جواب: هن قانون جي ڪجھ وضاحت ڪيو
سنڌ سلامت فورم جو ڪوبه مذهب يا عقيدو نه آهي۔۔ مان مراد آهي ته سنڌ سلامت ڪنهن خاص مذهب يا عقيدي جي ماڻهن لاءِ نه آهي ۔۔۔۔ ٻين لفظن ۾ هي ڪنهن به قسم جو مذهبي فورم نه آهي ۔۔۔ هتي هر مذهب يا فرقي سان تعلق رکندڙ سنڌي رجسٽريشن ڪرائي سگهي ٿو۔۔۔۔
ادا عظيم جيڪڏهن توهان اڌوري بجائي قانون جي انهي شق کي مڪمل ڪري پڙهو ها ته شايد توهان کي مونجهارو نه ٿئي ها۔۔۔ جيڪا آهي۔۔۔
سنڌ سلامت فورم جو ڪوبه مذهب يا عقيدو نه آهي۔۔ هتي مسلمان ۽ هندو سميت هر مذهب ۽ فرقي يا گروهه جو سنڌي اچي پنهنجي معلومات موڪلي سگهي ٿو۔۔۔
قانون لڳائڻ کان پوءِ قانونن واري موضوع کي ان ڪري ئي بند ڪيو ويو هو ته انتظاميه قانون لڳائي چڪي آهي جنهن تي وڌيڪ کليل بحث نه ٿو ڪري سگهجي ان ڪري وڌيڪ اعتراض جي صورت ۾ توهان سرپرستِ اعلي يا ناچيز کي ذاتي پيغام موڪليو۔۔۔