حجاج جا!
جو چاهيو اوهين ٿا،
ائين ٿيڻ نه ڏيبو،
سوين ڀل سنڌين کي صليبن تي چاڙهيو،
اڳي جيان انهن جون زبانون وڍايو،
مگر قومي تحرڪ کي روڪي نه سگهندئو،
اوهان جي ابن ڪالهه ديبل تي ڪاهيو،
۽ اڄ ٿا اوهين شاهه بندر تي ڪاهيو،
قسم آهي ڏاهرجي پوتر ڌيئن جو،
جنين کي ننگو ڪيو ويو بغداد ۾،
اسان تن سان اڄ تائين ٿيندڙ ظلم جا،
وچن ٿا ڪيون پلئه وٺنداسين سارا،
اسان لاءِ عيدون به شام غريبان،
اسان لاءِ هر ڏينهن محشر ڏهاڙو،
اڳي ڄامشورو هو جنت جو
اهو بي ٿو بارود اوڳاڇي هاڻي،
او اسلام اسلام جا پاسبانو،
اسان لاءِ مقتل جا سڀ پيچرا هي،
نوان ڪونه آهن، نوان ڪونه آهن،
اسان جي جوانيون نه ماڻيون ته ڇا،
اسان جي گلابي ڦڙا رت جا،
جي ڌرتيءَ تي ڪرندا،
سوين سرخ ڦٽندا انهيءَ مان گلاب،
جيڪي پوندا بڻجي اوهان لاءِ عذاب.
************************
سرخ گلاب
او روحاني اولاد حجاج جا!
جو چاهيو اوهين ٿا،
ائين ٿيڻ نه ڏيبو،
سوين ڀل سنڌين کي صليبن تي چاڙهيو،
اڳي جيان انهن جون زبانون وڍايو،
مگر قومي تحرڪ کي روڪي نه سگهندئو،
اوهان جي ابن ڪالهه ديبل تي ڪاهيو،
۽ اڄ ٿا اوهين شاهه بندر تي ڪاهيو،
قسم آهي ڏاهرجي پوتر ڌيئن جو،
جنين کي ننگو ڪيو ويو بغداد ۾،
اسان تن سان اڄ تائين ٿيندڙ ظلم جا،
وچن ٿا ڪيون پلئه وٺنداسين سارا،
اسان لاءِ عيدون به شام غريبان،
اسان لاءِ هر ڏينهن محشر ڏهاڙو،
اڳي ڄامشورو هو جنت جو
اهو بي ٿو بارود اوڳاڇي هاڻي،
او اسلام اسلام جا پاسبانو،
اسان لاءِ مقتل جا سڀ پيچرا هي،
نوان ڪونه آهن، نوان ڪونه آهن،
اسان جي جوانيون نه ماڻيون ته ڇا،
اسان جي گلابي ڦڙا رت جا،
جي ڌرتيءَ تي ڪرندا،
سوين سرخ ڦٽندا انهيءَ مان گلاب،
جيڪي پوندا بڻجي اوهان لاءِ عذاب.
************************