مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ۽ اڄ جي صورتحال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ۽ اڄ جي صورتحال



    مزدورن جو 127هون ڏهاڙو انتهائي ٻرندڙ ۽ بحران واري ڪيفيت ۾ اڄ ملهايو وڃي پيو .وڃي شڪاگو “ مان جنم وٺندڙ اجرتن جي بهتري جي تحريڪ هاڻي سرمائيداري جي وجود کي هميشه لاءِ دفن ڪندڙ تحريڪ بڻجي چڪي آهي ،پورهيت طبقي جي هيءُ تحريڪ انسان جي اجتمائي خوشحالي ۽ دنيا کي واحد امن جو مورچو بڻجي چڪي آهي .،ڇو ته سرمائداري ءَ پنهنجي وجود سان ئي انسانن ۾ نفرتون بک، بيماري ،بيروزگاري ،ماحولياتي تباهي ،وهندڙرت ۽ هيءُ سموريون جنگيون ورهاست جي بنياد تي آهن سرمائيداري جا بنياد ان جي عبارت آهن .
    ڏٺو وڃي اڄ به ماضي وانگر سموري دنيا سرمائيداري جو بحران گهرو ٿيندو وڃي پيو ۽ ان جا سماجي معاشي ۽ سياسي اثر هر خطي تي مرتب ٿي رهيا آهن يورپ ۽ اتر امريڪا جا ملڪن کي سرسي طورتي جڏهن ته خاص طور تي يورپ جي ملڪن اٽلي ،اسپين ،پرتگال ،يونان قبرص جهڙا ملڪ سخت بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن ،
    پوئين صدي صدي جي سڀ وڌيڪ سامراجي و سرمائيداري جا منصوبا يعني يورپي يونين جو ڳٺ جوڙ ۽ سندن بقا خطري ۾ پئجي وئي آهي .هن معاشي بحران جا اثر ترقي پزير صنعتي ملڪن مان نڪري ايشيا ،آفريڪا، ۽ لاطيني آمريڪا جي معيشتن ٻئي طرف موجودهه سماج ۾ وڌندڙ ٽڪراءُ معاشي ترقي جي ابتري کي جنم ڏئي رهيا آهن ڪمزور ۽ دم ٽوڙيندڙ معيشتون هر اچڻ واري ڏينهنوڌيڪ نون بحرانن کي جنم ڏئي رهيا آهن .اڃان هڪ مسئلي کان ڇوٽڪارو ملي نه ٿو ته ان اڳ ۾ هڪ نئون مسئلو پهرين وڌيڪ پنهنجي طاقت ۾ ڪر جي شڪل ۾ سامهون اچي وڃي ٿو ڪنهن چوڻي مطابق ” مرض وڌندو ئي ويو جيئن جيئن دوا ڪئيسين“سرمائيدارا يداري جو وڌندڙ بحران ان مرض ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو وڃي ٿو .جنهن نتيجي ۾ ڪيترا ئي نوان ناسور مرض جنم وٺندا رهن ٿا .
    ان بحرانن کان نجات ڏيارڻ لاءِ سرمائيدار ملڪن پاران جنگين کي هٿي وٺرائڻ پٺ تي پيل ملڪن تي جوهري حملا ڪرائڻ هڪ منطق وارو طريقو آهي مطلب ته اسان ڏسون ٿا آمريڪا جي اڳواڻي ۾ صنعتي ملڪن غريب عوام تي هڪ نه ختم ٿيندڙ اعلانيه ۽ غير اعلانيه ٽين بين الاقوامي جنگ طويل عرصي کا جوٽيو بيٺو آهي قومن جي معدنيات خاص طور تي قدرتي وسيلا ۽ علائقن۾ طاقت جي زور تي قبضا هاڻي ڪاب لڪل ڳالهه نه آهي آمريڪا، يورپ ۽ هاڻي چين ڪٿي گڏيل رضامندي ۽ ڪٿي اڪيل قوت جي زور تي ايشيا جي ٻين ملڪن خصوصي طورتي آفريڪا جي جا قيمتي وسيلن مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آهي .
    ان معاشي غلامي خلاف هلندڙ تحريڪ کي روڪڻ لاءِ پوري کنڊ ۾ نسلي ،گروهي ۽ مذهبي تعصب کي هوا ڏني وڃي پئي .هن خطڀي ۾ مضبوط حڪومتون ۽ سندن معاشي صورتحال تمام گهڻي مضبوط هئي .
    انهن ۾ مقابلو ڪرڻ جي تمام وڏي سگهه هئي انهن کي ڏا ۽ ڏر ذريعي ڪمزور ڪيو ويو جهڙي ريت ڪانگو ،صوماليه ،عراق ۽ لبيا ۾ ڪيو ويو . خليج جون رياستون آمريڪي ڪيٽي بڻجي چڪيون آهن .ترقي ۾ پڻ آمريڪا جا فوجي اڏا موجو آهن وچ ايشيا جي دولت سڌي طرح سامراجي ملن جي قبضي ۾ آهي .افغانستان جي عوامي انقلاب کي رت ۾ ونهنجاريو ويو هاڻي هيءُ ملڪ ٻه ڊزن ملڪن جي قيادت ڪندي آمريڪا جي قبضي ۾ اچي چڪو آهي .اهو ئي سڀ هاڻي ايران ،شام ۽ اتر ڪوريا لاءِ سوچو وڃي پيو . ايشيا ،آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ شامل اڪثر ملڪن جي معيشت مڪمل طور تي بين الا اقوامي سرمائيداراڻي نظام سان ڳنڍجي چڪي آهي .
    سرمائيداري جي مرڪزي طور تي ڪرڻ جي ڪري انهن ملڪن جي معيشت تباهي طرف وڃي رهي آهي .بحرانن نئين طرف سفر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي .ان جو اظهار پاڻ خود پاڪستان جي معاشي بحران مان لڳائي سگهجي ٿو .اگر اسان وٽ حاضر صورتحال جو جائزو ورتو وڃي مشرف دور کان وٺي اڄ جڏهن نيون چونڊون ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهيون ان معاشي پاليسين جو تسلسل آهي .جن جي بنياد صرف ئي صرف ورلڊ بينڪ جي ايجنڊا هيٺ تيرا ٺهندڙ معاشي پاليسي ئي بنياد آهن. اهڙين پاليسين عوامي زندگي ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه نه آهي اهڙن عملن اهڙا نتيجا اچڻ جي پهريا ئي پڪ هئي .
    پوئين سال ٻوڏ ۽ مينهوڳي پاران پيدا ڪيل تباهي هارين جي حالت کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي انهن جي لاءِ جاگيردارن کي قرض جي واپسي هڪ تمام وڏو مسئلو بڻجي ويو پاڪستان ۾ صنعتي مزدور هجي يا هاري ڏٺو وڃي ته شڪاگو واري مزدور کان به وڌيڪ ڪمزور حالت ۾ آهي ڪم جا وقت طئي ٿيل نه آهن .سندن کي ملندڙ معاوضو نه هجڻ جي برابر آهي .مشينن ۾ واڌاري سبب هن وقت ملڪ جي اندر مزدورن لاءِ حالتون نهايت ئي غير محفوظ ۽ غير انساني آهن . سال 2012 ع ۾ ڪراچي جي گامينڙ فيڪٽري ۾ لڳل باهه ۾ سڙندڙ پورهيتن جي شهادتون هڪ ڏکوئيدڙ صورتحال طرف متوجه ڪري ٿي .
    ملڪ جي تمام وڏي صنعتي شهر ۾ مزدورن جي حيثيت هڪ جديد غلام کان به وڌيڪ نه آهي .جيڪو هر قسم جي بنيادي حقن کان محروم هجي .
    صنعتي ۽ مالياتي ادارن ۾ مزدورن جي معاشي حقن سان گڏو گڏ سياسي ۽ آئيني حق به غضب ٿيل آهن جنهن جو پورائو بين الا اقوامي ليبر قانون جي تحت حاصل هجڻ گهرجن .غير قانوني ٺيڪيداري نظام اڌ مُئل مزدور تحريڪ جيپٺ ۾ هڪ زهريلي خنجر جو واڌارو ڪيو آهي .ان سموري سياسي صورتحال ۾ اگر ناميارن سياسي پارٽين جي منشور جو جائزو ورتو وڃي واضح طورتي نظر ايندو سمورين پارٽين گڏوگڏ پ پ ،مسلم ليگ (ن) ،تحريڪ اڻصاف ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پبلڪ سيڪٽر جي ادارن ۾ بهتري جي جي قدمن کي تويز ڪرڻ جي بجاءِ نجڪاري جو اعلان ڪيو آهي .انهن سمورين اقتداري پارٽين غير منضم شعبي جي ڪروڙين مزدورن خصوصي طورتي زرعي مزدور، گهر مزدور عورتن کي ليبر قانون جي دائري ۾ آڻڻ کان مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي .اهو ئي سمورو ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف( جيڪي تبديلي جو% 98 عوام جي آواز هجڻ جون دعوا دار آهن .انهن گهٽ گهت پورهيتن جي پگهارن کي به پنهنجي منشور جو حصو بڻائڻ به گوارا نه سمجهيو هڪ اهم مسعلو مطلب ڪم ڪرڻ واري جڳهه تي سيفٽي ڏيڻ واري عمل کان به نابري واري .جڏهن بنگلا ديش ۾ اهڙا مسئلا سامهون اچن ٿا ته پوءِ هتان جي سياسي پارٽين کي عملي طور تي ان تي سوچي ILO جي چارٽر واري منشور152، 161، 187کي نظر ۾ رکندي ان جي قانون سازي ڪرڻ گهرجي .
    مسلم ليگ (ن) جيڪا ملڪ قانون ، حڪمراني انصاف جي ڳالهه ڪري ٿي .ان پنهنجي 116 صفحن تي مبني منشور ۾ مزدورن سان لاڳاپيل پنهنجي پاليسي ۾ صرف 12ننڍڙن سطرن کي شامل ڪيو آهي .ان عمل منجهان اندازو ۽ سندس مزدور دلچسپي لڳائي سگهجي ٿي . اها ئي حالت تحريڪ انصاف جي منشور جي پڻ آهي جنهن مزدور دشمني جو کليل ثبوت ڏيندي زهر پياڪ ٺيڪيداري نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي .تبديلي وارو نعرو لڳائيدڙ جماعت زرعي سڌارن جي باري ۾ خاموشي اختيار ڪئي آهي جڏهن ته مزدورن جي پينشن کي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ انويسٽ ڪرڻ جو اعلان مزدورن جي سموري زندگي جي پونجي کي سرمائيدارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي .هيءُ پارٽي پنهنجي منشور ۾ ليبر انسپيڪشن ،فيڪٽرين جي رجسٽريشن ،،گهٽ ۾ گهٽ پگهار ڪم جا وقت ، منافعي ۾ مزدورن جو حصو ۽ يوني سازي جي بنيادي حقن خاموش آهن .هن جماعت اسيملبي ۾ مزدورن جي نماعندگي جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ڪيو آهي .جڏهن ته تحريڪ انصاف KESC ،HBL،ABL
    ،UBL، ۽ ٻين ڪيرن ئي بجلي ڪمپنين جي نجڪاري جي طريقي تي تنقيد ڪئي مگر ان جي حل لاءِ ڪوبه الٽرنيٽ نه ڏنو آهي .بلقه پي ٽي آئي نجڪاري جو ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تجويز پيش ڪري مزدور دشمن هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي .
    ايم ڪيو ايم تمام وڏي عرصي کان حڪومت جو حصو رهي آهي ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي اتان جي نمائندگي جي دعوادار پڻ آهي مگر جنهن بدترين ازيت منجهان ڪراچي جو مزدور گذري رهيو آهي اها جماعت ان سموري روئداد تي خاموش رهي آهي اهو ئي ساڳيو سندس منشور مان ظاهر ٿئي ٿو جنهن ۾ روايتي ۽ رسمي طورتي مزدورن جي مسئلي تي ڳالهايو ويو آهي ۽ مزدورن جي مسئلن جي حوالي سان سکڻا دعوا اهي آهن جيڪي قانون پهريان ئي موجود آهن جنهن سان هن جماعت جو منشور مرتب ڪرڻ وارن جو مزدور قانونن سان لاتعلقي نظر اچي پئي .انهن صنعتي يونٽس ۾ مانيٽرنگ بورڊ ٺاهڻ ، ،منسب اجرتن جا ڊهانچا ،هيلٿ انشورنس ، اولڊ ايج بينيفٽس ،معذوري جي پينشن جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا پهريان ئي مجود آهي .هن پارٽي پگهار جي باري ۾ خاموشي اختيار ڪئي آهي .ڪي اي سي ۽ پيٽي سي ايل جي نجڪاري تي هن پارٽي جي طرز عمل ثابت ڪيو ته هيءُ به مزدور دشمني ۾ ٻين جماعتن سان گڏ بيٺي آهي غير منضم شعبي جي باري ۾ ڪروڙين مزدورن جي لاءِ قانوني هقن تي خاموشي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته هيءُ جماعت به STATIS QUE جي پارٽي آهي ۽ هن نظام کي تقويت ڏيڻ چاهي ٿي .
    پيپلز پارٽيءَ پنهنجي منشور ۾ مزدورن جي بهتري لا کوڙ سارا اعلان ڪيا آهن مگر هن جماعت جي واعدن تي يقين ڪرڻ جي گنجائش نه آهي ان لاءِ ته پوئين پنجن سالن جي قيادت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون م حڪومتون رهيون جڏهن ته خيبر پختون خواهه م هيءُ اهم اتحادي جي رهيا ۽ اي تمام وڏو عرصو هيءُ جماعت پنجاب ۾ گڏيل سيٽ اپ رهي مگر هيءُ ڪٿي به مزدور جي لاءِ ڪابه تبديلي نه ڪري سگهي ۽ ناڪام رهي .اڄ جڏهن ساڄي ڌر جون دوست پارٽيون عوام ۾ پذيرائي حاصل ڪريون آهن .ان جو تما وڏو سبب پ پ جو پويون دور آهي جنهن مزدورن ۽ هارين کي نقصان ڏنو .انهن جي زندگي کان خوشي جي هر اميد ڦري ورتي .اها صورتحام ٻين سمورين پارٽين جي اهن ڪروڙن جي تعداد ۾ مزدورن جي لاءِ پنهنجو نقطو واصح ناهي ڪيو اگر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏٺو وڃي ته انهن جماعتن جي ڪنهن به اشتهار منجهان مزدرون جي ڀلائي جو ڪو خاڪو نظر نه ٿو اچي .
    هيءُ ڪنهن تماشي کان گهٽ نه آهي ان سمورين پارٽين اهڙن خاندانن ۽ انهن جي فردن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن جن جو تعلق جاگيردارن،پيرن ۽ نوابن سان آهي ائين لڳي ٿو ان پارٽين جي اڪثريت قيادت ان طبقي تي مشتمل آهي .جيڪي فيڪٽرين ڪارخانن ،زمينن،۽ وسيلن تي قبض آهن .
    ڇا آصف زرداري ،نواز شريف مولانا فضل رحمن ،اسند يار ولي الطاف حسين ۽ عمران خان سميت ٻين پارٽي جا اڳواڻ جيڪي مزدورن جي ووٽ سان اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا .پنهنجي پارٽي ۾ موجودهه زرعي ايراضي ۽ صنعتي ادارن جا مالڪ ،پارٽي ادارن ۽ ٽڪيٽ هولڊرس جي باري ۾ نٿا ڄاڻن ته انهن جي صنعتي ادارن ۽ زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ ڪروڙين پورهيت پنهنجا بنيادي جمهوري حق يعني تنظيم سازي جا ۽ ضروري اجرت ۽ قانونني اوقات ڪار کان محروم آهن جمهوريت ۾ بنيادي مزدور يعني هارپو ڪندڙ پورهيت پنهنجي حق کان پري آهي ته ڇا سماجي جمهوري قدر حقيقي معني ۾ پلجي سگهن ٿا .
    هيءُ به هڪ سچي حقيقت آهي ته پورهيتن جي بنيادي جمهوري حقن کي پائمال ڪرڻ ان پارٽين جي مقامي اڳواڻ ئي نه پر ان جا مٿيا عهديدار ڪمان ڪندڙ آهن ته پوءِ پورهيت طبقي لاءِ سنجيدگي سو سوچڻ وارو دور اچي ويو آهي اهڙيون پارٽيون جن جا منشور پورهتين جي حقن لاءِ خاموش آهن ۽ انهن جا نمائندا عملي طورتي خود پورهيت طبقي جا حق غضب ڪرڻ ۾ مصروف آهن ته ڇا قتدار ۾ اچي مزدور ۽ کي بنيادي حق ڏئي سگهندا ؟ ۽ ملڪ ۾ ڪنهن قسم جي سماجي تبديلي جو باعث بڻجي سگهن ٿا ؟ هيءُ هاڻي ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته انهن جي ڏکن تي مرهم رکڻ واري دعوا ڪندڙ ئي سندن اهڙي حالت جا ذميوار آهن ان جي بنيادي وجهه به پيداوار جي ذريعا آهن (فيڪٽرين ڪارخانا، زرعي زمين) ان حڪمران خاندان جي نجي ملڪيت آهي .ان ڪروِڙن جي ملڪيت جي زور تي ڪروڙي مزدورن ، هارين مازمن جي گڏيل محنت سان پنهنجي دولت ۾ هر وقت واڌارو ڪندا آهن .ان ئي دلوت منجهان پنهنجو فيڪٽريون ،زرعي زمينون ۽ ٻيون ملڪيتون ٺهيندا آهن .ان سموري لٽيل سرمائي جي حفاظت لاءِ سياسي پارٽيون بڻائيندا آهن . عوام جي نالي ۾ عوام تي قابظ ٿيندا آهن انهن کان ڇوٽڪاري جو واحد ذريعو فيڪٽرين ،ڪارخانن ،زمينن ۾ ڪم ڪندڙ ڪروڙين مزدور ،هاري مازمن کي خود پنهنجي طبقاتي تنظيمن يعني مزدور تنظيمن هاري ڪميٽين ،ملامن جو ايسوسي ايشن ۽ ٻين تنظيمون منظم ڪري ۽ پوءِ ملڪي سطح تي پنهنجي تنظيم ٺاهين جيڪا پيداوار جي ذريعن ۽ اجتمائي ملڪيت جي تحريڪ جي شروعات ڪن .
    انساني حياتيات جي بقا ۽ سرمائي تي انساني محنت جي برتري 1886 ع ۾ شڪاگو جي پورهيتن جي لهو سان جاري ٿيندڙ تحريڪ اڄ نئين جوش جذبي سان اربين انسان جي هڪ نئين اميد ٿي اڀري رهي آهي جنهن جي خوشبو مسلسل باشعور جدوججهد منجهان پيدا ٿيندي .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    کستور نه ڪا مشڪ نه امبر ۾ ملي ٿي
    پورهيت جي پگهر مان اها سرهاڻ اچي ٿي
    استاد بخاري
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اسانوٽ ته ڪھ ڪهان لڳي پئي آ ، پورهيتن کي حقارت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو ، انهن جا حق عضب ڪيا وڃن ٿا ! پر ڪير آ جو انهي جو تدارڪ ڪري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو