خبر آهي ته پوري ملڪ مان پي سي بي کي ڪو اهڙو بالر نه ملي سگهيو جنهن 100 ميل (لڳ ڀڳ 150 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي حساب سان بال اڇلايو هجي۔۔۔ آخر ڪار شرط کي ختم ڪندي اهو رکيو ويو ته جيڪو سڀ کان وڌيڪ اسپيڊ سان بال کي اڇلائي سو ڪنگ آف اسپيڊ۔۔۔
ميدان مچيو ۽ چار بالر چونڊيا ويا پر واضح برتري حاصل ڪئي ايبٽ آباد جي ساڍن ڇهن فٽن جي قداور احمد جمال ۔۔ جنهن جو بال 145 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي اسپيڊ ثابت ڪري ويو۔۔۔
ميدان مچيو ۽ چار بالر چونڊيا ويا پر واضح برتري حاصل ڪئي ايبٽ آباد جي ساڍن ڇهن فٽن جي قداور احمد جمال ۔۔ جنهن جو بال 145 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي اسپيڊ ثابت ڪري ويو۔۔۔
همراه ته ان ڳالهه تي بغليون وڄائڻ لڳو ته کيس قومي ٽيم ۾ چونڊيو ويو۔۔۔ پر انڌي کي ٻي اک ملي ته ان کي وڌيڪ ڇا کپي۔۔۔ جي ها احمد جمال کي يوفون طرفان 10 لک روپيا نقد انعام ڏنو ويو۔۔۔