ايندڙ چونڊون ۽ اسان جي ذميواري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابو جواد طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2013۔

  1. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    ايدڙ اليڪشن ۽ اسان جون ذميواريون

    هر ملڪ جو هر رهواسي پنهنجي ملڪ جو ترجمان هوندو آهي، جنهن جي سڃاڻپ سندس ملڪ جي نالي سان ٿئي ٿي. ملڪ اندر رهندڙ جيتريون به ذاتيون، قومون ۽ ڌريون هجن اهي سڀ ٻاهرين ملڪن لاءِ ان ملڪ جا رهواسي آهن ۽ انهن جي نظر ۾ هڪ آهن.
    ٻئي پاسي ڪنهن به ملڪ يا سرزمين جي مختلف شعبن ۾ ترقي يا اوسر سندس رهواسين سان لاڳپيل هوندي آهي. ڌرتي جي ڪنهن به حصي جو نصيب تڏهن ئي کلي سگهي ٿو جڏهن سندس مالڪ قدر ڪرڻ سان گڏ کيس سنوارڻ ۽ سڌارڻ جو پڪ پھ ڪن. مولا علي عليه السلام جي فرمان مطابق: شهر تڏهن ئي آباد ٿيندا آهن جڏهن سندن رهواسي کين آباد ڪرڻ چاهيندا هجن.
    ڪنهن به قوم يا ملڪ جو سڀني کان وڌيڪ اهم مسئلو عزت يا وقار هوندو آهي. عوام ملڪ جي عزت ۽ سر بلندي لاءِ نمائندا چونڊي کين پنهنجو امين بڻائيندي آهي. پر افسوس جو قومي عزت ۽ سربلندي جو اهو خواب اڄ ڏينهن تائين پنهنجي تعبير ماڻي نه سگهيو آهي. اڄ اسان کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عزتمند، باشعور ۽ لکيل پڙهيل قوم جي نالي سان سڄاتو نٿو وڃي. مغربي ملڪ ته ٺهيو پر اسلامي ملڪن ۾ به اسان پنهنجو وقار، مان ۽ مرتبو وڃائي ويٺا آهيون.

    ملڪ خداداد پاڪستان جي هن 66 سالن جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڌريون ۽ شخصيتون سياست جي ميدان ۾ لٿيون جن اهو نعرو لڳايو ته اسان پاڪستان کي مثالي رياست بڻائيندا سين. عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيندا سين. ملڪ کي ترقي جي اعلي درجي تي پهچائيندا سين ليڪن حڪومتي ايوانن ۾ اچڻ کانپوءِ اهي پنهنجي نعري جي برخلاف رڳو پنهنجي ڀڀ ڀرڻ لاءِ عوامي ناڻو لٽائيندا رهيا. ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ته ٺهيو پر عالمي ادارن کان غريب عوام ۽ ملڪ جي سڌاري لاءِ ملندڙ امداد به هڙپ ڪري ويهي رهيا. اقربا پروري ۽ پنهنجا نوازڻ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ ۾ هر حد ڪراس ڪري ويا نتيجي ۾ غريب جي غربت ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي ۽ ٻئي پاسي اميرن ۽ جاگيردارن جي جاگير ۾ واڌ ٿيندي رهي ۽ اهو پاڪستان جيڪو معدني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي اڄ هر شي ۾ محتاج ۽ هٿ ٽنگيل ٿو نظر اچي. بجلي جو بحران، گئس جي کوٽ، پاڻي جي کوٽ، لا قانونيت جو عروج، هر اداري ۾ ڪرپشن، بدامني جو عروج ماڻهو پنهنجن شهرن ۽ گهرن ۾ به ڄڻ اجنبي لڳا پيا آهن ملڪ جي اها حالت ڏسي هر همدرد وطن جو دل رت جا لڙڪ لاڙڻ تي مجبور ٿيو پوي.
    ها هينئر وري موقعو آهي پنهنجي قومي تشخص کي بحال ڪرڻ جو. ملڪ ۽ قوم کي سربلند ڪرڻ جو، اسلام جي تعارف ڪرائڻ جو. اسان ووٽن وسيلي پنهنجي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا. پنهنجو حقيقي مان ماڻي سگهون ٿا.
    عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ باڪردار، باضمير، بيدار ۽ سٺي قيادت کي اڳتي آڻڻ، ملڪ جي رهواسين جي سياست ۽ پنهنجي ملڪ جي تقدير ۽ تعمير سان دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿو. ڪنهن کي به ووٽ ڏيڻ جو مطلب سندس ڪمن ڪارن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن لاءِ پنهنجو راضپو ڏيکارڻ آهي. ۽ جيڪو به ڪنهن جي ڪم تي راضي هجي، اهو ان جي ڪم ۾ شريڪ آهي. حديث ۾ آيو آهي ته الراضي بفعل قوم منهم. جيڪو ڪنهن جي ڪم تي راضي هجي اهو ان جي ڪم ۾ شريڪ آهي۔ اسان مان هر هڪ جي ذميواري آهي ته اسان سنجيدهه، ايماندار، انصاف پسند ۽ عوام دوست انسان جي چونڊ ڪريون جيڪو قوم کي پنهنجو حقيقي مان ڏيارڻ، وسيلن جي عادلاڻي ورڇ، ملڪ جي مڙني قومن مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ، ملڪ جي عزت کي بحال ڪرڻ ۽ کيس اسرندڙ ملڪن جي لائين ۾ بيهارڻ سان گڏ ملڪ مان فرقيواريت، بيروزگاري، بک، بدامني، مهانگائي، لوڊشيڊنگ، بدحالي، لاعلاجي ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي.
    . هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته اسان ڪنهن کي ٿا ووٽ ڏيون. پر ياد رکڻ گهرجي ته مولا حسين عليه السلام اسان کي اهو رستو ڏيکاري ويا آهن ته مون جهڙو ڪڏهن به يزيد جهڙي جي بيعت نه ڪندو. ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر آهي.
    اچو ته پنهنجي ووٽ وسيلي حق جو ساٿ ڏيون حق کي سربلند ڪريون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين سلام

    ڪافي ڏينهن کانپوء اوهان جو سهڻو ليک پڙهڻ لاء مليو ۔۔ اسان سڀ به ساڳي اڻ تڻ ۾ آهيون ۔۔۔ جمهوريت ذريعي بهترين ماڻهن کي چونڊڻ ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي۔
     
  3. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    سائين وڏي مهرباني بس الله سائين ماڻهن کي اهو شعور ڏيندو جو اهي ماضي کان سبق سکندي سهڻي ۽ سٺي مستقبل لا سهڻن ۽ سٺن شخصن جو انتخاب ڪندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو