• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاجل بيوس سنڌ مشهورشاعر مرحوم تاجل بيوس جو لوڪ گيت پڻهاري

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو.................... السلام عليڪم
جيڪي ڏينهن گُذري ويا انهن ۾ هڪڙو ڏينهن سنڌ مشهور شاعر مرحوم ”تاجل بيوس“ جي ورسي وارو ڏينهن پڻ هو، مون ان حوالي سان مرحوم تاجل بيوس جا لوڪ گيت سنڌ سلامت جي شاعريءَ واري سيڪشن لاءِ ڪمپوز ڪيا هُئا........ جيڪي آئون پنهنجي ذاتي ناگهاني پريشانين جي ڪري توهان سان ونڊ نه ڪري سگهيو هُئس......... اڄ پنهنجي ذاتي فڪرات مان ڪجهه قدر آجو ٿيو آهيان سو مرحوم تاجل بيوس جو في الحال هڪڙو لوڪ گيت ”پڻهاري“ توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان............... پيارا سنڌي ساٿيو........... مهان شاعر تاجل بيوس جا ٻيا به ڪافي سارا لوڪ گيت ڪمپوز ڪيا اٿم جيڪي مرحلي وار ۽ ترتيب وار ضرور توهان ونڊ ڪندو رهندس.... ....

”پڻهارِي“
تاجل بيوس
پڻهارِي ، پڻهارِي،
پڻهارِي، هي، لو.........

ڪيڏي، ڪڪر، گسَ آ.....
چَسَ آ......
چؤڌارِي..........
پڻهاري. هي، لو.........

هيءَ مِٽي مارڳ جي،
هِن جڳ جِي،
مهڪارِي،
پڻهارِي، هي، لو.......

خوشيون آڇي ٿِي،
واسي ٿِي،
وڻجارِي،
پڻهارِي، هي، لو،
پڻهارِي ، هي، لو،
پڻهارِي، هي، لو،​

پڻهاري​
هي لوڪ گيت ٿر جو مشهور گيت آهي ”پڻهارِي“ جي معنى پاڻي ڀرڻ واري عورت، برسات جي موسم ۾ جڏهن تل ترايون مينهن جي پاڻيءَ سان ڀرجي تارٿين، تڏهن ٿر جون عورتون هار سينگار ڪري ، ٽوليون ٺاهي پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون، ان وقت اهو گيت ڳائينديون آهن. مضمون جي لحاظ کان هي گيت زال مڙس جي محبت بابت آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ ڏاڍي دلچسپ روايت بيان ڪئي آهي.... لکي ٿو: هڪ سهاڳڻ جو وَرُ ڪيترن سالن کان روزگار جي خيال سان پرديس ويل آهي، اُها سهاڳڻ پنهنجن جيڏين سرتين سان گڏجي تلاءُ تان پاڻي ڀرڻ وڃي ٿي..... سڀني هار سينگار ڪيا آهن، پراها اُٻاڻڪي سهاڳڻ ميرن ڪپڙن ۽ اڻڀن وارن سان آهي، سڀ گهڙا ڀري، واپس ٿيون ورن، پر هوءَ اُداسڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويهي ٿي رهي، ڪجهه انتظار کان پوءِ اُٿي ٿي پر ڀريل گهڙو نٿي کڻي سگهي، پريان هڪ اوٺي(اُٺ وارو) ايندوڏسي ٿي..... اوٺي کيس ڏسي موهت ٿو ٿي پوي ۽ کائونس ميرن ڪپڙن ۽ اُداسائي جو سبب پُڇي ٿو، اها پڻهاري جواب ٿي ڏيس ته منهنجو وَرُ پرديس ويل آهي، ان لاءِ اُٻاڻڪي آهيان....تنهن تي اوٺي چيو ته .... تون مون سان هل ته توکي هار سينگار ڪرايان.... هن اوپري شخص جي انهيءَ ڳالهه تي کيس مٺيان لڳي ٿي، ۽ ڪاوڙ مان پڻهاري گهر ڏانهن موٽ ٿي کائي،، جڏهن سس کي ان اوٺيءَ جا پار پتا ٻُڌائي ٿي. ته سس کيس چوي ٿي چري! اُهو اوٺي ته تنهنجو وَرُ آهي ۽ گهڻي عرصي گُذرڻ ڪري توهان هڪ ٻئي کي سُڃاڻي نه سگهيا آهيو........... !!
انهي وارتا جي پس منظر ۾ مرحوم تاجل بيوس جواهوَ لوڪ گيت تحرير ٿيل آهي.............
نوٽ: مرحوم تاجل بيوس جو هي لوڪ گيت سندس جڳ مشهور ڪتاب ڏوريان ڏوريان مَ لهان جي ڪتابي ڪڙي ”صحرا سَتُرُ جن“ جي ٿورن سان ورتو ويو آهي، ان سلسلي ۾ دوستن کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته ڪتاب ڏوريان ڏوريان مَ لهان مرحوم تاجل بيوس جي شاعري جي1983ع کان 1997ع تائين ڇپيل نون (9) ڪتابن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ، تاجل بيوس اڪيڊمي ڪراچي سنڌ جي سهڪار سان 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو........ شاعري جو شوق ۽ ذوق رکندڙ دوستن لاءِ هي ڪتاب هڪ انمول تحفو آهي......
 
جواب: سنڌ مشهورشاعر مرحوم تاجل بيوس جو لوڪ گيت پڻهاري

سائين نثار ناز
اوهان کي فورم تي ڏسي ڪري اکيون ٿڌيون ٿيون جو اوهان جي ڪمي کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي اسان جي دعا اوهان سان آهي ته مولا پنجتن پاڪ جي صدقي اوهان جي تمام مسڪلاتن کي حل ڪري ۽ اوهان جلدي ئي پهنجي هن اوطاق جي دوستن کي ٽايم ڏيو
سائين اوهان جي لاجواب شيئرنگ سائين جي ورسي جي ياد اوهان تازي ڪري ڇڏي پر چوندا آهين ته سٺي سوچ وارا انسان ڪڏهن به مرندا نه آهين اسان جي درميان هميشو موجود هوندا آهين انهن جي سوچ انهن جو تحريرون انهن جو يادون انهن جي شاعري ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
اوهان جي ان لاجواب شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني سائين
 
جواب: سنڌ مشهورشاعر مرحوم تاجل بيوس جو لوڪ گيت پڻهاري

سائين قبلا اوهان جي اتفاقي واقعن سبب اوهان فورم تي نه اچي سگهيا ليڪن اوهان کان سواء ڏاڍي اٻاڻڪائي هئي رات جو به دوست اوهان کي ياد ڪندا آهن رات جو اوهان سان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ليڪن اتصال ممڪن نه ٿيو اوهان جي اچڻ سان ڏاڍي خوشي ٿي ۔ الله تعالي توهان کي سلامت رکي۔ اوهان تاجل بيوس جي ڪتاب تان تمام سهڻو ونڊ ڪيو آهي ۔
 
جواب: سنڌ مشهورشاعر مرحوم تاجل بيوس جو لوڪ گيت پڻهاري

سائين نثار صاحب۔۔ وعليڪم السلام ۽ ڀليڪار۔۔۔
اوهان کي هن فورم تي ٻيهر فعال ڏسي ڏاڍو بهترين محسوس ٿو ٿئي۔۔ اوهان کان سواءِ اسان جي ڪچهري ويران هئي۔۔۔ ڇو ته توهان اسان کي پنهنجو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ بلڪل پنهنجي وڏن جيان محسوس ٿيو ٿا۔۔۔
قضا وقدر الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي، ان جي امر اڳيان هر شئي دست بسته آهي۔۔ اهي بي وقتائتا وڇوڙا واقعي ڏکيا ٿين ٿا، پر انهيءَ مشڪلن ذريعي الله پاڪ انسانن کي آزمائي ٿو۔۔ بس الله سائين کان دعا آهي ته اوهان سڄڻن کي هر لمحو خوشيون عطا فرماءِ۔۔
سائين اوهان جو هي بهترين ثقافتي ونڊ ۽ ان بابت معلومات اسان جي لاءِ بلڪل نئون آهي۔۔ سائين تاجل بيوس صاحب بيشڪ سنڌ جي بهترين شاعرن منجهان آهي۔۔ اميد ته توهان اسان سان وڌيڪ شاعرن جا رمز ڀريا ڪلام ونڊ ڪندا۔۔۔
 
جواب: سنڌ مشهورشاعر مرحوم تاجل بيوس جو لوڪ گيت پڻهاري

خوشيون آڇي ٿِي،
واسي ٿِي،
وڻجارِي،
پڻهارِي، هي، لو،


مٺا ناز سائين، ڀلي ڪري آيا ۽ اچڻ سان اصل ڀير تي ڏونڪو ئي پڻهاريءَ جو هنيو اٿوَ، جنهنجي فطرت ۾ ئي خوشيون آڇڻ آهي ... ۽ اوهانجي باري ۾ به شايد اهو ئي چئبو ته
دوست آيو ... ٿيو ملڻ جو سايو ...
خوشي آئي ... ڏک ويو ٿيو ملڻ جو سايو۔..

shal judy hujeen
 
Back
Top