• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اپريل جو مهينو

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
اپريل جو مهينو قاتل مهينو ،ڪيئي سڄڻ وڇڙيا اپريل ۾
رهبر سنڌ، ڀٽو ۽ حسين ساريو ،وڇڙي ويااپريل ۾
پنهنجا ويجها، رت جا رشتا هنياءُ ڏاري ويا اپريل ۾
الطاف عباسي،اختر ڪلهوڙو شهيد ٿيا اپريل ۾
جيجل ماءُ جون هنجون خالي ٿيون اپريل ۾
ڪهڙا نه ڪهڙا گهاءُ مليا سنڌ جيجل کي
اهي سڀ سور سهيا سين ، سيني منجهه اپريل ۾،
سنڌ جو هڪ ارڏو جوڌو هو، هر ماءُ جي اک جو تارو هو
هر ڀيڻ جو ڀورل ڀاءُ هيو، سنڌين جو هڪ پساهه هيو
ڌارين لاءِ ڄڻ دولهه جي للڪار هيو
ويرين لئه ڄڻ ڪو گهاء هيو، دودي جي تلوار هيو،
اهڙو ڪونڌر به ڪاري رات ۾ ڪُٺو ويو اپريل ۾
سيد ۽ بشير جي وڇوڙي جي سوڳ ۾ اڃا سنڌ هُئي
هن سال به ويندي ويندي ڪونڌر ڪُٺا اپريل ۾
منظور ڪلهوڙو
207132_593662457334563_612161385_n.jpg
 
هر ڏينهن ،هر مهينو ڪنهن نه ڪنهن جي لا ڪي خوشيون يا ڪي ڏک کنيون ٿو اچي ۔انهن خوشين ۽ ڏکن کي ساه سان سانڍي هلڻو آ۔ ان جوئي نالو زندگي آهي ۔
 
هر ڏينهن ،هر مهينو ڪنهن نه ڪنهن جي لا ڪي خوشيون يا ڪي ڏک کنيون ٿو اچي ۔انهن خوشين ۽ ڏکن کي ساه سان سانڍي هلڻو آ۔ ان جوئي نالو زندگي آهي ۔

ها سائين اهو ئي ته زندگيءَ جي ڪارونهوار آهي۔۔بس ڪي گهڙيون لڙڪ ڏئي وينديون آهن ته وري ڪي لمحا ٽهڪڙا ارپي ويندا آهن۔
 
اپريل جي ڳالهه ڪبي ته اوهان جون سٽون دل کي جهورين ٿيون ۔۔۔ اپريل ۾ وڇڙندڙ ڪجهه شخصيتن جا نالا :

پهرين اپريل تي محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جو لاڏاڻو ٿيو.
2 اپريل 2005ع شاعر محسن ڪڪڙائي جو لاڏاڻو ٿيو.
4 اپريل 1979ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اڍيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
4 اپريل 2008ع ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار انور سولنگي جو انتقال ٿيو.
6 اپريل 2011ع ناليواري اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 2012ع قومپرست اڳواڻ شهيد بشير قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.
8 اپريل 2011ع ناليوارو اداڪار حسين ساريو ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.
9 اپريل 1996ع گلوڪار قمر سومري جو انتقال ٿيو.
9 اپريل 1997ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ، اديب، محقق ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
13 اپريل 1968ع اسڪالر، فلاسافر ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضي جو انتقال ٿيو.
13 اپريل 1987ع گلوڪاره بيگم فقيرياڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
14 اپريل 1992ع ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جو لاڏاڻو ٿيو.
14 اپريل 2007ع اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو انتقال ٿيو.
16 اپريل 1987ع سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي جي وفات ٿي.
16 اپريل 2013ع ڪامريڊ مير محمد ٽالپر (ٽنڊو ڄام) وفات ڪري ويو۔
21 اپريل 2007ع محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پهنور جو انتقال ٿيو.
21 اپريل 2011ع باکڙي موري ويجهو سنڌ جي سپوتن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو.
22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو.
23 اپريل 1999ع ليکڪ ڪيهر شوڪت (آگاڻي) لاڏاڻو ڪري ويو.
24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادي جي وفات ٿي.
25 اپريل 1995ع عالم، اديب، سياستدان ۽ سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جو لاڏاڻو ٿيو.
27 اپريل 1766ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو.
29 اپريل 2003ع لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي وفات ٿي.
 
22 اپريل 2011 تي ٽي وي جي نامور اداڪار معين اختر لاڏاڻو ٿيو
ڪجهه ڏينهن اڳ اپريل جي ئي مهيني ۾ سنڌ جي ٻن سپوتن کي گوليون هڻي ماريو ويو۔
 
Back
Top