غريب گل
سينيئر رڪن
سائين سرڪش سنڌي ڏانهن کليل خط
شال سلامت رهو !
غلام قومن جا با شعور فرد به جڏهن بي حس سماج جي چند چلولن جي جملن جي جواب ۾ خاموشي اختيار ڪري ويهي رهن يا پنهنجو انت آڻڻ جي ڳالھ ڪن ،تڏهن يقين ڪريو ته هن قوم جي نصيب تي روئي ئي سگهجي ٿو.
آئون سمجهان ٿو ته اهي باشعور ماڻهو هن قوم جي انهن معصوم انسانن جا گنهگار ليکيا ويندا ، جن جا جذبا ڪنهن دوشيزھ جي ڪرائين ۾پيل چوڙين کان وڌيڪ نازڪ هجن ٿا ،اهي انهن مضبوط حوصلن جا مجرم ليکيا ويندا جيڪي رني ڪوٽ جي بلند ديوارن جيان اوچي ڳاٽ سان سامراجي قوتن کي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندا رهندا آهن.
سائين منهنجا !
جيترو آئون سمجهي سگهيو آهيان ، ته سائين جي ايم سيد جي نظرئي جا صالح ۽ فرمانبردار پوئلڳ هوشو جي ان سڏ جو پڙاڏو آهن ، جيڪو هن جيڪو هن گورن جي غلامي جو انڪار ڪندي بلند ڪيو هيو ، ۽ يقين ڪريو ته سيد جي پوئلڳن جون زميواريون اڃان ڪٿي پوريون ٿيون آهن ، اڃان ته مياڻي ۽ دٻي جي شهيدن جا روحن پنهنجا مورچا ۽ ميدان به نه ڇڏيا آهن ، اڃان اروڙ جي تباهي جا منظر ميسارجي نه ويا آهن ، اڃان ته سومرن جي ان ننڍڙي شهيد ننگر جي هٿن تان ميندي جو رنگ به نه لٿو آهي ، اڃان ته باغبان جي باغي جي شهادت جو قصو زبانن ۽ ذهنن تي سلامت آهي ، ۽ نه ئي وري سن جي ان ٻڍڙي سيد جي نظرئي ۽ مقصد مات کاڌي آهي ،ڇوته جيڪڏهن مومنن جي لباس ۾ مسجد ضرار جوڙي سيد جي نظرئي جي وارثي جي دعوى ڪندڙ بنجي بيٺا آهن ته پوءِ اسين ڇومات جي بات ڪندي ميدان ۽ منبر خالي ڇڏي ڏيون .
ڇوته تاريخ ساکي آهي ته منافق دير سان ئي سهي پر پڌرا ضرور ٿيندا آهن ،ڇوته انهن جون زبانون ڪوڙ جي ڪلام تي انحصار ڪنديون آهن ، انهن جا زهن صداقتن جي طوفان کان خوفزدھ رهندا آهن ، انهنجون دليون اڻ ڏٺل خوف کان ڪنبديون رهنديون آهن ، ۽ شايد انهي ڪري فرعونيت جا پوئلڳ اهي ماڻهو خوف جي باھ جا وڏا وڏا مچ ٻاري ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪرڻ کي پنهنجي عقلمندي ۽ ڏاهپ قرار ڏيندا آهن ،۽ معصوم انسانن جي مقدس جذبن جي توهين ڪندي فخر محسوس ڪندا آهن ،پنهنجي زبا درازي کي فلسفو ڪوٺي پاڻ کي ڏاهو ثابت ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا آهن، ليڪن يقين رکو ته جيت ،فرعونيت جو مقدر ئي نه آهي .ته پوءِ انسانيت جي جامي ۾ خونخوار درندھ ڪيئن ٿا کٽي سگهن ، بشرطيڪ اسين ثابت قدم رهون ، پڇاڻو هميشه صالحن کان ئي ٿيندو آهي . نه ڪي بدڪارن کان .
يقين ڪريو آئون ادنى علم ۽ عقل رکندڙ آهيان ، آئون محبتن جي ان قافلي جو حصو آهيان ، جنهن قافلي جي سرواڻي سن جي ان ٻڍڙي رهبر وٽ آهي ، منهنجي مجال نه هجڻ گهرجي پر پوءِ به پنهنجو فرض سمجهي
توهان سان سڌي ريت مخاطب آهيان ، توهان کي هر انهي عمل کان منع ٿو ڪريا ن ، جيڪو عمل صالح انسانن جي شان وٽان نه آهي، شايد منهنجو هي خط توهان جي دل آزاري به ڪري پر مولا علي جي فرمان مطابق ته پنهنجي دوست کي سٺي ڳالھ ضرور چئو ڀلي پوءِ ان کي اها بري ڇونه لڳي .
ان ڪري سوچيم ته توهان کي عرض رکان ، آئون ڄاڻان ٿو ته توهان کي سمجھائڻ منهنجي اوقات ناهي پر عاجزي ۽ انڪساري سان ڀريل منٿ آهي ،ته توهان حوس جي پوڄارين کي صداقتن جا سبق ٻڌائيندا رهو، ڀلي اهي توهان تي مجرم هجڻ جون فتوائون جاري ڪن ، يقين ڪريو صداقتن جي راھ ۾ مليل موت به شهادتن ۾ شمار ٿيندا آهن ، ۽ جيڪڏهن توهان سنڌ کي ڀٽائي جي بيتن ۽ سچل جي سٽن جهڙو اجرو ۽ اڇو ڏسڻ جي تمنا ڪيو ٿا ته انهن گمراھ انسانن کي حقيقتن جي روشني تي هيرايو، اهي گهڻو عرصو گهمراهي جي اونداهين ۾ رهندي چمڙن جهڙي فطرت جا عادي ٿي ويا آهن ، سچ جي روشني انهن جي اکين کي ڀانءِ نه ٿي اچي ، اهي سچ جي مٺاس کان اڻواقف انسان ڪوڙ کي آبِ حيات سمجھي رهيا آهن ، انهن وٽ عزتِ نفس جي تشريح ڏاڍي ڪوجھي آهي ، اهي زندھ دلي جي سبق کي وساري ويٺا آهن ، انهن وٽ محبتن جو مفهوم جسمن جي حوس جي پورائي جو نالو اهي ، اهي عشق جي معراج کان اڻواقف انسان انتظار جا عادي ناهن ، ۽ جلد بازي ۾ هو زلتن کي کاهي ڪري بقا جي بلندين کان محروم رهجي ويندا آهن ، انهن وٽ پيار کي پرکڻ جا پنهنجا ماپا ۽ ميزان آهن ، انهن وٽ رشتن جي تقدس جي معنى انهن جي ذهنن جيترو مقدس آهي ،اهي پاڪ جاين تي غلاظتون اڇلائڻ جا عادي انسان جن جا ذهن ظلمات جي چادر ۾ ويڙهيل آهن اهي تميز( فرق) ڪرڻ کان بي خبر آهن . پوءِ به جيڪڏهن انهي قوم جا باشعور فرد به مايوسي جون ڳالهيون ڪن ته ڏک ته ضرور ٿيندو ،
ان ڪري آئون اميد ٿو ڪريان ته اسان جي هن ننڍڙي منٿ کي نظر ۾ رکندي انهن ننڍڙا ذهن رکندڙ ماڻهن جون غلطيون معاف ڪري پنهنجو خود ڪشي جو اعلان واپس وٺندءُ .
اوهان جو پنهنجو .