نزلو ۽ زڪام

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهدرند طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2010۔

  1. فهدرند

    فهدرند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2010
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نزلو ۽ زڪام


    اسانجي ملڪ ۾ مليريا کانپوءِ جنهن بيماري کان ماڻهو گهڻو متاثر ٿين ٿا، سا آهي نزل، زڪام، هڪ سروي انڪشاف ٿيو آهي ته ”هيءَ بيماري سڄو سال دنيا ۾ ٿيندي رهي ٿي، پر هن جو حملو هڪ مخصوص موسم يعني سياري ۾ ٿيندو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي وڏن شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ هيءَ سال پر ماڻهن تي حملو ڪندي رهي ٿي. زڪام يا نزلي جو ڪارڻ وائرس ٿئي ٿو، جيڪو هڪ شخص کان ٻئي شخص کي لڳي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ سڄو سال هن بيماري جي حاضر رهڻ جو سبب ڪن ڪچرو، گدلاڻ ۽ بدبوءِ آهي. ان کانسواءِ هن جي ڦهلجڻ جو هڪ وڏو سبب سواريون به آهن، جڏهن اسين ڪنهن به سواري ۾ سفر ڪندا آهيون ته سيٽ يا ان جي ڏنڊي کي ضرور هٿ لڳائيندا آهيون. جيڪڏهن اتي ويٺل پهرين شخص هن بيماري جو شڪار هوندو ته اهو پنهنجا جيوڙا سيٽ يا ڏنڊي تي ڇڏي ويو هوندو، جيڪي اسين پنهنجي هٿن وسيلي جسم ۾ داخل ڪندا آهيون. اهڙي طريقي سان هيءَ بيماري هڪ شڪار هوندو ته اهو پنهنجا جيوڙا سيٽ يا ڏنڊي تي ڇڏي ويو هوندو، جيڪي اسين پنهنجي هٿن وسيلي جسم ۾ داخل ڪندا آهيون. اهڙي طريقي سان هيءَ بيماري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچي وڃي ٿي. هن بيماري جو مدو ٽن کان ڏهن ڏينهن تائين هوندو آهي. مگر ڪراچي يا ٻين وڏن شهرن ۾ هيءَ بيماري ماڻهن کي گهڻو وقت رهندي آهي. هڪ رپورٽ مطابق ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن هن بيماري جو شڪار رهندا آهن.نزلو ۽ زڪام تي سڄي دنيا ۾ کوجنا ڪئي پئي وڃي، جنهن مان پتو لڳو آهي ته هن بيماري جا وائرس پنهنجي اهميت بدلائي سگهن ٿا، جيڪڏهن هن بيماري جو جيوڙو هڪڙو ڀيرو لڳي ته پوءِ اهو علاج کانپوءِ ٻئي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو. هن لاءِ هن کي قابو رکڻ جو بهترين طريقو بچاءُ آهي.سڀني بيمارين ۾ نزلو ۽ زڪام اهو مرض آهي جيڪو هر هر ٿيندو رهندو آهي. هر سال هن جي ڪري ڪافي مالي نقصان ٿئي ٿو. صرف سنڌ ۾ ئي ڪروڙين رپيا هن مرض تي خرچ ٿئي ٿو. هن مرض تي ايندڙ خرچ جو ڳاڻيٽو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته سياري اچڻ کان وٺي بهار تائين ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي دڪانن اڳيان اهڙن مريضن جون قطارون لڳل هونديون آهن، جيڪي اڪثر ڪري نزلي ۽ زڪام جا مريض هوندا آهن. دوائن ۽ صحت جا واپاري نڪن جا اسپري، گوريون، ڪيپسول ۽ شربت ٺاهي هن موسم ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائيندا آهن ۽ هزارين ڪارڪنن کي هن موسم ۾ موڪل وٺڻ جو بهانو به ملي ويندو آهي.زڪام ۾ نزلو ان وقت کان رهندو اچي ٿو جڏهن انسان غارن ۽ جهوپڙين ۾ هزارين جي تعداد ۾ گڏ رهندو هو، تڏهن جيڪڏهن ڪنهن بيماري جي وباءَ ڦهلبي هئي ته اها وبا گڏ هئڻ ڪري سڀني کي وڪوڙي ويندي هئي. ايترو وقت گذرڻ جي باوجود ميڊيڪل سائنس هن مريض جو ڪو تسلي بخش علاج اڄ تائين دريافت نه ڪري سگهي آهي. بهرحال هن سلسلي ۾ هي ظاهر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي ته نزلي ۽ زڪام تي کوجنا ڪندڙ محققن کي 1850ع کان اڳ گهڻو وقت ميسر نه آيو. هن وقت ۾ پهريون ڀيرو نزلي ۽ زڪام جي وائرس جو تجربي گاهه ۾ پتو لڳايو ويو. هاڻي جڏهن وبائي بيمارين تي کوجنا ٿي رهي آهي ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته هي ايتريون پيچيده بيماريون آهن جو پوئين نسل جا کوجنائون ڪندڙ ڏاها تصور به نٿا ڪري سگهن.نزلو ۽ زڪام ايترو ته عام آهي جو هن جي وضاحت ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. مثلاً ٿڌ لڳي ويئي، سينو جڪڙجي ويو، نڪ وهڻ لڳو يا بند ٿي ويو، طبعيت ڪريل رهڻ وغيره هي نشانيون اهي آهن جيڪي اسين نزلي يا زڪام لاءِ استعمال ڪندا آهيون.سبب ۽ اثرنزلو ۽ زڪام وائرس جي ڪري ٿئي ٿو، جيڪو ايترو ته ننڍو هوندو آهي، جو انکي صرف خوردبين وسيلي ڏسي سگهجي ٿو.رينو وائرس (Reino Virus):اهو جيوڙو آهي جنهن سان عام نزلو ۽ زڪام ٿيندو آهي. هي آر-اين-اي کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي. هن تي پروٽين يا وٽامن جو تهه چڙهيل هوندو آهي، جيڪو ان کي محفوظ رکندو آهي. وائرس ۾ ايتري صلاحيت نه هوندي آهي جو اهو زندگي جو ڪم ڪار پاڻ سرانجام ڏئي سگهن ٿا جنهن لاءِ به کين هڪ ٻانهن ٻيلي گهرڙي جي ضرورت پوندي اهي، جيڪو ان لاءِ پيدائشي ڪم ڪري سگهي.رينو وائرس ساهه جي مٿئين حصي بلغمي جهلي جي سطح تي واقع گهرڙين جي مرڪز تي حملو ڪندا آهيون. ان وائرس تي جيڪو پروٽين جو تهه هوندو آهي، اهو هڪ قسم جي سڃاڻپ جو نشان هوندو آهي، جيڪو انهن کي مرڪز جي ڀين تي ۽ ڪڏهن ته مرڪز تائين نه پهچائيندو آهي. وائرس هڪ ڀيرو اندر پهچڻ کانپوءِ پنهنجا پروٽين يا وٽامن جا تهه لاهي ڇڏيندا آهن ۽ هن جا آر اين اي ان گهرڙي جي مرڪز تي حملو ڪندا آهن، جتي ميزبان گهرڙي جي پاڻ کي پيدا ڪرڻواري مشين هوندي آهي. ان کان پوءِ ميزبان گهرڙي کي مجبور ڪندا آهن ته اهي وائرس جي آر اين اي ۽ پروٽين جا تهه ٺاهن. ٻن ٽن ڏينهن ۾ ميزبان گهرڙا لکين آر اين اي ۽ پروٽين ٺاهڻ جي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪمزور ٿي ويندا آهن، جيئن اهي ٻين ميزبانن تي حملو ڪري سگهن. بهرحال ميزبان گهرڙا مڪمل تباهه ٿيڻ کان پهريان پروٽين جي شڪل ۾ جنهن کي انٽرفيرون (Interferon) چئبو آهي موڪليندا آهن، جيڪو پاسن اوسن جي گهرڙين کي وائرس جي موجودگي جو ٻڌائيندو آهي ۽ کين خبردار ڪندو آهي ته بچاءَ لاءِ سندن مدد پڻ ڪندو آهي، پر وائرس تيز ڪم ڪرڻ وارا هوندا آهن، وائرس جا جيوڙا ايترو ته تيزي سان شروعات ڪندا آهن جو هو حاوي ٿي انٽرفيرون جي مڪمل حفاظتي ڪوشش کي ناڪام ڪري ڇڏيندا آهن هن حد تائين نزلي جو مريض شايد غير معمولي ڳالهه محسوس ڪندو هجي پر وائرس جون فوجون نڪ ۽ گلي ۾ جمع ٿينديون رهنديون آهن. بهرحال جيئن ئي وبا ڦهلبي آهي، تيئن جسم حفاظتي قدمن سان گڏ رد عمل به ظاهر ڪندو آهي. نزلي جون پريشان ڪندڙ نشانيون وائرس نه پر هي حفاظت طور ٿيل قدم پيدا ڪندا آهن. هنن جو هڪ حفاظتي قدم سوڄ به آهي، متاثر جڳهه تي رت جو وهڪرو وڌي ويندو آهي جنهن جي ڪري اها جڳهه سڄي ويندي آهي، سوڄ وارا گهرڙا پنهنجو ڪجهه پاڻيٺ ڪڍندا آهن، جيڪو بلغم سانملي نڪ مان نڪرندو آهي، جنهن کي نڪ وهڻ چئبو آهي، نڪ جي اندرئين تهه جي سوڄ اچڻ جي ڪري نڪ ۾ رڪاوٽ به پيدا ٿيندي آهي، جيڪا نڪ جي اندر هوا وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن جي ڪري مٿي جو سور پيدا ٿيندو آهي. نڪ ۾ هن ڊڪ ڊوڙ جي ڪري ڇڪون اچڻ شروع ٿينديون آهن، جيڪا نڪ کي صاف ڪرڻ ۽ ڪجهه وائرس ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش هوندي آهي، جيڪڏهن هي سرگرميون گلي تائين پهچي وڃن ته دماغ جو مرڪز پنهنجا ننڍا ننڍا ڌماڪا ڪندو رهندو آهي، جيئن وائرس سان ڀريل پاڻي کي ڦڦڙن تائين وڃڻ کان روڪي سگهجي. هن دوران جسم جي گرمي جو درجو به وڌي ويندو آهي. نوجوانن ۾ 103 ف بخار ڪا غير معمولي ڳاله نه آهي. وڏي عمر جي ماڻهن ۾ بخار گهٽ هوندو آهي. 100 کان وڌيڪ بخار گهٽ ئي ايندو آهي. هن وقت تائين وبا جي شڪار ماڻهن پنهنجي بيماري جو بخوبي اندازو ٿي ويندو آهي.جسم جي مداخلتي نظام جا اڇا گهرڙا وائرس جي حملي واري جڳهه تي گڏ ٿي ۽ پنهنجو تعداد وڌائي وڙهندا آهن. وڏن اڇن گهرڙن جو گروپ جنهن کي ميڪرو فيڪس چيو ويندو آهي. وائرس کي تباهه ڪندا ويندا آهن. ٻئي حفاظت ڪندڙ گهرڙا متاثر گهرڙن کي بلڪ تباهه ڪندا ويندا آهن.هن سڄي جهيڙي جي آخر ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ واريون اينٽي باڊيز پهچي وينديون آهن. هنن جو ڪم هي هوندو آهي ته اهي پروگرام مطابق وائرس سان چهٽجي وڃن ۽ گهرڙن کي ميزبان ٺاهڻ کان روڪن، انهن مخصوص اينتي باڊيز کي ٺاهڻ ۾ جسم کي ڪجهه وقت لڳندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اهي جيوڙن جي پهرئين حملي ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪري نه سگهندا آهن. هنن جي اهيمت هي آهي ته جيڪڏهن هي هڪ ڀيرو پيدا ٿيڻ کانپوءِ جيوڙن جي خاتمي تائين سرگرم عمل رهنديون آهن. ٻئي ڀيري جيڪڏهن ڪو وائرس ظاهر ٿيندو آهي ته اينٽي باڊيز انهن جي حملي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ تيار رهنديون آهن.بدنصيبي سان نزلو پيدا ڪرڻ وارا رينو وائرس جا سئو کان وڌيڪ قسم هوندا آهن. اينٽي باڊيز جيڪي صرف هڪڙي قسم کان بچائيندا آهن، ٻيو ته رينو وائرس صرف نزلي جو 40 سيڪڙو پيدا ڪرڻ جا ذميوار آهن، نزلو پيدا ڪرڻ وارس نال، ڪودونو وائرسز آهي، جيڪو پندرهن کان ويهه سيڪڙي جو ذميوار آهي، هن کانسواءِ ايڊينو وائرسز، پيرا انفلوئنزا وائرسز، برسٽائينل وائرسز، پيرا انفلوئنزا وائرسز، برسٽائينل وائرسز، ڪوڪزا وائرسز ۽ ايڪو وائرسز آهن. هي پنج کان وڌيڪ ڏهه سيڪڙو پيدا ڪرڻ جا ذميوار آهن. مجموعي طور تي نزلو پيدا ڪندڙ سؤ مختلف قسمن جا سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اڃا ڪيترن جيوڙن جي سڃاڻپ نه ٿي آهي، جن جو تعلق به وائرس سان آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجي جسم ۾ اينٽي باڊيز گڏ به ڪريون ته به اسين وائرس جو شڪار ٿي سگهون ٿا، جيئن جيئن عمر وڌندي ويندي آهي تيئن هن مرش جو حملو گهٽبو ٿي ويندو آهي. 70/65 سالن جي عمر ۾ تمام گهٽ ٿيندو آهي.نزلي پکڙڻ جا سببشروعات ۾ هيءَ بيماري خاندان جي ڪنهن به فرد کي ٿيندي آهي. خاص ڪري اسڪول ويندڙ ننڍڙن ٻارڙن کي جلد پڪڙيندي آهي، ڇو ته انهن جو پهريان وائرس سان تعلق نه رهيو آهي، ان ڪري هنن جي جسم کي اينٽي باڊيز ٺاهڻ لاءِ موقعو نه ملندو آهي. اهو صحيح آهي ته ٻار ماءُ کان فطري طور تي تحفظ حاصل ڪندا آهن، پر اهو ٿوري وقت لاءِ هوندو آهي، ان مرحلي تي ٻار تي نزلي جا جيوڙا حملو ڪندا اهن ۽ سال ۾ هنن کي ڪيترائي ڀيرا وبائي بيماريون لڳي سگهن ٿيون. حقيقت م هيٺين ڪلاسن جا ٻار جيڪي گهڻي تعداد ۾ هڪ ڪمري ۾ گڏ ويهندا آهن، انهن کي هڪ ٻئي مان وچڙندڙ بيمارين جا جيوڙا لڳندا آهن. ٻار پاڻ سان گڏ جيوڙا گهر کڻي ايندا آهن ۽ پنهنجي گهر ڀاتين کي به انهن جيوڙن کان متاثر ڪندا آهن. اهو وقت جيڪو ٻارن جي پرورش جو هوندو آهي، ان ۾ عورتن کي مردن کان وڌيڪ هي جيوڙا لڳندا آهن.عام طور تي خيال ڪيو ويندو آهي ته نزلو ٿڌ لڳڻ جي ڪري ٿيندو آهي پر اهو خيال صحيح نه آهي. ڪومن ڪولڊ يونٽ سالسبري انگلينڊ پنهنجي کوجنا ۾ هيءَ ڳالهه واضح ڪئي ته نزلو ٿڌ جي ڪري نٿو ٿئي. هن برفباري جي موسم ۾ رضاڪارن کي هلڪا ڪپڙا پارائي ٽڪرين تي موڪلبو جڏهن اهي واپس آيا ته انهن کي نزلو نه ٿيو يا وري رضاڪارن کي ٿڌ ۾ وهنجاري هوا تي ڇڏي ڏنو، پوءِ به کين نزلو نه ٿيو، پر اهي رضاڪار نزلي جو شڪار ٿيا جن هنن ٻنهي تجربن ۾ حصو نه ورتو. هن کوجنا جي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اهي عورتون جيڪي ماهواري جي مرحلي ۾ هجن، سي ٿڌ لڳڻ ڪري نزلي جو جلد شڪار ٿي وينديون آهن.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نزلو ۽ زڪام

    ادا نزلي ۽ زڪام بابت بهترين ڏس ۽ معلومات ڏني اٿو۔۔۔
    پر هڪ ڏس مان به ڏيان۔۔۔۔
    مولا علي عليه السلام جو فرمان آهي ته ”زڪام کان ڪراهت نه ڪيو، اهو الله پاڪ جي لشڪرن مان هڪ لشڪر آهي، جيڪو موذي بيمارين کي دور ڪري ٿو۔۔۔“ ڇو ته زڪام جي ذريعي اسان جي دماغ مان فاسد مادو نڪري ٿو ۽ جيڪڏهن زڪام نه هجي ته اسان جو دماغ خشڪيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔
     
  3. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: نزلو ۽ زڪام

    ادا هي پاڪستان آهي نزلو زڪام هلندو رهندو هاهاهاهاه

    [​IMG]
     
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نزلو ۽ زڪام

    منهنجي جڏهن هي تحرير تي پهرين نظر پئي ته سمجھيم ته شايد سائين پڇي ٿو اهو پاڪستان ۾ آهي۔۔۔۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نزلو ۽ زڪام

    تمام بهترين معلومات آهي سائين فهد صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو