باغي عليم
سينيئر رڪن
ڪالهه منهنجي سالگرهه هئي
مونکي ڪنهن به گُل ڪونه آڇيا
مون سان ڪا به شام نه ملهائي وئي
منهنجي لئه ڪا به سرڪاري يا غير سرڪاري
تقريب نه ٿي ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
ڇو ته آئون پورهيت هئس۔۔
منهنجي هٿن ۾ مزدوري سبب گاٺون پيل هيون
مون سان ڪا به شام نه ملهائي وئي
( آئون پاڻ شام جو مخالف آهيان ڇو ته شام کان پوء
رات ايندي آهي،آئون روشنين جو عادي آهيان
آڌيء جو نه)
ڇو ته منهنجا گٽر جهڙن خيالن سان ڀريل
ڪجهه ڪتاب به مارڪيٽ ۾ نه آيل هئا۔
هونئن به اسان جهڙن مزدورن جي نه ئي سالگرهه
ٿيندي آهي ۽ نه ئي ورسي۔۔
اسان جي رڳو مرڻ جي خبر ڳوٺ جي مسجد جي
لائوڊ تان اعلان ذريعي ٿيندي آهي۔۔۔
منهنجي سالگرهه ان ڪري نه ملهائي وئي
ڇو ته آئون مٽيء جو ماڻهو هئس
اڄ جي هن سڌريل دور ۾ مٽيء جي ڪا به اهميت ناهي
ها پر۔۔۔۔۔
اسان مٽيء جي ماڻهن وٽ
مٽيء جو ڪو مُلهه ئي ناهي۔۔
مٽي عزت مٽي دولت
مٽي سڀ ڪجهه آهي۔۔۔
ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي ؟؟؟؟؟
مزدور جو جنم به مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ٿيو۔۔
مونکي ڪنهن به گُل ڪونه آڇيا
مون سان ڪا به شام نه ملهائي وئي
منهنجي لئه ڪا به سرڪاري يا غير سرڪاري
تقريب نه ٿي ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
ڇو ته آئون پورهيت هئس۔۔
منهنجي هٿن ۾ مزدوري سبب گاٺون پيل هيون
مون سان ڪا به شام نه ملهائي وئي
( آئون پاڻ شام جو مخالف آهيان ڇو ته شام کان پوء
رات ايندي آهي،آئون روشنين جو عادي آهيان
آڌيء جو نه)
ڇو ته منهنجا گٽر جهڙن خيالن سان ڀريل
ڪجهه ڪتاب به مارڪيٽ ۾ نه آيل هئا۔
هونئن به اسان جهڙن مزدورن جي نه ئي سالگرهه
ٿيندي آهي ۽ نه ئي ورسي۔۔
اسان جي رڳو مرڻ جي خبر ڳوٺ جي مسجد جي
لائوڊ تان اعلان ذريعي ٿيندي آهي۔۔۔
منهنجي سالگرهه ان ڪري نه ملهائي وئي
ڇو ته آئون مٽيء جو ماڻهو هئس
اڄ جي هن سڌريل دور ۾ مٽيء جي ڪا به اهميت ناهي
ها پر۔۔۔۔۔
اسان مٽيء جي ماڻهن وٽ
مٽيء جو ڪو مُلهه ئي ناهي۔۔
مٽي عزت مٽي دولت
مٽي سڀ ڪجهه آهي۔۔۔
ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي ؟؟؟؟؟
مزدور جو جنم به مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ٿيو۔۔