سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوروجيڪو محبت امن ۽ سڪون جي سڃاڻپ هو،جنهن ۾سنڌالاجي ميوزم،ماروي گرلس هاسٽِل، آرٽس فيڪلٽِيءَ جي يو ڪِلپٽس جا ڊ گها وڻ علامـ آء آء قاضي ۽ سندس ونئ جو مقبروسنڌ يونيورسٽِيءَ جي سوُنهن هُئا.جِتي گهڻين ئي محبت جي ڪهاڻين جنم ورتوجتان گهڻن ئي اديبن دانِشورن،سياسي توڙي سماجيوڏين وڏين شخصيتُن پنهنجي زند گِيُن کي نوان موڙ ڏنا.پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تـ اُنهن سنڌ يونورسٽيءَ مان حاصل تـ گهڻو ڪجهـ ڪيو پر ڏئي ڪجهـ نـ سگهيا.هراُن شخص جنهن سنڌ يونيورسٽي مان گهڻو ڪجهـ پرايو تِنهن کي فقط پنهنجي عهدي،پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زندگئ سا سروڪار رهيو.۽ اسان جي سنڌ يونيورسٽي هِڪ يتيم ٻار جيان تنها رُلي وئي.ايترين ٽن وڏين يونيورسٽين جن ۾ مهراڻ يونيورسٽي،لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي پڻ شامل آهن.هاڻي اچون ٿا يونيورسٽي ڪالوني جي حالاتن تي، ڪالوني ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن تي ،جيڪي شايد گهٽ ماڻهن جي ڄاڻ ۾ هوندا. يونيورسٽِي ڪالوني ۾ رهندڙ اُهي ماڻهو جِن جو سنڌ يونورسٽِي سان ڪو بـ تعلق ناهي پر هو ڪئي سالن کان اِتي رهي رهيا آهن.ڪي پنهنجن چاچن جي ڪري ڪي پنهنجن مامن جي ۽ ڪي وري دوستيءَ ۾.۽ ڪجهـ اِهڙا ماڻهو جيڪي سنڌ يونورسٽي ۾ ملازم هوندي بـ ٻين جي گهرن ۾ ڪئي سالن کان رهن پيا جِن کي ڪيترن ئي مسلئن کي مُنهن ڏيئڻو ٿو پوي.اُنهن جي گهرن جون درخواستون يونيورسٽي انتظاميـ جي دفترن ۾ رکيل الماريُن ۾ دزجي ويون آهن.پر ڇو تـ سنڌ يونيورسٽيءَ جي واڳ هاڻي ڪِنهن جي هٿ ۾ آهي اِها خبر اڄ تائين نـ پئجي سگهي آهي.يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف گروپس جا تضاداد ئي ايترا آهن جو ڪو عام ڪالوني رهواسي سوءَ ڀيرا سوچي آخر چُپ ڪري ويهي ٿو رهي.ڇوتـ هر انتظاميـ جو ماڻهو کيس اِهو چئي موٽائي ٿو تـ ڏسون ٿا واڳ ڪِنهن کي ٿي مِلي تِنهن کان پوءَ اچجو.۽ ڪالوني رهواسي هميشـ جيان نا اميدي پنهنجي اکين ۾ کڻي گهر موٽي ٿو.وري اچون ٿا سنڌ يونيورسٽي ۾ سيد پناهـ علي شاهـ(ماڊل اسڪول) جِنهن ۾ ڪئي سالن کان ملازمت ڪندڙ ماسترياڻين کي سينيئر هئڻ جي باوجود بـ گريڊ نـ ڏنا ويا آهن.جڏهن تـ چند مهينن ۾ ايندڙ نئيُن ماسترياڻيُن کي سڌو چوڏهين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي.جِن کي ٺيڪ طرح سان پاڻ کي پڙهڻ نٿو اچي اُنهن جي حوالي ايندڙ نئي نسل کي ڪيو ويو آهي.ڇا اِهو ظلم ناهي.اِن جي جوابداري ڪِنهن تي آهي؟۽ وري وڏي ۾ وڏو ظلم تـ اِهو آهي تـ جيڪي سينيئر ماسترياڻيون آهن تِن کي پنهنجي حق لا ڳالهائڻ جي اجازت بـ ناهي ٻي صورت ۾ سندن نوڪري خطري ۾،يا وري اسڪول انتظاميـ جي ٻـ اکائي،اُنهن جا بدلجندڙ رويا.هاڻي اچون ٿا تـ اسان جي سنڌ يونورسٽي ڪالوني کي اڄ تائين شهر جي نالي سان نٿو سڃاتو وڃياُن کي فقط هِڪ علائقو سڏيو وڃي ٿو.۽ سڃاڻپ آهي ڄامشورو ڦاٽڪ جيڪو ايترن سالن کان پوءَ بـ اُهڙو ئي آهي جهڙو ڪئي سال پهرين هو.ڪِنهن وقت ۾ هِتي امُن هوندو هو پر هاڻي ڪو تحفظ ناهي رهيو ڏينهن ڏٺي جو ڪالونئ مان موٽر سائيڪلُن جي ڦُر،گهرن مان ڦُر،۽ رستي ويندڙن کان موبائيلس جي ڦر عام ٿي وئي آهي. حيدرآباد کان پري رهندڙن جي دِلي خواهئش هوندي هُئي تـ پنهنجو گهرڄامشوري جي پُرسُڪوُن علائقي ۾ ٺهرائڻو آهي.ڇو تـ اُتي سموريون وڏيون يونيورسٽيون ويجهيون آهن، پر هاڻي اُنهن جا ڄامشورو ۾ رهندڙ مِٽ مائٽ ئي کين ڄامشوري ۾ رهڻ کان روڪين ٿا.اِهو چئي تـ هاڻِي ڄامشوري جا حالات پهرين جهڙا نـ رهيا آهن.ڇا اِهو الميو نـ آهي؟اُن سنڌ يونيورسٽِي ڪالوني ڄامشوري جنهن ۾ ماڻهن کي گهرن کي تالا يا در بند ڪرڻ جي سوچ ئي نـ هئي،رات جو سنڌالاجي ميوزم کان وٺي آرٽس فيڪلٽي تائين مرد توڙي عورتون ،يونيورسٽي جا شاگردشاگردياڻيون،واڪ ڪندا هئا بنا ڪِنهن خوف حراس جي.۽ هاڻي سنڌ يونيورسٽِي جا روڊ رستا رات جو اٺين کان پوءَ مڪليءَ جي قبرستان جو ڏيک ٿا ڏين سنسان ويران خاموش . اڄ اُن سنڌ يونورسٽي ۾رات جو تـ ڇا پر ڏينهن جو بـ ماڻهو پنهنجي گهرن کي اندران بند رکن ٿا.۽ شام جو ڇهين وڳي کان پوءَ آرٽس فيڪلٽي جا روڊ رستا،ماري هاسٽل جا روڊ رستا سُنسان نظر ايندا.اِن جو ڇا سبب آهي؟اِنهن سڀنين ڳالهين جو زميوار ڪير آهي؟۽ جي اگر ڪو آهي تـ اُن تائين پهچڻ ڪيئن ممڪن آهي؟اِهي اُهي سوال آهن جِن جو جواب ڪِنهن کان وٺجي؟
اسين سنڌي پنهجي قوم پنهجي مستقبل جا دشمن بنجندا پيا وڃون،رهندڙ اسين ،ڦريندڙ اسين ،ڦرجندڙ اسين، پر يقين ڪريو انهن سڀن جي پٺيان پاڪستان جي ايجنسين جو ڪمال آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان اسان کي پست ڪرڻ ۾ مشغول آهن، گزريل 35 سالن کان هي جنريشن بيروزگاري سان وڙهي رهي آهي ،۽ هاڻي انهن لاء آسان روزگار لاقانونيت جي کلي اجازت ملڻ جي ڪري چوري ،ڦر، ۽ دلالي رهي آهي،جيڪي سرڪاري ڪارندا ڪرائي رهيا آهن ،۽ اسان رات وچ۾ امير ٿيڻ جي جستجو رکندڙ پنهجو گهر ڦري خوش ٿي رهيا آهيون، هنن پنهجا مستقل ماڻهو پيدا ڪري ڇڏيا آهن جيڪي اسان لاء هر اداري هر جڳه تي آزار جو سبب بنجن ٿا، اسان جي قومي ٻڌي ۽ سڃاڻپ اسان کي بچائي سگهي ٿي ، اسان پنهجا سڃاڻُون ۽ قوم ۽ وطن کي داغدار ڪندڙن جي پرک رکون ته اسان بچي سگهون ٿا،نه ته سوچيو ايندڙ 10سالن ۾ ڇا ٿيندو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟