گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جي مهورتي تقريب رپورٽ : محمد سليمان وساڻ ڪراچي جيڪا هاڻي روشنين جي شهر بجاء رت جي راند جي شهر سان سڃاتي وڃي ٿي ان ئي ڪراچيءَ جي عظيم ۽ لافاني ڪردارن تي مشتمل ناليواري محقق ۽ مورخ گل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جي مهورتي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ٿي گذري. هي تاريخي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران شايع ڪرايو ويو آهي. هن پروگرام جي صدارت ڪامريڊ روچي رام ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ڪامريڊ عثمان بلوچ ، ناليوارو ليکڪ ۽ آرڪيالوجسٽ اشتياق انصاري ، پروفيسر سحر امداد ، پروفيسر اعجاز قريشي ، ڊاڪٽر ايوب شيخ شامل هئا. ناليواري ڪالم نگار ۽ آرٽس ڪائونسل جي لوڪ ورثو ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته گل حسن ڪلمتي پنهنجي روين ۾ وڏو سادگي وارو ۽ رواجي ماڻهو آهي پر تحقيق، تخليق ۽ تخيل ۾ هو هڪ وڏو ماڻهو آهي، جنهن ڪراچي سنڌ جي ماروي لکي پنهنجو نالو سنڌ جي چوٽي جي ليکڪن ۽ تاريخدانن ۾ لکايو آهي. هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 25 ڪردار پنهنجي پاڻ ۾ ادارن جي حيثيت ۾ موجود آهن، اهي ڪردار اڻوسرندڙ آهن ۽ اهي ادارن جا خالق آهن. هن قادو مڪراني جهڙي گمنام ڪردارن کي اسان اڳيان آڻي وڏو ڪم ڪيو آهي. پروفيسر سحر امداد چيو ته اسانجي تاريخ جو سفر تمام ڏکوئيندڙ آهي هن ڪتاب ۾ ڪراچي جي 25 حقيقي هيرن جهڙن ڪردارن بابت تمام محنت سان معلومات جمع ڪري ڪراچي جي تاريخ کي ميسارجڻ کان بچايو آهي. هن چيو ته گل حسن ڪلمتي جي پنهنجي ماتر ڀومي ڪراچي سان عشق لاء ڪنهن به دليل ۽ حوالي جي ضرورت ناهي، ڇو ته سندس تحريرن ۽ سوچن جو محور ئي ڪراچي آهي. نامياري آرڪيالوجسٽ ۽ ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو تاريخي الميو آهي ته اسانجي سموري تاريخ ڌارين جي لکيل يا وري رنگين داستانن سان ڀريل آهي، اها تاريخ درٻاري ۽ مذهبي شيدائين جي مذهب جي پويترتا ۾ ويڙهيل ۽ نجومين جي ڳالهين سان ڀريل ڪٿائن کان علاوه ڪجهه به ناهي. اسان اڃان به پنهنجي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. اهڙي تاريخ لکيل آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، ٻيو الميو اهو آهي ته اسانجي ادارن، ليکڪن، دانشورن ، محققن ۽ يونيورسٽين به انهن ڪوڙين تاريخن بابت ڪنهن به قسم جي ڇنڊ ڇاڻ ناهي ڪئي. اڄ به اسان جا قلم مصلحتن جي مورچن ۾ لڪيل آهن. ڪير به اهو سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته جڏهن نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ته ميان نور محمد ڪلهوڙو ڀڳوڙو ٿي لاڙڪاڻي مان ٿر ۾ وڃي ڇو لڪيو ۽ نادر شاهه کي ٻه ڪروڙ ڏنڊ ۽ ويهه لک ساليانو خراج ڏيئي پنهنجي جان بچائي. جيڪڏهن اهي ئي پئسا پنهنجي ماڻهن ۽ سنڌ جي بچاءُ لاءِ استعمال ڪري ها ته اڄ اسان اهڙا ڏينهن نه ڏسون ها. هن چيو ته اسانجي دور ۾ بدر ابڙو ۽ گل حسن ڪلمتي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي تاريخ کي نئين انداز سان لکڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته گل حسن ڪلمتي هي ڪردار ۽ انهن تي ڪتاب لکي، تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ ڪراچي کي واپس ورايو آهي. پورهيت اڳواڻ عثمان بلوچ چيو ته گڏاپ ۽ لياري جي عام ماڻهن سنڌ جي تاريخ کي ورجائن شروع ڪيو آهي اها اسان لاء اتساهه واري خبر آهي. لکڻ وارو طبقاتي طور تي اسان مان ئي آهي هن وڌيڪ چيو ته ڌاريا جڏهن به ايندا آهن ته مقامي ماڻهن جي ماضي، انهن جي تاريخ، انهن جي ماڳن ۽ مڪانن کي بدلائيندا آهن. گل حسن ڪلمتي محقق ۽ وسيع سوچ رکندڙ عام ماڻهو آهي جنهن اسان جي ماضي ۽ تاريخ کي بچائڻ لاءِ جنگ جوٽي آهي، هو کاهوڙي ماڻهو آهي جنهن جي ڪم سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گل حسن ڪلمتي ڪراچي جي تاريخ جي سڀني ڪردارن، جيڪي مختلف مذهبن سان واسطو رکن ٿا، سڀني کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي، جن ڪراچي ۽ سنڌ لاء جاکوڙ ڪئي. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڪامريڊ روچي رام پنهنجي جواني جي دور جي ڪراچي جا قصا ٻڌايا ۽ چيو ته ڪراچي کي ماروي جيان قيد ڪيو ويو آهي پر گل حسن ڪلمتي ان ڪراچي جي تاريخ ورجائي ان کي آزاد ڪرايو آهي. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، تنهنڪري ڪراچي اسان جي ئي رهندي نه اسان کان ڪراچي ويندي ۽ نه ئي سنڌ ويندي. گل حسن ڪلمتي سڀني دوستن جا ٿورا مڃيا جن کيس هن ڪتاب تي همٿايو. هن چيو ته ڪراچي جي انهن تاريخي ڪردارن تي لکڻ لاء کيس ڪوبه ڪتاب رفرنس طور ڪونه مليو. هن چيو ته سواء سائين جي ايم سيد جي جنم گذاريم جن سين ۽ علي محمد راشدي جي اهي ڏينهن اهي شينهن کانسواء ٻي ڪابه تاريخ موجود ڪانه هئي. هن چيو ته کيس ان لاء ميونسپل جو پراڻو رڪارڊ، پراڻيون اخبارون ۽ ذڪر ڪيل شخصيتن جي وارثن سان رابطو ڪرڻو پيو. هن چيو ته هي ڪتابي سلسلو پنجن جلدن تي مشتمل آهي ۽ 100 کان وڌيڪ شخصيتون شامل آهن. هن چيو ته هو ان کانسواء ڪراچي جي تاريخي عمارتن، محلن ڍنڍن ۽ ڍورن تي به ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي رخمان گل پالاري، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ڊاڪٽر اسحاق انصاري به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام دوران ڪتاب جي مهورت به ڪئي وئي ۽ ان موقعي تيِ گل حسن ڪلمتي کي انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ اشتياق انصاري سندس تاريخي ڪم تي لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو. هن تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض حنيف ٻگهيو ادا ڪيا جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ مان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ادب دوست ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ اشتياق انصاري، گُل حسن ڪلمتي کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ پيش ڪندي۔ ليکڪ گُل حسن ڪلمتي سان گڏ
روزانه سڪار جي ادبي صفحي ڏات ۾ 2 مئي 2013 تي ڇپيل روزانه ڪاوش جي هفتيوار مئگزين ڪاوش دنيا ۾ 5 مئي 2013 تي ڇپيل
نوجوان محقق گل حسن ڪلمتيءَ جا روشنيءَ ۾ آندلڪراچي جا لافاني ڪردار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔رکيل مورائي ڪنهن به تقراري بحث ۾ پوڻ کان سواءِ منهنجو شعوري سچ اهو آهي ته سنڌي پڙهندڙن ۽ عام سنڌي ماڻهن توڻي غير سنڌين آڏو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪراچيءَ تي سنڌين جي وارثيءَ واري حق جو دستاويز جنهن شخص/ليکڪ لکت ۾ آندو آهي ۽ سنڌي زبان ۾ آندو آهي، ان محقق ليکڪ جو نالو گل حسن ڪلمتي آهي. سنڌي ماڻهو خاص طور پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو ۽ انهن کان به خاص طور ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو گل حسن ڪلمتيءَ جو هو احسان وسارڻ چاهيندا تڏهن به وساري نه سگهندا، ا ڳالهه ۾ شڪ جي گنجائش نه آهي. تاريخ جي اڄوڪي بد ترين دور ۾، جڏهن ڪراچيءَ ۾ پناهه وٺندڙ هڪ طرف اها دعوا ڪري رهيا آهن ته ڪراچي هنن ٺاهي آهي ۽ عالمي طور جڏهن ڪراچيءَ کي وڌيڪ ٺاهڻ جو ناٽڪ زور شور سان جاري آهي، ان وقت ۾ گل حسن ڪلمتيءَ جو هڪ ٻيو دستاويز سامهون اچڻ هڪ اهڙو اعتبار وارو داستان آهي، جيڪو 60 سالن ۾ هڪ تهذيب جوڙيندڙ هجڻ جو هوڪو ڏيندڙن لاءِ لکت ۾ جواب آهي ۽ ساڳئي وقت ۾ سنڌين لاءِ اهو اعتماد پيدا ڪندڙ آهي ته پڪ سان هو ئي هن شهر جا خالق به آهن ته ان کي اڏيندڙ ۽ اهم بنائڻ وارا به آهن ۽ انهن ڪراچيءَ کي اڏيندڙن ۾ جيڪي اهم شخص آهن، انهن جو رڪارڊ آهي هيءُ دستاويز جنهن جو نالو آهي. ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“! هي اهي ڪردار آهن جن سچ پچ ڪراچيءَ کي روشنين جو شهر بڻايو، تهذيب جو شهر بڻايو، عالمي واپار جي منڊي بڻايو، امن جو ۽ محبتن جو شهر بڻايو، جنهن جو مثال 1948ع واري فساد کان اڳ تاريخ ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به مذهبي، لساني، جهيڙي جو مثال نٿو ملي. ميرن کان سيٺ درياني مل جو ورتل هيءُ بندر 1947 ع تائين ايشيا جي راڻيءَ طور مشهور هئو ۽ ان کان پوءِ مسلسل هن شهر ۾ ماڙيون ته ٺهنديون ويون، پر هيءُ شهر تهذيبي طور ڊهندو رهيو. گل حسن ڪلمتيءَ جو هيءُ ڪتاب اسان جي لاءِ ڪراچي جي حوالي ۾ هڪ قانوني اٿارٽي به آهي ته تاريخي حوالو به، ته هن شهر کي اڏيندڙ فقط ئي فقط سنڌي آهي. اسين جمشيد مهتا توڙي هاشم گذر ۽ ٻين پارسين ۽ هند کي به سنڌي سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ کي اڏيندڙ ۽ ان جي اڏاوت ۾ حصيدار لکيل ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ جيڪي ڪردار آهن انهن سڀني کي هن شهر جو محسن مڃيون ٿا ۽ اهو ڪليم ڪريون ٿا ته هيءُ اسان اڏيو، وڌايو ويجها آهي. ان ڪري هيءَ شهر اسان جو آهي فقط اسان جو. هن شهر ۾ ٻيا پناهه وٺندڙ سڀ هن شهر جي شهري هجڻ جو حق ته رکن ٿا پر هن شهر جي وارثيءَ جو ڪو به حق نٿا رکن. اها وارثي فقط سنڌين وٽ آهي، اڄ ڀلي اُهي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا هجن. گل حسن جي هن ڪتاب ۾ آيل اهي 25 ئي ڪردار اسان جا ۽ ڪراچيءَ جا محسن آهن. گل حسن ڪراچيءَ سنڌ جي مارئيءَ کان پوءِ هيءُ اهم ڪتاب لکي سچ پچ اسان کي جيڪو اعتماد ڏياريو آهي. اهو تاريخ جي اڄوڪي دور ۾ اسان کي ڀرپور اتساهه ڏئي ٿو ۽ ان مايوسيءَ کي گهٽائي ٿو جيڪا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ ويڳاڻپ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. سنڌ حڪومت کي ۽ ان جي تعليم کاتي ۾ جيڪڏهن هن ڪا به پنهنجي ديس جي ۽ ان جي هن مرڪزي شهر جي شناس آهي ته هن ڪتاب کي نصاب ۾ شامل ڪري. ائين ڪرڻ سان سنڌي جي ايندڙ نسلن ۾ اهو اعتماد پيدا ٿيندو ته هي شهر اسان جو آهي. هن تاريخي دستاويزي ڪتاب کي اسان جي دوست ۽ محنتي پبلشر انعام عباسيءَ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو آهي. هن ڪتاب کان پوءِ اسان جي گهر هوندي ته گل حسن هن ڪتاب کان رهجي ويل ڪردار ٻئي حصي ۾ جلدي آڻي ته جيئن تاريخ جي هن ويڳاڻپ واري دور ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي وڌيڪ اعتماد ۽ ويساهه سان اهو چئي سگهن ته ڪراچي اسان جي آهي. پڪي جلد سان لاجواب ڇپيل، ناياب تصويرن سان سينگاريل، پوڻن ٽن سون صحفن واري هن ڪتاب جو ملهه 600 رپيا آهي، جيتوڻيڪ عام پڙهندڙ لاءِ اداري پاران عام ايڊيشن جو ملهه 350 رپيا رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سڀني لئبريرين ۾ موجود ڪري ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي اها اسان سنڌين جي گهر آهي.