مون ڪاٿي هڪ دفعو پڙهيو هو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنه اسلامي رياست جو پهريون خليفو بڻجن کان اڳ مدينه منوره ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا۔۔ پاڻ جڏهن خليفه بڻيا ته معمول مطابق پنهنجي دڪان تي وڃڻ لڳا۔۔ حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنه جڏهن کين ڏٺو ته پڇيائون۔۔۔ ”يا امير المؤمنين ۔۔۔ ڪيڏهن پيا وڃو۔۔۔“ حضرت ابوبڪر رضه فرمايو۔۔۔ ”پنهنجي دڪان تي۔۔“ حضرت عمر فاروق رضه عرض ڪيو۔۔”يا امير المؤمنين ۔۔۔ توهان کي هاڻي ڪاروبار بند ڪرڻو پوندو۔۔“ حضرت ابوبڪر رضه فرمايو ۔۔۔ ”ڇو۔۔؟“ حضرت عمرفاروق جواب ڏنو۔۔”شهر ۾ جيڪڏهن خليفي جو دڪان هوندو ته ماڻهون ٻين دڪانن تان سامان خريد نه ڪندا۔۔“ حضرت ابوبڪر صديق رضه نقطو سمجهي ويا ۔۔ ان ڪري پاڻ ان ئي وقت پنهنجو ڄميل ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو۔۔ اسلام جي تاريخ جو هي واقعو بيشمار ڪتابن ۾ ڇپيو۔۔ ۽ جڏهن 1500ع ۾ پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي ته اهڙن واقعن جا ترجما مختلف زبانن ۾ ڇپجڻ لڳا۔۔ ۽ پوءِ ڪتاب دنيا جي ڏورانهن ملڪن تائين سفر ڪرڻ لڳا۔۔ اهڙا واقعا ۽ خليفن جي دنيا مان رخصتي دوران سندن مال و ملڪيت جي تعداد جا واقعا جڏهن يورپ تائين پهتا ته انهن حڪومتن پنهنجي حڪمرانن جي اثاثن ۽ احتساب تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو۔۔۔ مثلن جرمني ۾ جيڪڏهن ڪو بزنس مين، ڪارخاني وارو يا سرمائيڪار سياست ۾ ايندو آهي ته ان کي پنهنجا ڪارخانا، بزنس يا فرم بند ڪرڻي پوندي آهي۔۔ ڇو ته جرمني جي سسٽم جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪاروباري شخص پارليامينٽ ۾ ايندو ته ان جي سموري قانون سازي ان جي پنهنجي ڪاروبار چوڌاري پئي گهمندي۔۔ ٿورو سوچيو۔۔۔۔ جيڪڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضه جهڙي عظيم شخصيت، خلافت جو قسم کڻڻ کان پوءِ پنهنجو دڪان بند ٿا ڪن ۽ جرمني جي بزنس مينن کي جيڪڏهن عوامي نمائندگي يا بزنس مان ڪنهن هڪ کي چونڊڙو ٿو پوي ته پو اسان پنهنجي ڪرپٽ سياستدانن، ڪاروباري سياسي قيادت ۽ ٽي ٽي سو ڪينال جي گهرن ۾ رهندڙ حڪمرانن سان ترقي ڪري سگهنداسين۔۔۔؟ ٿورو سوچيو۔۔۔۔