ڇا سيد جلال شاھ صاحب کي پي ايس 47 قاسم آباد تي پنهنجي پارٽي اميدوار کي اياز لطيف پليجي جي حق ۾ دستبردار نه ڪرڻ گھرجي؟ اهڙي طرح اياز لطيف پليجي صاحب سن وڃي پليجا برادري کي سيد جلال شاھ کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل نه ڪرڻ گهرجي ؟ اسان سنڌ واسي سيد جلال شاھ کي اپيل ٿا ڪريو ته هو پي ايس 47 تي اياز لطيف پليجي جي حق ۾ پنهنجي اميد وار لطيف جوڻيجي کي هٿ کڻائي ته جيئن اياز لطيف پليجو ڪامياب ٿئي ، ائين اسان اياز لطيف پليجي کي به درخواست ٿا ڪريو ته اهو به سن وڃي پليجا برادري کي سيد جلال شاھ کي ووت ڏيڻ جي درخواست ڪري ته جيئن ٻئي ڄڻان ڪامياب ٿي اسيمبلي ۾ اچن . اميد ته سيد جلال شاھ اسان سنڌ واسين جي اپيل ورنائيندو ، 10 جماعتي اتحاد به اياز لطيف جي حمايت ڪئي آهي تنهن ڪري اخلاقي طور تي به سيد جلال شاھ پابند آهي ته اهو پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائي جيئن قومي عوامي تحريڪ جو اميدوار سندس هق ۾ هٿ کڻي ويو آهي . سمورا دوست هن معاملي تي اخلاق واري ٻولي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن . ذوالفقار واهوچو
ڏکيو ڪم آهي سائين ۔۔۔ ذاتي انائون ۽ برادريون ڪاڏي وڃن ۔۔۔ مون اڳ به فيسبوڪ تي لکيو هو ته هن اليڪشن ۾ به اسان کي ڪنهن چڱائي جي اميد ناهي