• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي ٽي سي ايل جو هڪ ايم بي اسٽوڊنٽ پيڪيج هاڻي ٻه ايم بي .. ٻن مهينن لاءِ مفت

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته شاگرد ايندڙ ٻن مهينن تائين بغير ڪنهن اضافي چارج جي 2 ايم بي پي ايس جي بهتر رفتار جو لطف ماڻي سگهندا۔۔۔ ان کان اڳ کين وٽ سٽوڊنٽ پيڪيج جي مد ۾ هڪ ايم بي پي ايس انٽرنيٽ موجود هئي۔۔۔
پي ٽي سي ايل جي چوڻ مطابق گذريل سمورا اسٽوڊنٽ پيڪيج پاڻ مرادو هڪ ايم بي مان تبديل ڪندي ٻه ايم بي پر سيڪنڊ جي رفتار تي منتقل ڪيا ويا آهن۔۔۔ جن تي 30 جون تائين ڪابه اضافي چارج نه ورتي ويندي پر پهرين جولائي کان ٻه ايم بي پي ايس جا چارجز 1299 روپيه في مهينو هوندا۔۔
جيڪي شاگرد وڌيڪ چارجز ڏيڻ بجاءِ پراڻو پيڪيج استعمال ڪرڻ گهرن ٿا سي پيشڪش قبول نه ڪرڻ لاءِ 1236 تي ڪال يا student.broadband@ptcl.net.pk تي اي ميل ڪن۔۔۔
 
Back
Top