پي ٽي سي ايل هڪ دفعو وري ايوو ٽيب متعارف ڪرائي ڇڏيو...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    2011 ۾ ايوو ٽيب متعارف ڪرائڻ کان پوءِ پي ٽي سي ايل هڪ دفعو وري ايوو ٽيب جي نمائش ڪئي آهي ۔۔ پهرين جي مقابلي ۾ هن دفعي واري ايوو ٽيب جون خصوصيات ڪافي بهتر آهن۔۔۔ جن ۾ شامل آهن۔۔
    • نئون ايوو ٽيب 2۔1 گيگا هرٽرز ڊيول ڪور سنيپ ڊريگن پروسيسر تي مشتمل آهي۔
    • اينڊروائيڊ جو 0۔4 آئيس ڪريم سينڊ وچ آپريٽنگ سسٽم سان ليس آهي۔
    • هن اهم خوبي بلٽ ان ايوو آهي جيڪا ان کي هر وقت تيز رفتار انٽرنيٽ مهيا ڪري ٿي۔ جنهن کي ڪنهن به وقت هاٽ اسپاٽ شيلڊ طور ٻين ڊيوائيسز سان شيئر پڻ ڪري سگهجي ٿو۔
    • 5 ميگا پڪسل آٽو فوڪس ڪيمرا ۽ فرنٽ ڪيمرا
    • هڪ بهتر آئي پي ايس اسڪرين جيڪا 180 ڊگري تي ڏسڻ سان به ڪم ڪندي آهي۔۔ ته جيئن بهتر ملٽي ميڊيا ۽ گيمز جو لطف وٺي سگهجي۔
    • 5112 ايم بي ريم سان گڏ 4 گيگا بائيٽ جي فليش ميموري جيڪا اسپيس جي پريشاني کان بغير ئي کوڙ سارين ايپليڪيشنس کي انسٽال ڪري رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔
    • سيليولر ۽ وائرليس ٻنهي جي سپورٽ
    • وائي فائي ۽ بلوٽوٿ
    • يو ايس بي پورٽ
    • ٽي ايف ڪارڊ ۽ ايس ڊي ڪارڊ جي سلاٽ
    • 6 ڪلاڪ لڳاتار ۽ 20 ڪلاڪ اسٽينڊ بائي بيٽري
    ايترين خوبين کان پوءِ يقينن توهان هن ٽيبليٽ جي قيمت پڇڻ گهرندو۔۔۔
    • ايوو ٽيب جي قيمت 18000 پاڪستاني روپيه آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ٽن مهينن تائين ان لمٽيڊ انٽرنيٽ به شامل آهي۔۔
    • ٽن مهينن کان پوءِ 10 جي بي لمٽ سان 500 روپيه جي انٽرنيٽ سا به پوري مهيني لاءِ
    • پري پيڊ ۽ پوسٽ پيڊ ٻنهي سهولتن سان۔۔۔۔

    ڇا خيال آ دوستو۔۔۔ کوڙ سارين خوبين سان گڏ ٽيبليٽ جي قيمت ايتري مهانگي ته ناهي۔۔۔ پوءِ اڄ ئي پي ٽي سي ايل سان رابطو ڪريو۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو