• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبيلنڪ جي اشتهار ۾ صدر زرداري جي تذليل....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
موبيلنڪ پنهنجي فيس بوڪ پيج تي موجود موبي ڪيش اشتهار ۾ صدر زرداري سان عجيب قسم جي مسخري ڪئي وئي آهي۔۔ جتي هڪ وڊيو جنهن ۾ موبي ڪيش جو اشتهار ڏيکاريندي اڪائونٽ حاصل ڪرڻ جو طريقي ڪار ٻڌايو ويو آهي۔۔ ان وڊيو ۾ هڪ شناختي ڪارڊ ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ صدر زرداري جو نالو آهي۔۔
اشتهار کي غور سان ڏسجي ته خبر پوندي ته جناب آصف علي زرداري کي ڪجهه اعتراض جوڳين شين سان ڳنڍيو ويو آهي۔۔ حاضر آهي وڊيو جي اسڪرين شاٽ۔۔۔

2wp5g1f.png

جيتوڻيڪ لکائي گهڻي واضح ناهي پر غور ڪرڻ سان تفصيل ڪجهه هن طرح پيا نظر اچن۔۔۔
نالو: زرداري کپي
جنس: خواجه سرا
والد جو نالو: اڀي تڪ معلوم نهين هو سڪا
شناختي علامت: ڪتي جيسا مونه
ڳالهه رڳو ايتري ناهي پر صحيح ڪرڻ واري جاءِ تي ”خانداني ڪنڃر“ ۽ رجسٽرار جي صحيح جي جاءِ تي ”براڪ اوبامه“ لکيل آهي۔۔۔
هن اشتهار جي وڊيو فيس بوڪ پيج تي هن لنڪ ذريعي لڳائي وئي هئي پر هاڻي اتان هٽائي وئي آهي۔۔۔
اسان سنڌ سلامت فورم تي صدر صاحب لاءِ اهڙي زبان نه ٿا لکڻ چاهيون پر حقيقتن کي سامهون آڻڻ چاهيون ٿا ته هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني طرفان صدرِ پاڪستان جي ذات تي حملو هڪ غير مهذب ۽ اخلاق کان ڪريل حرڪت آهي۔۔ هن ڪڌي ڪم ڪير ڪير ملوث آهي اهو ته وقت ٻڌائيندو پر موبيلنڪ جهڙي وڏي ڪمپني کي گهرجي ته هو معاملي جي تحقيق ڪندي کليل معافي نامون وٺي۔۔۔
پر جيڪڏهن ڪو ڏسڻ چاهي ته ساڳي وڊيو هن لنڪ تي پڻ موجود آهي۔۔۔
 
Back
Top