عرب ملڪ ۽ اسان جو پاڙيسري هندستان جيڪو غير مسلم حڪمرانن هيٺ آهي پهريان انهن يو ٽيوب بند ڪيو پو يوٽيوب وارن کي پابند بڻايائون ته اهي لنڪ ريموو ڪن هاڻ هتي يوٽيوب هلي ٿو ڪو به اعتراض نه رهيو آهي ، سوال اهو آهي ته بذات يوٽيوب ڪو خراب شئي نه آهي خرابي آهي ان کي استعمال ڪري نبي ڪريم اقائي دوجهان رحمت العالمين صلى الله عليه والسلم جن جي گستاخي ڪئي وئي آهي ، يوٽيوب وارن جو اخلاقي فرض آهي ته هر ملڪ ۾ اها گستاخ فلم ريموو ڪري پر انهن ائين نه پيو ٿئي ، رهندو پاڪستان وارن جو بائڪاٽ ان ڪري اثر انداز نه رهيو جو خود يوٽيوب وارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان وارا پهريان يوٽيوب سائيٽ رجسٽر ڪن پوءِ اهڙا اپاءُ وٺي سگهجن ٿا ، پر بحيثيت مسلمان اسان پنهنجي نبي ڪريم صلى الله عليه والسلم سان جيڪو عقيدو رکيون ٿا ان جو ۽ اسان جو غيرت جو تقاضو اهو هجڻ گهرجي ته هن سائيٽ تان بائڪاٽ ۾ رهو ڪٿي حوض ڪوثر مقام ۾ پشيماني ۽ نامرادي نه نصيب ٿي وڃي . الله تعالى کان دعا آهي ته اسان کي پنهنجي آقا نبي ڪريم صلى الله عليه والسلم سان حقيقي ۽ والهانه محبت عطا فرمائي جنهن جي صدقي اهي عارضي ۽ دنيوي آرائشون ان آڏو ديوار نه بڻجن ، آمين !