نظم۔۔۔پرڏيهي ادب مان۔۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن
هڪُ خيالُ مون کي اڪثر پريشان ڪري ٿو:
ته مان وهاڻي تي سرُ رکي مري نه وڃان.
يا تَمام گهڻو آهستي هڪ گُل جيان ايئن ڪومائجي
نه وڃان جو
مُنهنجو سينو ماڪوڙا ۽ ڪيئان چَٽي وڃن.
۽ مان پنهنجي ٽاريءَ تان ڪري پوان.
يا هڪ ويران ڪمري جي روشني
جيڪا اونده ۾ آهون ڀري
اَي خُدا، ڪو ايئن به نه مري
.
مان چاهيان ٿو هڪ وڻُ بڻجي وڃان
۽ آسمان مان وڄُ مون تي اچي ڪري.
يا هڪ ڳوري پهاڙي ڇپَ ٿي وڃان
جيڪا جبلَ تان گجگوڙ ڪندي واديءَ ۾ وڃي ڪري
۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل هر قوم
جڏهن جنگ جي ميدان ۾ لَهي
اُن جي چهري تي ڳاڙهاڻ چڪمي پوي
۽ هٿن جو پرچم هوا ۾ جهولي.
”اسان کي آزاد ٿيڻو آهي“.
۽ اهو ئي آواز اُتر کان ڏکڻ تائين پکڙجي وڃي.....
اُن وقت مان خوشيءَ سان ڀريلُ، ميدانَ ۾ موجود هُجان
۽ مُنهنجي رتُ جو.... آخري ڦُڙو...... اُن زمينَ تي ڪري
۽ مُنهنجو آخري آواز، لوهَ جي آواز ۾ دَٻجي وڃي
پوءِ مُنهنجي لاشَ تي
فاتح فوجن جا گهوڙا ڊوڙَن
۽ اُنهن بهادرن جي ياد ۾ هڪ جلوس نڪري
جيڪي تُنهنجي لاءِ ئي جيا هئا
۽ مُنهنجون هڏيون، اُنهن جي هڏين سان گڏُ، قَبرُن ۾ هُجن
آي سموري دُنيا جي انسانن جي آزادي
جَيڪي تُنهنجي لاءِ ئي مُئا آهن.....

(شان ڊوريتوفي.... هنگريءَ جو شاعر)
 
Back
Top