ابا منهنجو نالو چاچو چڀڙ خان آهي آئون گنهگار بندو لطيف جي نگري هن سهڻي سنڌڙي ۾ رهندو آهيان پنهنجو ڪم ڪار محنت مزدوري سان آهي جي ڪمايان ته کاوان نه ته بکي پيٽ سمهي ٿا پئون هن رنگي جا رنگ آهن جنهن اوهان کي ۽ اسان کي ملايو ٻچڙا
چاچا اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔۔۔ اوهان جو ئي فورم آهي، چاچا اميد ته اوهان هن سٿ ۾ شامل رهي سنڌي ٻوليء جي انٽرنيٽ تي ترقي ۽ واڌاري لاء ڪوشان رهندا۔
چاچا ڇڀڙ خان اسلام عليڪم چاچا پيرن تي هٿ، ،الله سائين اوهان کي وڏي ڄمار عطا ڪري شل اوهان جي نگهباني اسان جي مٿان قائم ودائم رهي، چاچا ڏاڍي خوشي ٿي جو پاڻهي پرچي پيو ۽ نيٺ ڳولي لڌوَ،ڏسو ته اسان ڪيڏا نه رُلي ويا آهيون ، ڪڻو ڪڻي کان ڌار ٿي ويو آ،نفرتون وڌي ويون آهن برداشت نڪري ويئي آهي ،بس ڏي ته وڻ نه ته لَڏو ئي کڻ وارو ڪم لڳو پيو آهي،هڪ ٻئي سان وڙهي ڍانگا ٿي پيا آهيون پر پيٽ وري به ڪو نه ٿو ڀرجي، چاچا ٻيلي هاڻي ڪا واهر ڪيو ڪا واٽ ڏسيو،اوهان جي اچڻ سان اميدون جاڳي پيون آهن،اوهان جي شفقت ۽ پيار کان سواء اسان به بيڪار آهيون
ابا عتيق مالڪ پنهنجو مِهر ڪندو ابا مان مسڪين اوهان سڀن لاءِ دعاڳو آهيان مان اڻڄاڻ کان جيڪو ٿي سگهندو سو ڪندس ڪي ڪم آهن قادر جي هٿ ۾ اها اوهان سڀ جي محبت آ
اڙي چاچا چڀڙ ٻيلي ڪيڏانهن گُم ٿي ويا هيئو۔۔ٻيلي ايڏي رُسڻ اوهان کي نٿو سونهي۔۔مس مس مليا آهيو۔۔سچ پڇو ته اسان جي مينهون، ڍڳن ۽ ڍورن کي چاريندڙ هڪ ڌنار هيو ان جو نالو چڀڙ خان جوڻيجو هيو۔۔پنج مانيون چانورن جون ويلي تي کائيندو هيو ڏاڍو خير خواهه هيو ويچارو۔۔خبر ناهه هاڻ ڪٿي آهي۔ مان ننڍو هيس تڏهن ئي ويچارو پيرسن هيو۔۔الله پاڪ جنت ۾ جا عطا ڪندس۔ آمين۔۔اوهان کي سنڌ سلامت تي اچن جي ڀليڪار ڪيون ٿا اميد ته هاڻ الڳ نه ٿيندا۔۔سدائين گڏ
چاچا چڀڙ خان اوهان جون دعائون اسان لاء رحمت آهن،اسان به اوهان لاء دعاگو آهيون، اسان جي حال جي ته سڀ خبر اٿو بس ڪو گس ڏسيو ته ڪا چرپر ڪيون،ڪو چنگ چري ته ڳاله ٺهي
دل جي گهرائين سان چاچا سائين اوهان کي هِن فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون الله پاڪ کان دعا آهي ته اوهان کي بيحد خوش ۽ آباد رکي سدائين خوش هجو ۽ هِن فورم لا پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ، سنڌي ٻولي کي روشن ڪندا ۔!
چاچا توهان کي هن پيار ڀرئي فورم تي ڀلي ڪار چئون ٿا اميد تههتي اچڻ اسان لا ۽ سندن لا خوشي جو باعث ثابت ٿيندو