هڪ عجيب بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ عجيب بيت
    دوستو! هي سهڻي لطيف جو سهڻو ۽ ڳوڙهي معني وارو بيت ڪيترن ڏينهن کان پڙهي رهيو آهيان، پنهنجا عقلي گهوڙا ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي وڌا آهن، هميشه الڳ معني ۽ مطلب پيا نڪرن ... اوهان دوستن جي آڏو آهي .... مهرباني ڪري جي انجي معني يا مطلب ملي وڃي يا سمجه ۾ اچي وڃي ته مونکي به سمجهائجو .... جزاڪ الله خئير
    [​IMG]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ عجيب بيت

    سائين قبلا پهريائين اوهان کي جيترو سمجهه ۾ آيو آهي اهو ته لکو بهرحال ڀلي دوست پنهنجي راء جو اظهار ڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪا بهتر سمجهاڻي اچي وڃي ۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    تحقيق جي ايڏي وڏي وزن کي مٿي کان بغير ڪيئن کڻجي؟
    جي ڪم هٿن کان بغير ٿيڻ جهڙا آهن انهن کي ٺونٺو ٿي ڪيئن ڪجي؟
    حقيقت جي ڳالهه ۽ حقيقت جا نعرا ڪنن کان بغير ڪيئن ٻڌجن؟
    محبوب جو مشاهدو يا ديدار اکين کان بغير ڪيئن ڪجي؟

    مون ته پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري، اوهان دوستن آڏو پنهنجو بيوس وجود، هٿ مٿي ڪري پيش ڪيو آهي ...

    sindhsalamatsaathsal
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ عجيب بيت

    تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج
    جا حاج هٿــن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺون ٿي ڪريج
    هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻــڌيج
    انــڌو ٿـــي پـــسـيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو.

    سر کاهوڙي بيت 16 داستان ٽيون ص 758​


    سائين قبلا سهڻي لطيف جي لفظن ۾ معنى جا بي پايان بحر سمايل هوندا آهن
    منهنجي خيال ۾ اوهان جي دلچسپي سائين جي لفظن کي سمجهڻ ۾ اسان کان وڌيڪ آهي. ۽ اوهان کي اوهان جي دلچسپيء ۽ سمجهه جي باعث اسان کان وڌي سمجهه نصيب ٿئي ٿي.
    اسان هڻندا آهيون ڌڪو ڪٿي لڳي ته واه نه ته ماشآء الله
    سو منهنجي ناقص خيال ۾ ڪجهه هي مفهوم اچي ٿو ته

    تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مــٿـــي ريء کــڻــيــج
    سائين جن حقيقت معرفت وارن اصطلاحن کي سمجهائيندي بيان فرمايو آهي ته اگر تنهنجو مقصد آهي
    يُرِيدُونَ وَجهَ اللهِ وَ اُولئِکَ هُمُ المُفلِحُونَ سورة الروم 38 وارو

    اگر حقيقت ۽ تحقيق جو طالب آهين ته اها ڀري عقل سان سمجهه کان ٻاهر آهي عقل جا هٿيار ڦٽا ڪر پوء
    حقيقت جي ڪُن ۾ ڪاهي پوء ڇو ته الله جي ذات جي حقيقت ته سمجهڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل آهي جو پاڻ فرمايو اٿس :
    لَيسَ کَمِثلِه شَيء وَهُوَالسَمِيعُ البَصِيرُ سورة شورى 11

    جا حاج هٿن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺو ٿي ڪريج.
    هي سٽ مون واري رسالي ۾ نظر نه ٿي اچي.
    بهرحال انجو مفهوم ٿي سگهي ٿو ته اها حقيقت حواس خمسه کان بالا تر آهي ان کي سمجهڻ لاء پنهنجي عقل ۽ ظاهري طاقت کان خالي ٿي سمجهه.

    هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻڌيج
    يعني اگر توتي حقيقت جو راز کلي پوي ته ٻوڙو ٿي دل ۾ هنڊاء واء واء نه ڪر ٻاهر ٻاڦور به نه ڪڍ جيئن ٻئي شعر ۾ سندن فرمان آهي ته

    حقيقت هـن حال جي ، جــي ظــاهر ڪــــيان ذري ،
    لـــڳــي مــــاٺ مـــروئــن کـــي ، ڏونــگــــر پــون ڏري ،
    وڃــــن وڻ ٻــــري ، اوڀـــر اڀـــــري ڪــيــن ڪــــي ​
    .

    سر ڪوهياري 5_5 ​


    حــــقــيـــقت هڻي ، مــــنــهــنــجي جان جدا ڪئي ،
    هــيــڪو پــساهه پـريــنء ري، ســگهــان تان نه کڻي ،
    ڌڻـــــــــي ئــــــــي ڌڻــــي ، رهــــــــيــو آهــــــي روح ۾

    سر آسا 3_6​


    حــــوصــلـو حــيــرت جــــو ، آهــي نــه مــٿــي عـام ،
    ســنـدي مــحبت مام ، ڪــور پروڙي ڪين ڪي​

    سر آسا 3_30​


    حــــوصـــلــو حـــيــرت ۾ ، ڪــري ڪــيـن درڪ ،
    جو حسن سندو حق ، سو ڪور پروڙي ڪين ڪي

    سر آسا 3_27.​


    يا ظاهري ڪنن ۽ ظاهري اکين سان حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪر بلڪ اها ڪيفيت ڪنهن فيض واري جي سيني مان عڪس جي صورت ۾ حاصل ٿيندي آهي جيئن روشني جي جهلڪ ڪنهن شيشي جي ذريعي اندر ڪمري ۾ پهچائبي آهي ائين فيض وارو پنهنجي روحاني نظر سان ٻئي جي دل تي پنهني فيض جي پالوٽ ڪندو آهي.
    ان ڪري اهي ظاهري حيلا ڇڏ

    انــڌو ٿـــي پــسيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو.
    ان ۾ به اهو اشارو آهي ته اپٽيان ته انڌيون پوريان پرين پسن قرآن ۾ اهڙو اشارو آهي ته
    لا تُدرِکُهُ الاَبصَارِ وَهُوَ يُدرِکُ الاَبصَارَ وَهُوَ اللَطِيفُ الخَبِيرُ سورة الانعام 103
    اهڙو هڪ مشهور بزرگ جو به واقعو آهي ته مخدوم نوح رحمة الله عليه چيو ته مان الله کي ڏسان پيو مخدوم جعفر جيڪو وقت جو جيد عالم هو ان چيو ته اکيون بند ڪر هن اکيون بند ڪيون پڇيائنس ته هاڻي ٻڌاء چيائين هاڻي به ڏسان ٿو چيائين ته پوء ظاهري اکين سان ته ڪونه ٿو ڏسين ان تي مخدوم نوح چيو ته نه هجي جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر اها ٻڌل ڳالهه آهي والله اعلم حقيقت ڪيئن آهي پر مقصد ته قرآن جي ان آيت جي مطابق ته هن دنيا ۾ ظاهري اکين سان حق جو ديدار نه ٿو ٿي سگهي.
    هن دنيا ۾ ظاهر اکين سان ديدار نا ممڪن آهي ان ڪري روحاني مشاهدي سان حقيقت جو مزو ماڻ ۽ اهو اکيون بند ڪرڻ سان ئي حاصل ٿيندو آهي.
    وڌيڪ اوهان پنهنجي ڏات مان به اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ فرمائيندا جو اوهان کي الله تعالى سٺو فهم عطا ڪيو آهي.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    مٺا سائين رحيم بخش، سبحان الله، اوهانجي سمجهاڻي سون تي موتي جڙڻ آهي ۽ اوهان هن شعر جي حمايت ۾ قرآن الفرقان جا حوالا ڏئي وڌيڪ پُرُ معني بڻائي ڇڏيو آهي ... جزاڪ الله خئير ... اوهان پڻ منهنجي سوچ جي عين مطابق ئي ڳالهه ڪئي آهي ...

    سبحان الله؛ لطيف سڳوري جو فڪر !!! حيرت ۾ وجهندڙ آهي ... جڏهن الله جي ذات جي تعريف موجوده سڀني سمنڊن جهڙا ست سمنڊ ٻيا هجن ۽ انهن جي پاڻيءَ کي مس ٺاهجي ۽ ڪائنات جا سڀ وڻ ۽ انهن کان به ست ڀيرا وڌيڪ وڻ هجن ۽ انهن جا قلم ٺاهجن ته به ممڪن ٿي نه سگهي ته پوءِ هن اسانجي عقل جي ڪهڙي مجال جو ان ذات حقيقي جي تعريف ممڪن بيان ڪري سگهي ۽ اهو بار کڻي سگهي ...

    جڏهن اسانجي سهڻي رسول کي عمر ساري الله جي عبادت ۾ گذارڻ ۽ اسلام جي خدمت ڪرڻ کانپوءِ به حڪم ٿئي ٿو ته ” فسبح بحمد ربڪ واستغفره“ ته پوءِ اسانجا هٿ ڪيترا مٿي کڄندا ۽ ڪيئن پورا پوندا جو اسانجون عبادتون پوريون ٿينديون ۽ ڇوٽڪاري جي منزل ايندي ...

    رب جي ديدار جي تمنا ڪندڙ اکيون انجي نور جي جلوي آڏو ڪيئن سڄيون رهنديون جو هڪ ننڍڙي جلوي ئي جبلن کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو ته پو هي اسانجون ظاهري اکيون ان محبوب جي جلوي جو تاءُ ڪيئن برداشت ڪنديون ...

    رهيا ڪن ته ... انسان جا ڪن ته آهن ئي ڪچا جو هڪ ننڍڙي آواز سان ئي ٻوڙا ٿيو پون ته ... حقيقت جي هڪل جو آواز ڪيئن برداشت ڪندا ...

    مطلب ته رَڳنُ کي رباب ڪرڻو آهي جي هر وقت وڄنديون رهن ته ڪو ڇوٽڪارو ٿئي ۽ انجي سگهه به اهو ئي ڏي باقي ته انسان ته اسفل سافلين ۾ آهي ...

    دوست رحيم بخش اچو ته ڌڻيءَ در ٻاڏايون هڪٻئي لئه دعائون ڪريون ته هدايت جا رستا کلن ۽ ڇوٽڪاري جي راه هموار ٿئي ...

    جڙيل هجين شال ... ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ... اوهانجي علمي قابليت اسانکان مٿاهين آهي ... اسانکي پاڻ کان مٿي چئي گنهگار نه ڪندا ڪريو ... اها ته اسانجي خوشنصيبي آهي جو اوهان جهڙا انسان به اسانجا دوست آهن ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    السلام عليڪم ... سائين منهنجي، محترم سائين رحيم بخش ونڊ ڪئي تمام بهترين آهي ۔
    پر چوندا آهن ته هر دفعو پڙهو ته هڪ الڳ معني سمجه ايندي سو مون کي جيڪا ڳاله سمجه ۾ اچي ٿي اها هن طرح آهي

    مون شاه سائين کي تمام گهٽ پڙهيو آهي هاڻي ته عمر به نه رهي آهي پر جيڪا سمجه لڳي ٿي سو لکان ٿو وڌيڪ خبر ناهي ۔ته صحيح آهي يا غلظ :D


    تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج

    حق جي باري ۾ تحقيق ۽ جستجو کي ڪڏنهن نه ڇڏجي ۔.. مٿي ري کڻيج جو مطلب آهي ته پنهنجي ذمي لائي ڇڏ يا پاڻ تي واجب قرار ڏئي ڇڏ ...


    جا حاج هٿــن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺون ٿي ڪريج

    ان ۾ جستجو جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي ته جستجو اوهان ڪنهن به حالت ۾ نه ڇڏيو جيترو وس ۾ هجي انسان پنهنجي وس کان نه گهٽائي فقط هٿن سان ڪوشس ڪافي نه آهي ٿورڙي ۽ سولي ڪوشش ته ٿوري ڪوشش کان بعد انسان اهو چوي ته مون ڪوشش ڪئي ... بلڪ هٿن سان جي نه ته ٺوٺين جي زور تي به ڪجي مطلب ته ۔ هر ممڪن ڪوشش ڪجي جستجو ڪجي ۔ ڪجي ۽ ڪندو ۽ رهجي ۔

    هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻــڌيج

    جي حقيقت کي انسان پڄي وڃي ته پوء هو ڪنهن ٻي جي ڳاله تي ڌيان نه ڏي مطلب ته پهنجو پاڻ کي شيطان جي گمراهي کان بچائي ۽ ان جي ڳاله کي ڪڏنهن به نه ٻڌي بلڪه ٻوڙو ٿي وڃي ۔ اها ئي عارفن ۽ سلوڪين جي روش آهي ۔ڇوته تحقيق ۽ جستجو کان پوء انسان جنهن منزل تي پهچندو آهي ان ۾ هو عارف هوندو آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ ان لاء واجب هوندو آهي ان ۾ ڪنهن ٻي جي تقليد نٿو ڪري سگهي ۔

    انــڌو ٿـــي پـــسـيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو

    لطيف گهوٽ اتي انڌي سان تشبيه ڏني آهي شآيد ان ڪري جو جيئن انڌو انسان بنا ڪنهن رهبري جي ڪنهن منزل تائين نٿو پهچي سگهي اهڙي طرح انسان ڪنهن رهنمائي ۽ جستجو کان سواء حق سچ تائين نٿو پهچي سگهي ۔ ان ڪري انڌو ٿي پسيج مشآهدو محبوب جو ۔ جڏنهن انسان حق جي معرفت ۽ منزلت تي پهچي ويندو آهي ته خدا وند تعالا ان جي سامهون هن ڪائنات جا حجاب هٽائي ڇڏيندو آهي ۔ ۽ انسان کي هر شي جي حقيقت نظر اچڻ لڳندي آهي ۔ ۽ انسان ان معرفت جي ذريعي ئي پهنجي محبوب کي پهچندو آهي ۔​
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ عجيب بيت

    توهان جي علمي گفتگو ٻڌي سچي پڇو ته هڪ اهڙو احساس پيو محسوس ٿئي جنهن کي لفظن جي صورت ۾ بيان ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي ۔۔۔ مان ته ان احساس کي نالو ڏيڻ کان به قاصر آهيان۔۔۔۔۔ بحرحال ايترو ضرور چوندس ته سنڌ سلامت کي پنهنجي رڪنن تي فخر آهي جن وٽ نه صرف سوال ڪرڻ جو پر جواب ڏيڻ جو پڻ خوبصورت ڍنگ آهي۔۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    مٺڙا علي علي. لک ٿورا ... اوهان به مقصد خوب بيان ڪيو آهي ۽ لڳ ڀڳ پهچ ساڳي آهي ... وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اوهان انتهائي علمي ۽ ڪارائتي موٽ ڏئي دل باغ بهار ڪري ڇڏي آهي ...

    حقيقت ۾ مونکي اميد نه هئي ته دوست ايتري سٺي موٽ ڏيندا انڪري نه ته ڪو دوستن جي علم تي شڪ هو پر انڪري ته دوست مصروف آهن ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ڪار ۾ رڌل آهي ... جيئن ته ان بيت کي ڏسي ڏسي ... اڪيلو سوچي سوچي ٿڪجي پيو هيس ... سوچيم ڇونه دوستن کان مدد وٺجي ... سو الحمد الله اوهان دوستن جي موٽ منهنجا مونجهارا ختم ڪيا آهن ...

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ....

    الله تعالا اسان سڀني جي علم ۾ واڌارو ڪري ... آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    ادا رشيد ... واقعي سنڌ سلامت جا دوست انتهائي قابل ۽ احترام جوڳا آهن ... فخر آهي اسانکي ته اسانجي دوستيءَ ۾ ايترا قابل ۽ علمي دوست آهن ... الله تعالا اسانجي هن ساٿ کي نظر بد کان بچائي ...

    باقي هڪ ڳالهه چوندس ته .... ڳاڙهي ٽيگ سان سلهاڙيل اوهانجو نالو ڏسي ... دعا گهريم ته الله خئير ڪري ... ڪا ڳالهه غلط نه ٿي وئي هجي ... پهريان ته هيٺ کان مٿي تالي جي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم پر الحمد الله ... تالو ڪونهي ...

    لک ٿورا ... دعائن ۾گڏ ...

    ستر ڪج ستار، آءُ اگهاڙي آهيان ...
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ عجيب بيت

    سائين قبلا اهڙن سهڻين علمي ڳالهين ۾ سائين ته راضي ٿيو آهي پر منهنجي خيال ۾ سڀ دوست راضي هوندا جن کي ان ميدان ۾ ٿوري به دلچسپي هوندي۔۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    دوستو، سهڻي لطيف پنهنجي ڪلام ۾ به پنهنجي ئي مٿي ڏنل بيت جي تشريح ڪئي آهي ۽ ڪيترائي بيت آهن ... جنهنجو مثال سندس هي هڪ بيت آهي؛

    مــــــــونا جــــــن محــــــرابُ، جســــو جــامع تن جو،
    قبلي نماءُ قلب ڪري، تَنَ کي ڪيائون طـــــوافُ،
    تحقيق جي تڪبير چئي، جسمان ڪيائون جوابُ،
    تِنِ ڪهڙو ڏوه حسابُ، جن هنئڙي هادي حل ٿيــو.

    sindhsalamatsaathsal
     
  12. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: هڪ عجيب بيت

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    مهرباني محترم علي اڪبر شر صاحب، اوهان هن بيت تي پنهنجا خيال به ڏيو هو ته هوند اڃان وڌيڪ سٺو لڳي ها ۔۔۔
    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔۔ هر انسان جي اندر ۾ ڪجهه سور هوندا آهن ۽ جڏهن اهي سور هڪٻئي سان ونڊ ڪبا آهن ته سور به سون ٿي پوندا آهن ۔۔۔۔

    رب اوهانکي خوش رکي ۔۔۔ آمين
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ عجيب بيت

    ادا شاه صاحب جي شاعري کي جيترو پڙهبو اوتري گهرائي نصيب ٿيندي، توهان دوستن شاه جي انهي بيت جي تمام سٺي معني ۽ تشريح ڪئي آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،
    تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج​

    ادا مان ڪو عالم اڪابر ته نه آهيان پر مشهور چوڻي مطابق ته مان به يوسف جي خريدارن ۾ شريڪ ٿيڻ ٿو چاهيان، ادا منهنجي حساب سان مٿئين بيت جي هي به معني ٿئي سگهي ٿي،جيڪا هيٺ ڏجي ٿي، ( علم حاصل ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ هر انسان جو حق آهي ۽ اسلام به ان ڳالهه جو زور ڏئي ٿو ته علم حاصل ڪريو ۽ حق سچ لاء تحقيق ڪريو، سرور ڪائنات سردار دو جهان حضرت محمد مصطفه صلم جن جي مشهور دعا آهي جنهن جو مفهوم هي آهي ته ( اي منهنجا الله مون کي شين جي حقيقت کان واقف ڪر۔) توهان ڏٺو هوندو ته ڳوٺن ۾ توڙي شهرن ۾ ڪنهن به شيء جي وزن واري ڀري کي کڻڻ لاء مٿي جي ضرورت پوندي آهي، ۽ وزن کڻڻ لاء مٿي جو هجڻ ضروري آ، ۽ مٿو ان ڀري کي کڻڻ جو هڪ وسيلو يا وسائل آهي يا پوء هڪ قسم جي ( محتاجي ) آهي ائين کڻي چئجي ته ان ڀري کي کڻڻ لاء ان مٿي ( وسائل ذريعو، يا محتاجي ) جو هجڻ ضروري آهي ورنه اها ڀري ڪا نه کڻبي، ۽ ان ڪري ئي شاه صاحب مٿين سٽ چئي آهي ته ( تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج ) جنهن جو مطلب آهي ته اي بندا تحقيق جي لاء نڪري پوُ ۽ حق، سچ جي ڳولا ڪر، وسائل ۽ ڪنهن جو آسرو نه ڪر ڪنهن جو محتاج نه ٿي، وسائل جو بهانو نه بڻاء ۽ وسائل ريء اهو ڪم پورو ڪر، مطلب ته جدو جهد ۽ کوجنا لاء ڪنهن جو آسرو نه ڪر، بلڪه انهن سڀني آسرن ۽ محتاجن کي ڇڏي ڪري توڪل ڪر۔ جنهن لاء شاه صاحب وري سر سهڻي ۾ فرمائن ٿا ته جڏهن سهڻي جو دلو ڀڳو ( جيڪو دلو سهڻي ميهار سان ملڻ لاء وسيلو بنائي درياء پار ڪري وڃي ميهار سان ملندي هئي، ) ۽ دلي وارو وسيلو ختم ٿيو ۽ دلي جي جيڪا رڪاوٽ هئي اها به پري ٿئي تنهن کاپوء ئي سهڻي ميهار سان ملي ۽ پنهنجي منزل تي پهتي،

    گهڙو ڀڳو،منڌ مئي ، وسيلا ويا۔​
    تنهان پوء، سئا، سهڻي سڏ ميهار جا، ​

    جا حاج هٿــن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺون ٿي ڪريج​

    توهان مان هر هڪ ان ڳالهه کان واقف آهي ته ڪا به گهرًج يا ڪا به حاج پوري ڪرڻ لاء انسان کي هنن ظاهري عضون جي ضرورت پوندي آهي، ۽ هٿ به انهن عضون مان هڪ عضوو آهن ۽ هٿ به هڪ وسيلو آهن ۽ انسان هنن هٿن جو به محتاج آهي، اهو ماڻهون ائين چوڻ لاء ڇو مجبور ٿئي ويندو آهي (جنهن کي هٿ ناهن هوندا ) ته ادا مان مجبور آهيان، مطلب ته ڪنهن به ڪم يا ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاء هٿن جو هجڻ ضروري آهي ۽ هٿن سان ڪم ڪرڻ يا اهو مقصد حاصل ڪرڻ آسان آهي، بنسبت ٺوٺن جي، مگر هت ته شاه صاحب چوي ٿو ته اي بندا جيڪو ڪم يا جيڪو مقصد، منزل تنهنجي انهن هٿن سان (جنهن سان تو کي آساني لڳندي آهي ) حاصل نه ٿو ٿئي ته اهو ٺوٺن سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪر محتاج ٿي ويهي نه رهه، مطلب ته ٻيو طريقو استعمال ڪر اگر هٿن سان مطلب ته آساني سان اهو ڪم نه ٿو ٿئي ته پاڻ تي سختي ڪري ( پنهنجي نفس کي مار ۽ ان جي مخالفت ڪر ) ۽ سخت محنت سان سخت ڪوشش سان ان ڪم کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، ، جيئن شاه صاحب هيٺين سٽن ۾ فرمائي ٿو (هت مان شاه صاحب جو مشهور بيت ڏيان ٿو جيڪو هوبهو مون کي ياد نه آهن، پر پوء به هت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، مگر ڪا ڪمي پيشي رهجي وڃي ته ان لاء معذرت )
    هلندي هوت پنهون ڏي پيرين پنڌ ڪندياس
    پيرن پنڌڪرڻ ڇڏيو، ته هٿن سان هلندياس
    هٿن هلڻ ڇڏيو ته مان چيلهه ڀر چرندياس
    چيلهه چرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سرندياس
    سيني سرڻ ڇڏيو ته اکين سان ايندياس
    ملي ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان۔​



    دوستو توهان پاڻ هن بيت ڏانهن غور ڪري سوچيو ته شاه صاحب ڪنهن به هڪ وسيلي، تي ڀاڙي نه ٿو ويهي ۽ ڪنهن جي به محتاجي قبول نه ٿو ڪري ۽ پڙهندڙن کي به اهيو سبق ٿو ڏئي ته اي طالب پنهنجي منزل جي طلب ڪندڙ ڳولا ڪندڙ تون صرف هٿن تي ڀاڙي نه ويهه ۽ هٿن جو محتاج ٿي ويهي نه رهه، پر پنهنجن ٺوٺن تي به هلڻ جي ڪوشش ڪر ۽ پنهنجي منزل تلاش ڪر۔ ۽ ائين نه سمجهه ته تو وٽ هٿ ڪونهن ته توکي منزل نه ٿي ملي سگهي۔ ۔
    هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻــڌيج ​

    عام طرح صبر جي معني عام ماڻهون اهيا ڪڍندا آهن ته چپ ڪري وڃجڻ جو نالو صبر آهي، ، جڏهن ته صبر جي حقيقي معني اهيا آهي ته توهان حق سچ جي واٽ تي قائم رهو ۽ ان جي جيتري به مخالفت ٿئي ان کي برداشت ڪريو ۽ اها مخالفت ۽ ايندڙ تڪليفون سهي وڃڻ جو نالو صبر آهي، ۽ اهيو صبر نه آهي ته توهان جي سامهون ڪنهن سان ظلم پيو ٿئي ۽ توهان ڏسندا رهو ( طاقت ۽ سگهه رکندي به ) ۽ ان کي نه روڪيو نه ٽوڪيو ۔پر صبر ته اهيو آهي ته توهان حقيقت جي واٽ تي هلندي توهان کي جيڪي تڪليفون ۽ مخالفتون پيش اچن انهن کي برداشت ڪري وڃون ۽ انهن جي مخالفت ۽ تڪليف ڏيندڙ ڳالهين ڏانهن ڌيان نه ڏيو ۽ اتي توهان ٻوڙا ٿئي وڃون۔ ۽ حق سچ جي واٽ کي نه ڇڏيو، ۽ ڪنهن جي به نه ٻڌو، ۔۽ انهيء رب جي مٿان اميد ۽ آسرو رکي ڪري توڪل ڪري سڀ ڪم الله جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ توهان جا ڪم اهوئي رب حل ڪندو۔ جيئن شاه صاحب هيٺ ڏنل سر سيريراڳ جي بيت ۾ فرمائن ٿا۔

    سڀيئي سبحانجي، ڪر حوالي ڪم،
    ٿيُ تحقيق تسليم۾، لاهي غم وهم
    قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو​


    انــڌو ٿـــي پـــسـيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو.​

    ادا اهي هٿ پير ڪن ۽ وات اهي سڀ انسان جا وسيلا ۽ محتاجون آهن، ۽ جڏهن انسان رب کي پسڻ چاهيندو آهي ته انهن تمام ظاهري شين جي ان کي ضرورت ناهي پوندي، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي، هتي توهان ڏسو ته شاه صاحب ڪڏهن به الله کي ڏسڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي پر هميشه پسڻ جي ڳالهه ڪئي آهي۔ جڏهن ته ڏسڻ لاء ماڻهون هنن اکين جو به محتاج هوندو آهي پر پسڻ لاء ته هنن اکين جي به ضرورت ناهي پوندي ، ۽ اکين جي محتاجي کان به انسان ڇٽل هوندو آهي۔ شاه صاحب اسان کي به اهيو ٿو سبق ڏئي ته اي بندا پاڻ ۾ اها قوت پيدا ڪر جو تو کي انهن ظاهري وسيلن ( محتاجن ) جي پرواه نه رهي، ۽ تو پنهنجي منزل ماڻي سگهين، شاه صاحب ته اسان کي اڃان به آساني سان ٿو سمجهائي ته اي انسان توکي ٻئي هنڌ وڃڻ جي ته ڪابه ضرورت نه آهي تنهنجو محبوب ته تنهنجي اندر ويٺل آهي بس صرف تون کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻي آهي، تو کي ته انهيء رب کي پسڻ لاء به در در ٺوڪر کائڻ جي ضرورت نه آهي، جنهن جو ذڪر قرآن ۾ به آهي جنهن جو مفهوم آهي ته ( مان ته توهان جي شهه رڳ کان به ويجهو آهيان)،
    وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
    لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار
    پائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو ​
     
  15. مختيار نظاماڻي

    مختيار نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ عجيب بيت

    ادا ممتاز ، زبر دست اوھان جي محنت بھترين آھي ھر لحاظ کان تعريف جي لائق آھي منجھس ڪو به جھول ناھي ،پر ادا ھڪ بيت جي آخري ۾ پنھنجي خيال ۾ ھيئن آھي ته " گھوري جان جتن تان" ۔ ادا اسان جي اھادعا آھي ته الله سائين اوھان کي اڃان به گھڻي سگھ عطا فرمائي جو اوھان اسان سنڌ واسين لا شاه سائين جا املھ ماڻڪ مڻيا ھٿ ڪري ايندڙ نسلن لا راھ ھموار ڪريو ۔ اوھان جو دعاگو مختيار نظاماڻي ٽنڊو محمد خان
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    پياري ممتاز، تمام سهڻي ۽ ڏاهپ واري انداز ۾ ڳالهه سمجهائي آهي، بيشڪ اسانکي پنهنجي اندر جي حواسن کي جيئرو ڪري پنهنجي رب جي ڳولها ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ظاهري وسيلا پڻ اهم هوندا آهن پر جڏهن انسان جو اندر روشن ٿي پوي ٿو ته انسان پنهنجي منزل تي پهچي وڃي ٿو ۔۔۔ روح کي سڪون ۽ ڇوٽڪارو نصيب ٿئي ٿو ۔۔۔

    لک ٿورا مٺڙا ممتاز، انتهائي سهڻو ۽ تحقيقي جواب ڏنو اٿوَ ۔۔۔ جزاڪ الله خئير ۔۔۔@};-
     
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ عجيب بيت

    سڀ کان پهرين ته ڀاء ٿوهان جا لک لائق ۽ مهربانيون جو توهان منهنجي هن محنت کي ساراهيو آهي۔ادا ٻيو عرض ته توهان صحيح لکيو آهي ته گهوري جان جتن تان ۽ مون توهان جي نشاندهي تي ان کي صحيح ڪري ڇڏيو آهي، باقي ان لاء وڌيڪ اهيو عرض ته ڀاء اهي سمورا بيت مون کي ياد آهن ۽ مون پنهنجي ياداشت جي بنياد تي لکيا هئا، ۽ ان بيت لاء مون هڪ نوٽ پڻ لکيو هو جنهن ۾ مون ان بيت بابت ڪجهه لکيو آهي جيڪو پڻ توهان جي نظر مان گذريو هوندو۔
    ڀاء وري به توهان جي مهرباني ۽ قرب​
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ عجيب بيت


    جيتوڻيڪ ظاهري وسيلا پڻ اهم هوندا آهن؛ ڀاء ابڙا صاحب وسيلا وسائل واقعي پنهنجي جڳهه تي اهم هوندا آهن، مون وسيلن جي اهميت کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو۔ مگر مون اهيو ضرور لکيو آهي ته وسيلن وسائل کي پنهنجي محتاجي نه بڻايو مگر مون اهيو چيو آهي ته ڪنهن به هڪ وسيلي تي ڀاڙي نه ويهوپر توهان جڏهن ڏسو ٿا ته جيڪو ڪم هٿن سان نه ٿو ٿئي ته ان کي جسم جي ٻئي عضوي سان ڪريو( جنهن جي مثال لاء توهان هيٺ ڏنل تصوير پڻ ڏسي سگهو ٿا ) ، يا کڻي ائين چئجي ته جيڪو ڪم ڪنهن هڪ ڪوشش سان نه ٿو ٿئي ته ان لاء ٻئي ڪوشش ڪريو، ( ٻيو طريقو استعمال ڪريو ٻيو وسيلو استعمال ڪريو، ،ٻيو رستو اختيار ڪريو، ٻئي سوچ پيدا ڪريو ) جنهن لاء پڻ شاه صاحب اهيو چيو آهي ته ليلائڻ سان به جي نه لهين ۽ جي ڪا منزل نه ٿي ملي تڏهن به ليلائڻ کي،، پنهنجي ڪوشش کي ،، جدو جهد کي ڇڏ نه پر پنهنجي محنت کي جاري رک، ۽ تو کي واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا۔ جنهن جي مثال لاء مون شاه صاحب جو هي بيت ڏنو هو جنهن کي توهان وري به غور و فڪر سان پڙهي ۽ پروڙي سگهو ٿا، ( هلندي هوت پنهون ڏي پيرين پنڌ ڪندياس ،، پيرن پنڌڪرڻ ڇڏيو، ته هٿن سان هلندياس،،هٿن هلڻ ڇڏيو ته مان چيلهه ڀر چرندياس،، چيلهه چرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سرندياس،، سيني سرڻ ڇڏيو ته اکين سان ايندياس،، ملي ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان۔ ) ( خاص ڪري دنيا جي معاملي ۾) باقي رب ته توهان جي من ۾ وسي پيو جنهن جي لاء هي سٽ پڻ توهان لاء حاضر آهي ، (اي بنديا، تون آسماني ڦڙدا هين، جو من وچ وسدا هي انون ڪدي ڦڙيا نهين، ) ان جي لاء ته وسائل جي به ضرورت نه آهي، بس صرف تون کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻي آهي، تو کي ته انهيء رب کي پسڻ لاء به در در ٺوڪر کائڻ جي ضرورت نه آهي، جنهن جو ذڪر قرآن ۾ به آهي جنهن جو مفهوم آهي ته ( مان ته توهان جي شهه رڳ کان به ويجهو آهيان)،
    جنهن لاء مون شاه صاحب جو خيال به توهان اڳيان رکيو هن بيت جي صورت ۾ (وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي” لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار ”پائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو )

    __________________

    نوٽ هيٺ ڪجهه تصويرون ڏجن ٿيون جنهن مان ڪجهه سبق آموز ڳالهيون پڻ حاصل ٿين ٿيون انهن کي ڏسو ۽ غور ڪريو

    صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون​

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    تون ڪا ڪاني پا، ونن ۾ وصال جي،
    دوبينــــائي دور ڪري، معرفت ملهـــــا،
    سپريان جي سونهن ۾، رخنو ڪون رها،
    اک اشهــــد چــــا، ته مسلمانـــي ماڻيــن۔

    مٺڙا ممتاز سائين!
    تمام سٺو لکيو آهي اوهان، بيشڪ اوهان لطيف جي پوئلڳ جي هجڻ جا فرض نڀايو پيا، اوهان جيڪا لطيف جي فڪر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي روش رکي آهي ۔۔۔ اميد ته اوهانجا ٻيڙا پار ٿي ويندا۔

    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جـن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔
     
  20. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: هڪ عجيب بيت

    پيارا ڀائرو
    هن فورم ۾ اچڻ کانپو دل کي سڪون ملندو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو