ٻارڙن جي صحت سڌارڻ جا سونهري اصول

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهدرند طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2010۔

  1. فهدرند

    فهدرند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2010
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٻارڙن جي صحت سڌارڻ جا سونهري اصول


    سوڍو: تون وڏي ٿي ڇا ٿيندينءَ؟بختاور: مان ته ڊاڪٽر ٿينديس.طوطو: اچو ته مان توهان کي اهي ڳالهيون ٻڌايان ٿو، جن جي مدد سان توهان ٻئي ڊاڪٽر ٿي سگهو ٿا ۽ انهن سان ڪيترن ئي ٻارن جون جانيون به بچي سگهن ٿيون.بختاور: سچ طوطا ڀائو؟طوطو: ڇا توهان کي معلوم آهي ته حفاظتي ٽڪا ڪيترن ئي بيمارين کان بچائين ٿا، جن ٻارن کي حفاظتي ٽڪا ناهن لڳا، اهي ڪمزور يا معذور ٿي سگهن ٿا ۽ مري به سگهن ٿا.سوڍو: طوطا ڀائو، اهي حفاظتي ٽڪا ڪڏهن لڳائڻ گهرجن؟طوطو: سڀ حفاظتي ٽڪا ٻارن کي زندگي جي پهرئين سال ۾ لڳرائڻ گهرجن، معمولي بيمارين يعني کنگهه، نزلو هلڪي بخار ۽ دستن ۾ به ٽڪا لڳرائي سگهجن ٿا.بختاور: طوطا ڀائو، اسان کي ڪجهه ٻيو ڪو علاج به ٻڌاءِ، منهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي دستن جي بيماري آهي.طوطو: سڀ کان پهريائين ضروري ڳالهه هي آهي ته پنهنجي ڀيڻ کي گهڻو پاڻي پياريو. هي ان لاءِ ضروري آهي ته دستن ۾ جسم مان پاڻي نڪري ويندو آهي ۽ ان سان ٻار مري به ويندا آهن:سوڍو: ۽ کائڻ ۾ ڇا ڏيونس؟طوطو؛ ٻارن کي کير ۽ نرم کاڌو ڏيندا رهو جيئن کچڻي، ڏهي ڪيلو وغيره. دستن جي بيماري کان پوءِ ٻن هفتن تائين ٻارنکي پهريائين کان گهڻو کاڌو ملڻ کپي. جيئن اهي جلدي مڪمل طور تي ٺيڪ ٿي وڃن. جيڪڏهن دست گهڻا اچن ته ٻارن کي ڪنهن ويجهي ڊسپينسري يا اسپتال وٺي وڃڻ گهرجي.بختاور: دست جي بيامري کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو؟طوطو: جن ٻارن کي مائرون ٿڃ پيارين ٿيون، انهن کي دستن جي بيماري گهٽ ٿيندي آهي. گهرن ۾ ليٽرين استعمال ڪرڻ گهرجي. ٻارن ۽ وڌن کي کلي جڳهه، پيشاب يا ڪاڪوس ڪڏهن به ڪرڻ نه ڏنو وڃي. کائڻ ۽ پيئڻ وارين شين کي کليل نه ڇڏجي ۽ مکين، مٽي ۽ دز کان بچايو وڃي، نلڪي ذريعي پاڻي حاصل ڪري پيئو يا پاڻي اٻاري پيئو، کائڻ جي شين کي هٿ لڳائڻ کان پهريائين، کاڌو کائڻ کان پهريان ۽ ڪاڪوس اچڻ کانپوءِ صابڻ سان هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ گهر وارن کي به چئو.بختاور: طوطو ٿورو کنگهه ۽ نزلي جي باري ۾ به ٻڌاءِ.طوطو: ڏسو جيڪڏهن کنگهه ٿي پئي ۽ گڏ ساهه جي رفتار به تيز ٿئي ته ڊسپينسري يا اسپتال وڃڻ لازمي آهي، ڇو ته هن حالت ۾ نمونيا يعني سيني تي اثر ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. هونئن ٻارن کي نمونيا کان بچائڻ لاءِ کين سڀ حفاظتي ٽڪا وقت تي لڳرائڻ گهرجن، ڇهن مهينن کان پوءِ ٻارن کي ماءُ جي ٿڃ سان گڏ ٻئي به غذا ڏيڻ گهرجي.سوڍو: ڇا کنگهه يانزلي ۾ کاڌو پيتو جاري رکڻ گهرجي؟طوطو؛ کنگهه يا نزلي جي بيمارين ۾ ٻارن کي کائڻ پيئڻ جون گهڻيو شيون ملڻ کپن. جن ٻار کي کنگهه يا نزلو هجي، انهن کي گرم رکڻ کپي، پر گهڻو گرم به نه. ٻار کي اهڙي جڳهه تي رکڻ کپي جتي هوا صاف سٿري هجي ۽ دونهون وغيره نه هجي.بختاور: طوطو ڀائو، مليريا جي باري ۾ به ڪجهه ٻڌايو؟طوطا: مليريا مڇرن جي چڪ پائڻ سان ٿيندي آهي. ان لاءِ ٻارن کي مڇرن جي چڪ کان بچائڻ گهرجي. هن ڳالهه جو ڌيان رات جي وقت رکڻ گهرجي. علائقي جي ماڻهن کي مڇرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپي. مڇرن جا بيدا گندي بيٺل پاڻي ۾ هوندا آهن. اهڙن سڀني جڳهن تي مڇرن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جون ڪوششون ڪرڻ کپن. جتي مليريا جي بيماري عام هجي، اتي ٻارن کي بخار ٿيڻ تي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن معلوم ٿئي ته ٻار کي مليريا آهي ته هن کي پوري دوا استعمال ڪرائڻ ضروري آهي. بيماري جي صورت ۾ ٻارن کي ٿڌوو رکڻ گهرجي. پر گهڻو ٿڌو نه.، مليريا جي بيماري دوران ٻارن کي پهرئين کان وڌيڪ کائڻ پيئڻ جون شيون ڏيڻ گهرجن.سوڍو: طوطا ڀائو، اهو ته ٻڌاءِ ته اسين بيمارين کان ڪيئن بچي سگهون ٿا؟طوطو: سوڍا بيمارين کان بچڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن.(1) ڪاڪوس مان نڪرڻ کانپوءِ هٿن کي چڱي طرح صابڻ سان ڌوئڻ گهرجي.(2) کاڌو کائڻ کانپهريائين ۽ پوءِ هٿن کي صابڻ سان ڌوئڻ گهرجي.(3) پيئڻ لاءِ نلڪي جو پاڻي استعمال ڪريو جيڪڏهن اهو نه هجي ته پاڻي اٻاري استعمال ڪرڻ گهرجي.(4) درياه، کڏي يا کليل کوهه جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.(5) پاڻي ڪڍڻ وقت ڊگهي ڏنڊي وارو صاف مگ يا گلاس استعمال ڪريو، جيئن پاڻي کي هٿ نه لڳي. جيڪڏهن ممڪن هجي ته پاڻي اهڙي ٿانو ۾ رکڻ گهرجي، جنهن ۾ نل کي ٽوٽي لڳل هجي.(6) کائڻ پيئڻ جي شين کي ڍڪي رکڻ گهرجي، جيئن انهن ۾مٽي وغيره نه پوي ۽ اهو مکين ۽ ٻين ڪيڙن کان پاڪ رهن.(7) جيڪڏهن گند ڪچرو کڻڻ جو ڪوبه انتظام نه هجي ته گهر جو گند ڪچرو زمين ۾ پوري ڇڏڻ گهرجي. جيئن گندگي نه ڦهلجي.(8) ٻين جو استعمال ڪيل گلاس، پيالو يا چمچو صابڻ سان ڏوئڻ کانسواءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.(9) هر هنڌ نه ٿڪڻ گهرجي.(10) هنڌ هنڌ نه ٿڪڻ کپي، ڪاڪوس ۾ ٿڪيو يا ٿڪي مٿان مٽي وجهڻ گهرجي، ٿڪڻ سان بيماريون پکڙبيون آهن.(11) پيرين اگهاڙو نه گهمڻ گهرجي ان سان به ڪيتريون ئي بيماريون پکڙبيون آهن.بختاور: طوطا ڀائو، ٿورو ٻارن جي پالنا لاءِ به ٻڌا؟طوطو: پيدائش کانپوءِ ٽن سالن جي عمر تائين ٻارن جو هر مهيني باقاعده وزن ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻن مهينن تائين وزن نه وڌي ته ڪائي گڙبڙ آهي، چئن کان ڇهن مهينن جي ٻارن کي ماءُ جي ٿڃ کانسواءِ نرم ۽ آساني سان هضم ٿيڻ واري کاڌي جي ضرورت هوندي آهي. مثلاً ڪيلو، سوجي جو حلوو، کچڻي وغيره، ٽن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڏينهن ۾ پنج يا ڇهه دفعا کاڌي جي ضرورت پوندي آهي. ٽن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي کاڌي جي ضرورت هوندي آهي، ڪيترن ئي ٻارن ۾ فولاد جي گهٽتائي جي ڪري ڪمزوري هوندي آهي. کائڻ ۾ سايون ڀاڄيون، گوشت ۽ ميوا شامل ڪرڻ سان فولاد جي گهٽتائي گهٽ ٿيندي آهي. ذهني ۽ جسماني صحت جي لاءِ کاڌي ۾ عام لوڻ سان گڏ آيوڊين وارو لوڻ استعمال ڪرڻ گهرجي. بيماري کان پوءِ ٻارن کي ٻن هفتن تائين گهڻي کاڌي جي ضرورت هوندي آهي، جيئن انهن جي واڌ ويجهه ۾ جيڪا گهٽتائي رهجي ويئي هجي. اها پوري ٿي سگهي. ٻارن جي جسماني ۽ ذهني واڌ لاءِ ۽ ان کي خوش رکڻ لاءِ ان تي ڌيان رکو، ان سان کيڏو ۽ ان سان پيار ڪريو.هي ڳالهيون پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به پڙهايو ۽ گهر گهر صحت سجاڳي آڻڻ ۾ ڀاڱيوار ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو