مٽي ان خمير اصل هئي ايتري! ڊاڪٽر ايوب شيخ اڄ ڏکڻ ايشيا جي جمهوري سورمي، لاڙڪاڻي واسي جناب ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جو 82 هون جنم ڏينهن آهي. ايشيا جي ڪيترن ئي سياسي خاندانن جيان هن جو سمورو سياسي خاندان پڻ پنهنجي وطن پاڪستان جي چڱائي لاءِ جنگ وڙهندي وڙهندي مارجي چڪو آهي. جسماني طور ڌار ٿيل ان سورمي جي پارٽي ڪارڪنن سندن خدمتن، عظمتن، جدوجهدن ۽ قربانين جي يادن جي لاٽ کي وس ڪئي وسامڻ نه ڏنو آهي. هو پاڪستان جو پهريون چونڊيل حڪمران هيو، جنهن جي ناحق قتل لاءِ ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ”هن کي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي گڏ ڪرڻ جو جنون هيو، جيڪو سندس قتل جو سبب بڻيو.“ ڪي سببن جي قطار ٻڌائيندي چون ٿا ته ”هو جمهوريت پسند“ هيو يا هو ”سنڌي“ هيو، جنهن ڪري سندس قتل جي راهداري ٺهڻ سولي ٿي پئي هئي. ڪي ڀائين ٿا ته سندس ”عوامي“ هجڻ ئي خراب ثابت ٿيو، ڪي اڃا اڳتي وڌي چون ٿا ته هن ڪجهه ”عوام دشمن جنرلن“ سان ٻه هٿ ڪيا هئا، جيڪا ڳالهه اقتداري سياست جي پروٽوڪول ۾ ”جائز“ نه هئي. بهرحال هو گهڻ پاسائون وڏو ماڻهو هو، ان ڪري سندس مخالف به طرحين طرحين جا هئا ۽ سندس قتل جا سبب به ڀانت ڀانت جا هئا. هڪ صاف سٿرو جمهوريت پسند جنهن پاڪستان جي گهڻ قومي ۽ گهڻ طبقاتي ڪلچر ۾ زنده رهڻ جا نوان نوان تجربا ڪيا هئا، تنهن سڀ کان اڳ شروعات پنهنجي گهر کان ڪري پنهنجي ڏات سان ”چانڊڪا“ جاگيري پرڳڻي جي روين کي لاڙڪاڻي جي روين ۾ بدلائي ڏيکاريو هو. جيڪڏهن جناب ڀٽي کي 1979ع جون عدالتون انصاف جي نالي ۾ قتل نه ڪن ها، ساڻس ناانصافي نه ڪن ها، سندس اهليت ۽ تاريخ سازيءَ ۽ سندس انتهائي تيز رفتار هلندڙ ذهن مان فائدو وٺن ها. هن جي پارٽي ۽ سندس ذاتي وارثن سان انصاف ڪن ها ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان موجود هجن ها ته اڄ به هو جيئرو هجي ها. اڄ پاڪستان جي اها حالت نه هجي ها، اڄ سنڌ ايئن سورن ۾ نه هجي ها. پر شيڪسپيئر چواڻي ته ”جيڪڏهن خواهشون گهوڙا هجن ها ته اسان سڀ ان تي سواري ڪريون ها.“ اڄ سندس جنم ڏينهن جو 82 هون نشان آهي، جڏهن ته سندس قتل کي 31 سال پورا ٿيڻ وارا آهن. ان حساب سان پاڪستان کي 31 سال هڪ اهڙي سياستدان کان محروم ڪيو ويو، جيڪو نج پج پاڪستاني جمهوريت جو پيدا ڪندڙ، ان جو آئين خلقيندڙ ۽ عوام جي خدمت جو اهم ۽ عظيم مثال ٺاهيندڙ حڪمران ۽ ليڊر هو. سندس ڦاهي ”جيئي ڀٽو“ کي ميساري نه سگهي آهي ۽ عوام جي زبان ”ضيا جا حامي سڀ حرامي“ کان اڳتي نه وڌي سگهي آهي. جناب ڀٽو سياسي اڳواڻ ئي نه هو، ڪتابن جو ليکڪ هو، بهترين تقرير ڪندڙ هو، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڳالهائي سگهندو هو، تيز رفتار هو، کيس وقت جي تيزي سان گذري وڃڻ جو شديد احساس هو. هن وقت جي تيزيءَ سان پنهنجا قدم ملائڻ چاهيا، هن جو خيال هو ته ”بيوقوف وڏيرا“ ۽ ”نالائق چوڌري“ سندس ”ها ۾ ها“ ملائيندا رهندا، هنن کي پاڻ سان گڏ رکي انهن جي وڏيرائپ ۽ چوڌراهٽ جو نقصان ڪري سگهندو. هن ان سلسلي ۾ ملڪ جي ”گونگي ۽ ٻوڙي عوام“ کي زبان ڏني، هن غريبن کي اهو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ”غربت عوام جي نصيب ۾ لکيل ڪونهي. هن پنهنجي جادوءَ سان لکين ڪروڙين ماڻهن جا انبوهه ساڻ ڪري ورتا، پر انهن جي ”ڪانگريس“ ٺاهي نه سگهيو. هن جي تيز رفتاري سبب ۽ سندس گهڻ طرفي جدوجهد جي ڪري هو پنهنجي چوڌاري انبوهه ٿيل ماڻهن کي هڪ اداري جي شڪل ڏئي نه سگهيو. ان ڪري سندس پيدا ڪيل سياسي پارٽي تاريخ جي اهم ترين موڙن تي ۽ نازڪ ڏاڪن تي هڪ انبوهه جي حالت ۾ موجود هجي ٿي. ”جيئي....جيئي“ ڪري ٿي پر جڏهن به عدالتون يا آمريتون تياري ڪن ٿيون ته انهن جو اڪيلو ٽارگيٽ عوام جي انبوهه ۾ موجود سندن ليڊر هجي ٿو، ان جو نالو جناب ڀٽو به هجي ٿو، سندس فرزند به، ته سندس نياڻي شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير به. ان ڪري اڄ پاڪستان ۾ اهو جائزو عام حالت ۾ هر ماڻهوءَ جي ذهن تي چٽجي ويو آهي ته ”جيڪڏهن ڀٽو صاحب پنهنجي سياست کي اداري ۾ بدلائڻ جو ڪم ڪري وڃي ها ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان موجود هئا ته عدالتون کيس قتل ڪرائڻ جي سازش ۾ حصو نه وٺن ها.“ سو، پيپلزپارٽي جي هڪ وڏي ڪمزوري 31 سالن کان اسان جي سامهون آهي، جنهن کي ٻين جملن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته ”هن پارٽي پاڻ کي انڊين ڪانگريس وانگر بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.“ عوام ڀٽي صاحب کي ڪيئن ڏسي ٿو؟ هڪ ڏينهن بي بي سي جو عيوضي وسعت الله خان گلگت ۾ پنهنجي دوست جي گهر اندر ويو. اتي ٻه تصويرون لڳل هيون، هڪ ان گهر جي بزرگ جي ۽ ٻي ڀٽي صاحب جي. ٻنهي مٿان گلن جا هار پيل هيا. هن گهر ڌڻين کان پڇيو ته ”هڪ ته سندن بزرگ آهي، اوهان ان تي گلن جا هار وجهي ڇڏيا آهن، پر ٻي تصوير ته اوهان جي بزرگ جي ناهي، پوءِ ان تي گلن جو هار ڇو؟“ تنهن تي سندس دوست چيو ته ”ڀٽو صاحب اسان پاڻ نه ڏٺو، پر امان ٻڌائي ٿي ته هو گلگت ۾ آيو هو ۽ ڪنهن ليڊر جو سندن زمين تي اچڻ تمام وڏي ڳالهه هئي، اسان ان مرتبي سان سندس عزت ڪريون ٿا.“ 1976ع ۾ ڀٽو صاحب قمبر جي جناح باغ ۾ ”کلي ڪچهري“ تي آيو. اسان اسڪولي ٻارن جي حيثيت ۾ ڀٽي صاحب جي قمبر ۾ اچڻ جي ڪري پاڪستان جي جهنڊن واريون سايون جهنڊيون لوڏيندا جناح باغ ۾ آياسين. ڀٽو صاحب، سندس پارٽي جا مقامي ۽ ضلعي توڙي صوبائي عهديدار ساڻس گڏ اسٽيج تي ويٺا هئا. ان زماني ۾ اسان کي ”کلي ڪچهري“ جو مقصد سمجهه ۾ نه آيو هو، پر ان کلي ڪچهري جو مقصد اهو هوندو هو ته عوام جي حاڪمن کان جيڪي ڳالهيون پري ڪيون وڃن ٿيون، سي سندن نمائيندا پاڻ ٻڌن، عوام سندن سامهون تقرير ڪري، جنهن جي ساراهه ڪري يا ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪري، ان آزادي جو نالو هوندو هو ”کلي ڪچهري.“ اوچتو ماڻهن جي انبوهه مان اسانجي ڊرائنگ ٽيچر مرحوم سائين مقبول قادري کيس چيو ”ڀٽا صاحب تنهنجي دور ۾ ههڙو ظلم....“ اهي جملا سندس ڪنن تي پيا ئي مس ته پوليس ۽ ڪامورن جو گڏيل اتحاد جنبش ۾ اچي ويو هو. لٺيون اڀيون ٿي ويون. ڀٽو صاحب درخواستن تي حڪم جاري ڪرڻ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي مائيڪ تي آيو ته سڀ خاموش ٿي ويا....”ان کي اچڻ ڏيو....“ ڀٽو صاحب مائيڪ وٽ بيٺو رهيو. مرحوم قادري اسٽيج تي آيو، ڀٽي صاحب سندس نالو ۽ نوڪري پڇي، مائيڪ سندس حوالي ڪري ڇڏيو. مرحوم مقبول قادري پنهنجي تقرير ۾ ان دور جي ميونسپل چيف آفيسر، ڪامورن ۽ ٻين جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. قمبر جو عوام جمهريون پائي نچڻ لڳو. ڀٽو صاحب وري مائيڪ تي آيو....”ماستر! ڳالهه ٻڌ....عوام کان پڇئون ٿا ته ڪير سچو؟ عوام يڪ آواز چيو ته ”ماستر سچو....“ڀٽي صاحب اعلان ڪيو ته پوءِ چيف آفيسر ۽ مختيار ڪارن جي نوڪري وئي....وئي.“ شام جو چيف آفيسر جا دوست وڏيرا ۽ ٻيا ڪامورا ”چانهه پارٽي“ تي ڀٽي صاحب وٽ بخشش لاءِ آيا. هن صاف لفظن ۾ کين چيو ته“ هاڻي فيصلو ماستر ڪندو....هو بخشيندو ته مونکي اعتراض ناهي.“ اڄ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سنڌي عوام ۾ هڪڙو خيال هي پيدا ٿي رهيو آهي ته سياسي پارٽين کي ڇڏي ڏجي ته هو پنهنجي تقدير ۽ تدبير جا فيصلا ڪن ته به ٺيڪ، نه به ڪن ته به هاڻي کين ڪا گهڻي ڳڻتي ڪانهي. اها آهي لاتعلقي يا ”سياسي خودڪشي.“ ان جو هڪ وڏو سبب پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ سنڌين جا ليڊر مسلسل قتل ٿيڻ پڻ آهي. پير صبغت الله پير پاڳاري شهيد کان ويندي الله بخش سومري شهيد، قائد اعظم کان قائد عوام تائين جي قتلن، شهيد نذير عباسي، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد فاضل راهو، مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جا قتل گذريل 70 سالن ۾ سنڌين کان ليڊر کسڻ ۽ کين بي واهه ڪرڻ جي خطرناڪ ڪوششون آهن. ٻيو سبب هي آهي ته اسان جون سياسي پارٽيون ”سياسي ادارا“ نه ٺهي سگهيون آهن. عام ۽ غيرمعياري روين، غير فطري ۽ نعري باز سياست، ماڊرن خيالن ۽ تصورن سان ٺهڪي هلڻ جي ڪري سنڌي عوام ۾ هڪ وڏو ”سياسي خال” پيدا ٿي رهيو آهي. پيپلزپارٽي جيئن ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، تنهن وٽ اهو خيال بالغ ٿيو آهي ته ”هنن جو ڪير به وار ونگو نه ڪندو.“ عوام ۾ هڪڙي سهمتي راءِ هيءَ آهي ته ليڊرشپ جي قتلام سبب ان پارٽي کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به هو اهم نٿا سمجهن. محترمه جي قتل سان پاڪستان جا سمورا ادارا هڪ ٻئي سان ”ٺڪ....ٺڪ“ واري حالت ۾ آهن. اڃا تائين صدر آصف علي زرداري بنگلاديش وانگر ”منظور“ ۽ ”نامنظور“ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. سندس خلاف مخصوص ميڊيا ٽرائل زورن تي آهي. اهڙي حالت ۾ ليڊرشپ جو زنده هجڻ نه رڳو بهتر آهي، پر ضروري آهي. ملڪ جا سمورا رجعت پرست گذريل 60 سالن کان جيئرا آهن ۽ سنڌين جا ستر ورهين کان ليڊر ڪسبا آيا آهن. ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون آهن، سي پنهنجي اندر ۾ هڪ منظم حساب سان پنهنجا پنهنجا ”سياسي ادارا“ ٺاهين. ماڊرن ٽيڪنڪ وسيلي پنهنجون تنظيمون ۽ پارٽيون اڳتي آڻين. هي نعرن جو جهان ناهي، هي سائنس ۽ دليل جو جهان آهي. جيئن اسان ڀٽو صاحب نعرن سان نه بچائي سگهيا آهيون، تيئن پاڪستان ۽ سنڌ به نعرن سان نه بچي سگهندا. جناب ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي وڏي سياستدان جي جنم ڏينهن تي جي سندس پارٽي ان باري ۾ هڪ پير اڳتي وڌايو ته جمهوريت دشمنن جا ٻه پير پاڻمرادو پوئتي هٽي ويندا. پر جيڪڏهن حال ساڳو رهيو ته پوءِ ڪنهن دوست چواڻي: نه سوچ بدلي، نه حال بدليو، رڳو ڪئيلنڊر جو سال بدليو! روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: مٽي ان خمير اصل هئي ايتري! (شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگره جي حوالي سان) ادا سلطان احمد اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان سنڌ جي عظيم ليڊر متعلق هي ڄاڻ شيئر ڪئي ۔
جواب: مٽي ان خمير اصل هئي ايتري! (شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگره جي حوالي سان) سائين ڀٽو صاحب پاڪستان جي سياست ۽ جمهوريت تان وڏيرن ۽ جاگيردارن جو راڄ ختم ڪري ڪارڪنن ۽ عوام کي ان ميدان ۾ اڳتي وڌايو نه ته عوام کي سندن حقن جي باري ۾ ڪهڙي خبر هئي،،؟