سنڌي سماجي سنگت ... سعودي عرب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    نوٽ؛ سعودي عرب ۾ ڪيترن سالن کان سنڌين جي ڪنهن گڏيل تنظيم جي کوٽ کي محسوس ڪندي، هيٺ ڄاڻايل تنظيم جو بنياد وڌو ويو آهي ... سعودي عرب ۾ رهندڙ ۽ سنڌ جا دوست اميد ته هن ساٿ کي مضبوط ۽ سگهاري ڪرڻ لاءِ پنهنجي اخلاقي ساهتا مهيا ڪندا ....

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ... شاه

    سنڌي سماجي سنگت – سعودي عرب
    بنيادي گڏجاڻيءَ جي مختصر رپورٽ؛

    بتاريخ؛ جمعو، 3 مئي 2013 تي جده/مڪه ۾ رهندڙ هيٺين سنڌ دوستن جي گڏجاڻي جده شهر ۾ ٿي گذري ؛

    گڏجاڻيءَ جي شروعات ٿي؛ منجهند 2 وڳي

    1. ڊاڪٽر امان الله پهنور
    2. نظر چانڊيو (پياسي)
    3. نثار احمد ابڙو
    4. غلام نبي ڪورائي
    5. دلي جان اڄڻ
    6. دانش لطيف تيوڻو
    7. حسن صغير جتوئي
    8. وفا يامين لغاري
    9. حجازي اسد چانڊيو
    10. سجاد علي تيوڻو

    مٿئين گڏجاڻيءَ ۾ سڀني سنڌ سڄڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌو وڃي، جيڪا سعودي عرب جي سنڌين سميت سنڌ جي سماجي/علمي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙي ؛

    سڀني دوستن جي راءِ سان تنظيم جي هيٺ ڄاڻايل نالي تي اتفاق ڪيو ويو.
    ________________________________________
    سنڌي سماجي سنگت (سعودي عرب)
    Sindhi Samaji Sangat (Saudi Arab)
    ________________________________________
    فڪر يا نظريو؛
    سنڌين جي سماجي/علمي حيثيت کي دنيا جي ترقي يافته قومن جي برابر آڻڻ، سعودي عرب ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌ ڌارا ۾ شامل ڪري سنڌين جي فلاحي رفاحي ڪمن ۾ شامل ڪرڻ.
    ________________________________________
    منشور؛
    1. تعليم ۽ تربيت جي واڌ ويجهه۾ ساهتا ڪرڻ
    2. صحت جي مسئلن ۾ ساهتا ڪرڻ
    3. سعودي عرب ۾ نون آيل دوستن جي روزگار جي حاصلات ۾ ساهتا ڪرڻ
    4. سماجي/ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون ڪرائڻ
    5. سعودي عرب ۾ رهندڙ دوستن جي هنگامي ساهتا ڪرڻ
    (منشور جي فهرست وڌاءَ جوڳي رهندي)
    ________________________________________
    سمورن دوستن تنظيم جي هلائڻ لاءِ هيٺين دوستن جي ايڊهاڪ ڪاميٽيءَ تي اتفاق ڪندي چيو ته هنن دوستن جي اولين ذميواري هوندي ته تنظيم جو ڍانچو/مول متا/آئين تيار ڪندا ۽ تنظيم جي واڌ ويجهه لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري پاڻ ملهائيندا.
    1. ڊاڪٽر امان الله پهنور
    2. نظر چانڊيو (پياسي)
    3. نثار احمد ابڙو
    4. غلام نبي ڪورائي
    5. دلي جان اڄڻ
    6. عرفان مخدوم
    7. انيس رحمان سهتو
    8. بشير شيخ
    9. سارنگ شيخ
    (ڪاميٽيءَ جي نالن جي فهرست گهٽ وڌاءَ جوڳي رهندي)
    ________________________________________
    گڏجاڻي جي پڄاڻي ٿي؛ شام 4.30 وڳي.​
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جي پاران اڪثر ڪتب ايندڙ مهاورو ”وڌي واڙي لڳي ڀاڳ“ اوهان تي ئي اڄ ٺهڪي ٿو اچي۔
    سندم جنم سعودي ۾ ٿيو۔ زندگي جو پهريون نؤ بهارون سعودي عرب جي علائقي شداد ۾ ڏٺيون سو هُتي سنڌي سماجي سنگت جُڙڻ جي خوشي مون کي ته ٻين کان سوائي آهي۔
    ادا نثارابڙو صاحب پاڻ وارن سؤٽن (السندي) کي به انهي جي اعزازي ميمبرس طور رکو۔ سؤٽاڻا فرض نڀائيندي هو متان ڪُجهه عملي ۽ سهائتا وارو ڪم ڪري وِجهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام سُٺي ڪوشش۔۔۔اُميد ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي بهتري لا سنڌي سماجي سنگت پنهنجو پاڻ ملهائيندي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    تمام سٺي ڪوشش آهي، اميد تۡه سنڌي سماجي سنگت ضرور ڪاميابي ماڻيندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪنهن اهڙي سنگت يا جماعت جو پرديس ۾ رهي ڪري ديس وارن جو انتظار ۽ انهن جي سهائتا جا ڪم ڪرڻ يقينن ڀلو ۽ نيڪيءَ جو ڪم آهي۔۔ پڙهي خوشي ٿي۔۔
    هڪ ڳالهه جو الڪو به آهي ۔۔ جي تسلي ملي ته هوندر ڀلو۔۔۔
    جيتوڻيڪ اعلانيل سماجي سنگت جو ڪنهن سياست يا ملڪي قانون جي برخلاف ڪوبه ڪم نه آهي پر هتي سنڌ ۾ اڪثر ٻڌو ويو آهي ته سعودي حڪومت هميشه جماعتن يا ميڙاڪن کي ننديو آهي۔۔ ان ڪري جيڪو به ڪم ڪجي ملڪ جي قانون جي حدن ۾ رهي ڪري ڪجي۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ڪم ۔۔۔ اها سنگت آهي جيڪا سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو آواز اٿاريندي رهي ٿي۔ سڄي سنگت کي واڌايون ان اميد سان ته هي دوست پرديس ۾ گڏجي سنڌي ماڻهن جو ڀر جهلو ٿيندا۔۔۔

    واڌايون ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، ڌڻي اوهان کي سوڀارو ڪري، آمين۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    سائين تمام بهترين ڪوشش آهي هن جا شاخ مڪه ،مدينا،جده ،طائف، ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيڻ گهرجن،،،،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو