اڄوڪي ڏينهن پهرين مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: پهرين مئي 1908ع شاعر مرزا همايون بيگ فائق (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.پهرين مئي 1936ع شاعر بهاول خان عاصم جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1940ع ليکڪ قلندر شاهه لڪياري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.پهرين مئي 1940ع محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.پهرين مئي 1947ع مذهبي اسڪالر سيد امير علي شاهه (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.پهرين مئي 1948ع صحافي عبدالقادر ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1949ع ليکڪ ڌڻي بخش پٿر جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1949ع فيروزه سمون جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1951ع ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ جج محمد اسلم شيخ (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1952ع گلوڪار پرڪاش جهروماڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1952ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد مراد جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1952ع ليکڪا ۽ سماجي ڪارڪن انيس ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1957ع ليکڪ الطاف لاکير جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1960ع شاعر رجب علي اظهر جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1960ع سياستدان ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ (فيض گنج) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1961ع سگهڙ امام بخش ڪنگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1962ع صحافي منٺار فقير مڱريو (سانگهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1962ع ليکڪ محمد رفيق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1964ع شاعر عزيز آس جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1966ع ليکڪ حامد چنا (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1966ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار عبدالڪريم شاهه آزاد بخاري (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1969ع شاعر اداسي ڦلجائي جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1971ع شاعر ايوب کوسي جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1973ع شاعر انور ساگر ڪانڌڙو (مورو) جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1976ع شاعر ميهار الهيار جو جنم ڏينهن آهي.پهرين مئي 1984ع شاعر ساگر زرداري (راڌڻ) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين مئي 1934ع صحافي خليق مورائي جو لاڏاڻو ٿيو.پهرين مئي 1982ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مير رسول بخش ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو._______ اڄوڪي ڏينهن پهرين مئي جا ڪجهه اهم واقعا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان_______
پهرين مئي شڪاگو جي شهيدن جي قرباني سبب يوم مئي طور ملهايو وڃي ٿو۔ دنيا جا ڪيترائي ملڪ انساني جانين جي زيان ۽ انسانن جي اسمگلنگ جي ڪاروبار ۾ مشهور رهيا آهن. انهن سرمائيدار ملڪن ۾ خريد ڪيل غلامن کان جسماني پورهيو ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي پاڻ ۾ جانورن وانگر ويڙهائي بادشاهه ۽ سرمائيدار لطف اندوز ٿيندا هئا. انسانيت جي علمبرداري ۽ روشن خيالي جون هامون هڻندڙ آمريڪا ۾ اوڻويهين صدي جي شروعات ۾ جڏهن غريب ملڪن مان اسمگلنگ ٿيل لکين مزدور گڏ ٿيڻ شروع ٿيا ته اتي سرمائيدارن جي ڪاروبار کي سهارو ملڻ لڳو هو. ان وقت سرمائيدارن پاران مزدورن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائيندي مسلسل پورهيو ڪرائي کين صرف زنده رهڻ جيترو اجورو به نه ڏنو ويندو هو، ۽ سرمائيدارن پاران مزدوري جو ڪو به اگهه مقرر ٿيل نه هو. سرمائيدارن جي ستم خلاف آهستي آهستي مزدور متحد ٿيڻ لڳا هئا، ۽ انهن پورهيتن سرمائيدارن جي ظلم خلاف بغاوت جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. جنهن بعد مزدورن کان 24 ڪلاڪن بجاءِ 18 ڪلاڪ پورهيو ڪرايو ويندو هو. 1827ع ۾ مزدورن جي پهرين يونين آمريڪا جي شهر فلڊيلفيا ۾ٺهي. ان پليٽ فارم تان مزدورن جي حقن جي حاصلات لاءِ شاندار جدوجهد هلائي ويئي، ۽ مزدورن جو مطالبو هو ته انهن کان 10 ڪلاڪ ڪم ڪرايو وڃي ۽ مزدوري پڻ مناسب ڏني وڃي. ان کانپوءِ 1834ع ۾ نيويارڪ ۾ هڪ بسڪيٽ ٺاهيندڙ ڪمپني جي پورهيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال ڪئي. انهن مزدورن سان سرمائيدار مالڪن پاران غير انساني سلوڪ ڪندي 18 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو. بعد ۾آمريڪي حڪومت سرڪاري توڙي نجي ملازمن جي ڪم جو وقت 10 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. آمريڪا ۾ سرمائيدار واپارين جي ظلمن خلاف پورهيتن جي جدوجهد ڏسي برطانيه جي ساڍا ٽي لک مزدورن به بغاوت جو اعلان ڪندي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي. ٻئي طرف شڪاگو جا مزدور به اتحاد طرف وڌي رهيا هئا. انهن به سرمائيدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته، انهن کان 8 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي، ۽ جيڪڏهن 8 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ورتو ويو ته ان جو اجورو به ”اور ٽائيم“ جي صورت ۾ ڏنو وڃي. آمريڪي سرڪار مزدورن جو هڪ به جائز مطالبو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي. آمريڪي سرڪار جي اهڙي روش خلاف شڪاگو جي مزدورن پهرين مئي 1886ع تي مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج جو اعلان ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. احتجاج جي شروعات اسٽار ڪمپني جي مزدورن بک هڙتال سان ڪئي. ساڳي ڏينهن ملڪ جا 80 هزار مزدور به بک هڙتال تي ويٺل هئا. ان کانپوءِ مسلسل احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رهيو. سرمائيدار طبقو مزدورن جي تحريڪ کان تمام گهڻو ڊنل هو. پهرين مئي کان پوءِ مسلسل ڇهه ڏينهن تائين ملڪ جي سمورن ڪارخانن جي مزدورن پنهنجو احتجاج جاري رکيو. آمريڪي سرڪار پورهيتن جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا، پر پورهيتن جي ٻڌي ۽ اتحاد تمام گهڻو مضبوط هو ۽ انهن جي دلين ۾ آمريڪي سامراج خلاف سخت نفرت هئي. آمريڪي سرڪار طرفان مزدورن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ 3 مئي تي مزدورن جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ڪرايو ويو، ۽ آمريڪي پوليس پاران شڪاگو جي پورهيتن تي سڌيون گوليون وسايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ تمام گهڻا مزدور شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي پورهيت ٿاڻن ۾ واڙيا ويا. مزدور اڳواڻ ايڊلف فشر، جارج اينجل، البرٽ باستر، آگسٽ اسپاتر کي سري عام ڦاهيون ڏنيون ويون. انڌا ڌند فائرنگ ۾ شهيد ٿيل مزدور جي رت ۾ ڳاڙهي ٿيل قميص کي جڏهن هڪ زخمي مزدور هوا ۾ لهرايو ته اهو رت ۾ ڳاڙهو ٿيل ڪپڙو اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا جي پورهيتن جو ڳاڙهو جهنڊو بڻجي ويو. مزدورن بابت استاد ڪارل مارڪس چيو ته، ”دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو، اوهان وٽ وڃائڻ لاءِ فقط زنجيرون آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا آهي.“ شڪاگو جي پورهيتن جي ان لا زوال قرباني کانپوءِ انهن شهيد پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ 1890ع کان سڄي دنيا ۾ ”يومِ مئي“ ملهائي شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويندو آهي.