ڇا شفاف چونڊون ممڪن آهن..؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڇا شفاف چونڊون ممڪن آهن..؟
    چون ٿا هر حال ۾ چونڊون شفاف ٿينديون، پر ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملڪ جي ٻين اهم شهرن جي اها حالت ڏسي ڪهڙو مرد مجاهد چوندو ته چونڊون هرحال ۾ شفاف ٿينديون؟ چونڊ جلسن ۽ چونڊ آفيسن تي حملن ۾ روز ماڻهو مرڻ معمول بڻجي ويو آهي پر اسان جي نگران سرڪار جا ساڳايائي گيت ڳائجن پيا ته چونڊون هر حال ۾ شفاف ٿيڻيون آهن.هڪ ئي وقت ٽن ٽن شهرن ۾ ٽي ٽي ڌماڪا ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، پر هوندي به وڏي سرڪار چوٿي ٿي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، اوهان لاٰءِ ته ملڪ اونڌو ٿئي ته به سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر هتي الميو اهو آهي ته جيڪي به اميدوار ۽ ووٽر آهن انهن لاءِ ڪجهه به ٺيڪ ناهي، جيڪڏهن ڪٿي به ڪا به ڪارنر گڏجاڻي ڪرائي پئي وڃي ته اتي دهشتگردي جو خطرو آهي روز لاش ئي لاش پيا ملن ، پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان سرعام چئلنج ڪري بيٺل آهي پر ان باجود سرڪار سڳوري لاءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.ملڪ جي ڪالهوڪي صورتحال تي ئي نظر ڦيرايو اڄ جون اخباريون ئي گواهه آهي ته ملڪ ڪهڙي صورتحال مان پيو گذري، ڪالهه ڪوهاٽ ويجهو هنگو روڊ تي آزاد اميدوار جي آفيس ويجهو آپگهاتي حملي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، پشاور ۽ صوابي ۾ به ساڳيائي واقعا پيش آيا آهن هڪ ئي ڏينهن تي 12 ماڻهو رڳو چونڊ سرگرمين دوران نشانو بڻيا آهن، خبرون آيون آهن ته طالبان جماعت اسلامي، ف ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ کان سواءِ باقي ٻين سمورين تنظيمن جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.هاڻ جيڪڏهن هنن سرعام اڏي وڏي خطرناڪ ڌمڪي ڏني آهي ته ان باوجود سرڪار سڳوري ڪا به حڪمت عملي جوِڙي نه سگهي آهي، خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته 11 مئي تي وڏي دهشتگردي جا امڪان آهن، سو اهڙي صورتحال کي ڏسندي ڪو به ائين نه ٿو چئي سگهي ته هيءَ چونڊ ڪا صاف ۽ شفاف ٿيندي جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ چونڊون صاف ۽ شفاف نه ته پري جي ڳالهه رڳو ڌانڌلي سان به ٿيون ته اهو عمل ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي.
    هن وقت رڳو خالي بيان بازيون ڪيون پيون وڃن پر جيڪڏهن سرڪار شفاف چونڊن لاءِ ڪا به واضح حڪمت عملي نه جوڙي ۽ 11 مئي تي وڏي خونريزي ٿي ته ان جي ذميوار نگران سرڪار هوندي. تنهنڪري اڳواٽ ئي فوج کي الرٽ ڪري شفاف چونڊن لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙي وڃي ٻي صورت ۾ ملڪي سلامتي کي خطرو به درڪار ٿي سگهي ٿو.
     
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    نه شفاف ذهن نه شفاف ماحول نه شفاف اميدوار،نه شفاف آفيسر،ڪيئن ممڪن آهي ته شفاف اليڪشن ٿئي
    ها شفاف ڌانڌلي جا امڪان چٽآ آهن جن کي شفاف طرح سان ڏسي ته سگهبو پر شفاف نموني سان چئي نه سگهبو ته اهيا ڌانڌلي آهي،
    نتيجه قبول ٿي ويندا ،اگر جي نه به ڪيا ته ڪورٽن جي چڪر ۾ ماڻهن جي زهن تا ڳاله ئي لهي ويندي ڪجهه وقت کانپوء ،
    سڀ ڪجه آهي ته شفاف پوء ڏسڻ وارن جي مرضي آهي
     
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    اھوممڪن ناھي.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو