انسان جڏهن شڪاري طور تي شڪار ڪندو هو، تنهن زماني ۾ عورت ڏوٿي ۽ مرد آهيڙي هئا. مرد جو ڪم شڪار ڪرڻ ۽ عورت جو ڪم ٻارن کي پالڻ ۽ ميوا گڏ ڪرڻ هو، سندن زندگي قبيلائي هئي. رهڻي ڪهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان هئي، جنهن سبب کين شڪار، ميوا ۽ پاڻي آسانيءَ سان سندن جيئندان لاءِ ملندا هئا. بايولاجيڪلي مرد جي جسم جي بيهڪ سخت انهيءَ ڪارڻ آهي جو هو شڪار ڊوڙندي ڪندو هو، سندس ڪلها، ڇاتي، نراڙ، پيرن جون کڙيون انهيءَ ڪارڻ سخت آهن، عورت جو ڪم صرف ٻارن جي پالتنا سان گڏ پاڻي، ميوا گڏ ڪري رکڻ هو، سندس حصي جو ڪم سخت پورهئي وارو نه هئڻ ڪري سندس جسم جي بيهڪ نازڪ رهي، تنهن ڪري مرد جسماني طور تي عورت کان وڌيڪ سگهارو آهي. دنيا جي نامياري سماجي، اقتصاديات جو ماهر فيڊرڪ اينگلس جي مطابق دنيا ۾ سڀ کان پهرين ڪابه شيءِ ذاتي ملڪيت نه بڻي، جيڪڏهن بڻي ته اها عورت ئي هئي. تهذيب جي دور ۾ عورت کي وڏي طبقي جي ماڻهن گهر تائين بند ڪري رکيو ۽ ننڍي طبقي جي ماڻهن عورت سان گڏ ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪيو. مجبور عورتون جن جا مائٽ، مڙس ڪن حادثن جو شڪار ٿيندا هئا ته انهن عورتن کي ناچڻيون بڻايو ويو. بادشاهن جي دور ۾ هندستان جي ۽ ٻين ملڪن جي هڪ هڪ بادشاهه 7 سئو کان 15 سئو عورتن سان شاديون ڪندا هئا. گهڻن بادشاهن خوشحال قومن تي حملا ڪري انهن قومن جون عورتون پاڻ سان کنيون. جنگين جو سبب پڻ عورت رهي آهي. يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ واري دور کان پوءِ برطانيه، فرانس، پرتوگال، جاپان وغيره سامونڊي رستن ذريعي نون ملڪن جي دريافت ڪري بيٺڪيتن جو راج قائم ڪيو. انهيءَ دور کان 19 هين صدي تائين حاڪم ملڪ مظلوم بيٺڪيتن جي عورتن کي غلام ڪري خريد ڪري ٻي هنڌ تي وڪرو ڪندا هئا. 1940ع کان پوءِ قومن جون آزاديون تسليم ڪيون ويون ۽ بيٺڪيتي راج ختم ٿيو. تنهن کان پوءِ سماجي طور تي حالت اها آهي جو عورت کي خوبصورتيءَ جي حوالي سان وڏي عزت ڏٺو ويندو هو. ليڊي ڊائنا جي موت اهو ثابت ڪيو ته دنيا جي بادشاهن، وزيراعظمن، صدرن کين گلدستا ۽ وڏي ڏک جو اظهار ڪيو. گهڻن ملڪن ۾ ان ڏينهن دوران سندس موت ڪارڻ اسڪول، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ آفيسن ۾ موڪلون ڪيون ويون، جڏهن ته هتي ڪا عورت ڪاري ڪئي ماري وڃي ته ان جو افسوس ڪرڻ بجاءِ خوشيءَ جو اظهار سر عام ڪيو ويندو آهي. ڄڻ ليڊي ڊائنا عورت هجي باقي عورتون نه هجن. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ڇا اتي عورتن کي پنهنجا حق ڏئي سگهيا آهيون، تاريخ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عورت زرعي ايجاد جو ٿنڀ بڻي ته ان جي حيثيت مرد جي ڀيٽ ۾ اهميت لائق بڻجي وئي، جنهن کي مرد پنهنجي مخصوص نفسيات ۽ عمل ذريعي ڪمزور ڪري ڪن سماجي ۽ فطري مجبورين جي بهاني سان گهر ۾ محدود ڪيو، تڏهن عورتن لاءِ ذاتي ملڪيت جو تصور اڀري آيو ۽ جڏهن عورت ذاتي ملڪيت تصور ڪئي وئي ته ان جي عمل جي پسند ۽ ناپسندگي جو اختيار مرد پنهنجي حوالي ڪيو، تڏهن عورت جي جذباتي اظهار تي غلاماڻي سوچ مسلط ٿي وئي، جيڪا اڪثر ڪري جاگيرداري سماج ۾ موجود هوندي آهي. جيتوڻيڪ هاڻي دور تبديل ٿي چڪو آهي. ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عورتن ۽ شهري علائقن ۾ رهندڙ عورتن جي زندگي گذارڻ جا معيار تبديل ٿي چڪا آهن، يعني هڪ ئي عورت ٻن قسمن جي طرز زندگيءَ تي گذري رهي آهي، پوءِ به سمورين عورتن لاءِ غلاماڻي سوچ جا پهرا هڻي نه سگهيا آهن، شهري عورت جيڪا چاهي ٿي ته سندس معيار زندگي بهتر کان بهتر ٿئي ۽ هو مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي خواهش آهي. ڇاڪاڻ ته هو سوچي ٿي ته جيڪو مرد ڪري سگهي ٿو اهو عورت به ڪري سگهي ٿي، اڳ عورتن جي آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ کي سٺو نه سمجهيو ويندو هو پر هاڻي اين جي اوز سميت مختلف خانگي ادارن ۾ عورتن پنهنجي صلاحيتن کي مڃائي ورتو آهي، پر هڪ عورت کي گهر کان آفيس تائين پهچڻ ۽ آفيس کان گهر تائين پهچڻ تائين ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان تي ڪنهن سنجيدگي سان نه سوچيو هوندو. ساڳي عورت جيڪا ورڪنگ وومين آهي ۽ هو چاهي ٿي ته نوڪري ڪري پنهنجي گهر جون حالتون بهتر ڪري ته پوءِ هن کي پورو وقت جدوجهد ۾ وقف ڪرڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن ورڪنگ وومين ٿئي ٿي ته کيس ورڪنگ وومين سان گڏ گهريلو عورت به رهڻو پوي ٿو، يعني ڪا نوڪري ڪندڙ عورت پنهنجي گهر جو به ڪم ڪندي ۽ آفيس جو ڪم به ڪندي يعني هن لاءِ ڪم ڪرڻ جو وقت ڊبل ٿي ويو هو، مرد جي ڀيٽ ۾ وڏو ڪم ڪري ٿي، پر ساڳي جاءِ تي کيس مرد کان وڌيڪ تڪليفن جو منهن به ڏسڻو پوي ٿو، گهر کان آفيس تائين وڃڻ لاءِ کيس ماڻهن جون سوين ڳالهيون ٻڌڻيون پون ٿيون، آفيس پهچڻ کانپوءِ کيس آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مردن جي روين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر پوءِ به هو پنهنجي اٽل ارادي سان پنهنجي مقصد تحت ڪم ڪندي رهي ٿي، پر اهڙن مسئلن جي ڪري ڪيترين ئي عورتن کي نوڪريون ڇڏي گهرن تائين محدود ٿيڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ زرعي دور کانپوءِ غلاماڻه دور ۾ پير رکندي ئي عورت جي سرڪشي سان مرد خلاف مزاحمت جا ثبوت اڄ به موجود آهن، جن کي هاڻي عورت جي هار سينگار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نٿ، بولو، پازيب وغيره اڄڪلهه ڀلي عورت جي هار سينگار ۾ شامل هجن، پر جڏهن عورت زرعي دور جي پڄاڻي ۽ غلامي جي دور جي شروعات ۾ غلامي کان انڪار ڪندي ارڏائي اختيار ڪئي تڏهن کيس نٿ، بولو، پازيب ذريعي قابو ڪيو ويو، جن صدين کانپوءِ هار سينگار جو روپ اختيار ڪيو، پر تاريخ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته نٿ، بولو ۽ پازيب عورت جي سرڪشي کي غلاميءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي نشاني آهي. عورت جي عظمت جي شاهد اسان جا رومانوي داستان به آهن، پر جڏهن عورت ڪمزور ۽ هيڻي بڻائي وئي تڏهن ذاتي ملڪيت جي سوچ جي غلام بڻجي وئي ۽ صدين جو سفر طئي ڪرڻ باوجود اڄ به اها غلاميءَ ۾ ڀوڳيندي پئي اچي. خانداني، قبيلائي ۽ رشتيداري جي اثر هيٺ جاگيرداري نظام ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح اڄ به عورت ذاتي ملڪيت تصور ڪئي ٿي وڃي ۽ اها ملڪيت غيرت شان شوڪت ۽ لڄ جي نفسيات جو شڪار ٿي غلاميءَ جي دائري ۾ ڀوڳي رهي آهي ۽ شايد صدين تائين ڀوڳيندي رهي، اهو ئي سبب آهي جو هن مرداڻي معاشري ۾ ۽ جاگيرداراڻي نفسيات واري سماج ۾ عورت جو به انهيءَ ذاتي ملڪيت جي تصور هيٺ ڪاري جي بهاني عورتن جي زندگين جا رابيل ڪومايا وڃن ٿا، پر انهيءَ نفسياتي جي اونداهي ۾ به هوءَ پنهنجي جذبات جي اظهار کان ڪاري نه رهي آهي، جنهن جو مثال شائسته عالماڻي وارو ڪيس به آهي، جيڪا جاگيرداري واري سماج سان بغاوت ڪري پنهنجي پريمي سان ٻاهر نڪتي. سنڌ ۾ عورتن کي حق ملڻ ته ڇا پر ڪن هنڌن تي ته مرد پنهنجي ذاتي قبيلائي دشمنين جي گهاٽ تي ڪارو ڪاري جي رسم بهاني معصوم عورت کي موت جي ننڊ سمهاريو ڇڏين، جنهن کي نهايت گندي انسانيت سوز ۽ نيچ حرڪت ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. چيو ويندو آهي ته هر مرد جي ڪاميابي جي پويان ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي، اها چوڻي ڪنهن مرد مفڪر جي آهي ته پوءِ مردن جي معاشري ۾ سڀ تعنا ۽ تهمتون عورتن لاءِ ئي ڇو گهڙيل آهن. دنيا جي سمورن بزرگن، پيرن، مرشدن ۽ ولين ۾ ڀلي ڪٿي به عورت جي ڳڻپ نه ڪئي وڃي پر انهيءَ حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهندو ته انهن سمورين هستين وري به انهيءَ عورت جي ئي ڪک مان جنم ورتو آهي. هن معاشري ۾ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ محبوبا جي روپ ۾ عورتن جي رشتن کي سامهون رکي اهو سوچون ته ڇا اسان ماءُ کي پنهنجا حق ڏئي سگهيا آهيون، ڀيڻ کي پنهنجي ڀيڻ جهڙا حق ڏئي سگهيا آهيون يا ڌي کي پيءُ جهڙو پيار ڏئي سگهيا آهيون؟ انسانيت جي تقدس جي پائمالي ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڳوٺ رتوديرو ڀرسان انهن عورتن کي ڪارين جي قبرستان نالي علائقي ۾ بنا ڪفن دفن ڪيل عورتن سان ٿيل آهي، جن جي قبرن کي ڏسڻ به مرد گناهه سمجهندا آهن. سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ سجاڳي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن پر صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته عورت مظلوميت جي علامت بڻجندي پئي وڃي، مون کي هڪ شاعره جو همت ڀريو شعر ياد اچي ٿو ته: معلوم اٿئي هي مرداڻو معاشرو عورت کي ”گونگي گاءِ“ جي روپ ۾ ڏسڻ قبوليندو آ پر مون کي زبان هوندي گونگي بڻجي جيون گهارڻ قطئي قبول ناهي جڏهن خدا مون کي زبان ڳالهائڻ لاءِ ڏني آهي پوءِ ماٺ ڇو رهان...؟ هر ستم صبر ڪري ڇو سهان آئون گونگي ناهيان...!! بلڪل اهڙي طرح هن دور جي عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ ڳالهائڻو پوندو.
بلڪل اهڙي طرح هن دور جي عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ ڳالهائڻو پوندو. بلڪل انهن کي ڳالهائڻ گهرجي ۔۔۔۔ عطيه دائود، عرفانه ملاح۔ رخسانه پريت ۽ عرفانه ملاح به انهن مان ئي آهن، جن عورت جي مسئلن تي نه صرف ڳالهايو آهي پر ڀرپور ڳالهايو آهي۔