ٻه دوست سمنڊ ڪناري گهمي رهيا هئا۔۔۔ گهمندي گهمندي ڪچهري دوران ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ ايندي هڪ دوست ٻئي کي چماٽ رسيد ڪئي۔۔۔۔۔ دوست کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر هن ڪجهه نه ڪڇيو ۽ هن واري تي وڏن اکرن سان لکيو۔۔۔ ”اڄ مون کي منهنجي بهترين دوست منهن تي چماٽ رسيد ڪئي۔۔۔۔“
آخر گهمندي گهمندي کين خيال ٿيو ته ڇونه سمنڊ جي پاڻي سان غسل ڪجي۔۔۔ ٻئي غسل ڪندي سمنڊ ۾ ڪجهه اڳتي نڪري ويا ۔۔۔ جنهن دوست چماٽ ورتي هئي ان جو پير ترڪڻ ڪري ٻڏڻ لڳو۔۔ جلد ئي سندس دوست کيس بچائي ورتو ۽ سمنڊ کان ٻاهر ڪڍي ورتو۔۔۔
ٻڏڻ واري دوست هن دفعي هڪ پٿر تي لکيو ۔۔۔۔”اڄ منهنجي دوست منهنجي جان بچائي۔۔۔۔“
هن جي دوست کائنس پڇيو ۔۔ ”جڏهن مون توکي چماٽ رسيد ڪئي ته تو پنهنجو جملو واريءَ تي لکيو پر جڏهن مون تنهنجي جان بچائي ته تو پنهنجو جملو پٿر تي ڇو لکيو۔۔۔۔؟“
دوست جواب ڏنو۔۔۔”جڏهن اسان کي ڪنهن دوست کان ڏک رَسي ته اهڙين ڳالهين کي وسارڻ لاءِ پنهنجي لفظن کي واري تي لکڻ گهرجي ته جيئن هوا ۽ سمنڊ جو پاڻي ان کي ڊاهي ڇڏي۔۔۔ پر جڏهن اسان پنهنجي لاءِ ڪجهه ڀلو ڪيون ته ان کي پٿر تي لکجي ته جئين ان کي هوا ۽ سمنڊ جو پاڻي ڊاهي نه سگهي۔۔۔“
تڏهن چوندا آهن ته ڪنهن ڀلي ماڻهون کي جانچڻ ۾ هڪ منٽ لڳندو آهي۔۔۔ هڪ ڪلاڪ ان کي سمجهڻ ۾ لڳندو آهي ۔۔۔۔ هڪ ڏينهن ان کي پيار ڪرڻ ۾ لڳندو آهي ۔۔۔ ۽ پوري زندگي ان کي وسارڻ ۾ لڳندي آهي۔۔۔
سبق: پنهنجي زندگي ۾ شين کي اهميت نه ڏيو۔۔۔ پر اهميت ڏيو انهن کي جيڪي توهان جي زندگي ۾ آهن۔۔۔