مولانا محمد عابد صاحبابومحمد چوهاڻ سليم الله سنڌي ٽيلي گرافي عامل لاهور جي هڪ علائقي ۾ هڪ ”عامل“ رهندو هو، جيڪو تعويذن جي ڪم سان گڏ حڪمت جو به ڪم ڪندو هو. خاص ڳالهه ”عامل“ جي هي هئي ته مريض جي بيماري ان جي مسئلن ۽ گهريلو پريشانين جي بنا ٻڌائڻ جي خبر ڏيندو ۽ مريض جا سڀئي حالات پاڻ ٻڌائي دوا به ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جو نالو ولايت، ڪاروبار ۽ رهائش جي باري ۾ صحيح معلومات ڏيندو هو. انهيءَ ڪري چڱا ڀلا ماڻهو سندس معتقد ٿي ويا ۽ سندس اثر وڌندو ويو. هڪ ڀيري اسان جو دوست (جيڪو هڪ اڳوڻو اسٽيشن ماستر به هو) روحاني علاج ۽ استغفاري جي سلسلي ۾ ”عامل “ جي آستاني ڏانهن ويو. آستاني جو اندروني حصو هڪ آفيس وانگر ڪمري تي مشتمل هو. جتي ويهي ”عامل“ مريضن سان ملندو هو. جڏهن ته ٻاهرين حي ۾ هڪ انتظار گاهه به هو. جتي عقيدت مند ۽ مريضنمبر وٺي پنهنجي نمبر جو انتظار ڪندا هئا. انهيءَ انتظار گاهه جي هڪڙي پاسي هڪڙي ويهڻ واري جڳهه عامل جي ڪمپائونڊر جي هئي. جتي همام رستو کڻي دوائون ٺاهيندو رهندو ه. هي ڪمپائونڊ طبيعت جي اعتبار کان خوش طبع ۽ ملڻو جلڻو هجڻ جي ڪري ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ حال احوال سان گڏ ڀوڳ چرچا ۽ نصيحتون به ٻڌائيندو هو، پر انهيءَ وچ ۾ هو مستقل پنهنجي جڳهه تي ويٺل رهندو هو ۽ دوائون ڪٽيندو رهندو هو اسان جا مائٽ آستاني تي پهتا ته ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا. پر اسان وارو اڳوڻو اسٽيشن ماسٽر صاهب همام دستي جو خاص آواز ٻڌڻ لڳو. هو ماڻهن جي ڳالهين ۽ همام دستي جو آواز چڱي طرح غور سان ٻڌڻ لڳو آخرڪار عامل جي ”ڪرامت“ تائين پهچي ويو جنهن جي صورت هيءَ ٿي ته انهيءَ اڳوڻي اسٽيشن ماسٽر صاحب ٽيلي گرافي جو فن پڙهيو هو ۽ هو ڪمپائونڊر انهيءَ فن کي استعمال ڪندي هو مريضن جي معلومات انهيءَ عامل تائين پهچائيندو هو. ٽيلي گرافي حقيقت ۾ ”ڪوڊ لينگويج“ جو هڪ خاص فن آهي، جنهن جي ذريعي ٻن شين جي ٽڪرائجڻ سان پيدا ٿيندڙ ٽڪ ٽڪ کي پيغام پهچائڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. اڳوڻي وقت ۾ جڏهن ٽيلي فون ايجاد نه ٿي هئي ته ملڪن ۽ شهرن جي وچ ۾ برقي هلندڙ ۽ بجلي ڪنڪشن جي ذريعي ٽيلي گرافي ڪرائي هڪ ٻئي سان رابطو ۽ پيغام پهچائڻ جو ڪم ورتو ويندو هو. انهيءَ ذريعي سان خوشي ۽ غمي جي تڪڙي خبر ماڻهن ۽ متعلقه ادارن جي ذريعي پنهنجن پيارن ڏانهن پهچائيندا هئا جيئن ته ريلوي اسٽيشن جو پاڻ ۾ تعاون به برقي تار ۽ ٽيلي گرافي جي ذريعي ٿيندو هو. تنهن ڪري اسٽيشن ماسترن کي هي فن خاص طور تي پڙهايو ويندو آهي، اهوئي سبب آهي جو هن اسٽيشن ماستر ماڻهن جي ڳالهين ۽ همام دستي جي ٺڪ ٺڪ ۾ هڪ جهڙائي کي پرکي ويو. اهڙي طرح جڏهن انهيءَ اندر وڃي ”عامل“ کي سڄي ڳالهه مڃرائي تحقيق ڪئي خبر پئي ته اهو نقلي عامل به ڪنهن زماني ۾ اسٽيشن ماستر رهي چڪو آهي ۽ هاڻي انهيءَ ٽيلي گرافيءَ جو هي فن پنهنجي ڪمپائونڊر کي به سيکاري ڇڏيو آهي ۽ ڪمپائونڊر ماڻهن کان انهن جي باري ۾ معلومات وٺي عامل تائين پهچائي رهيو آهي ۽ اهڙي ريت عامل ماڻهن جو ڀروسو حاصل ڪري انهن کي ڦري ٿو اسان جي معاشري ۾ اٻوجهه ماڻهن کي ڦرڻ جو هي هڪ مثال آهي، اهڙا ڪيئي ٻيا حيلا استعمال ڪري نقلي عامل ماڻهن جو اعتماد وٺن ٿا پوءِ انهن جي ايمان، اعمال، مال ۽ عزت سڀ ڪجهه برباد ڪن ٿا ۽ تجربي جي ڳالهه آهي ته عامل حضرات تمام گهڻي نفسيات جا ماهر هوندا آهن، انهن کي ماڻهن جي مزاج، طبعيتن، عادتن جي چڱي طرح خبر هوندي آهي. ٻيو هي ته عام انساني زندگي تي انهن شين جي اثرن کان به چڱي طرح واقف هوندا آهن. جيئن ڏٻرو ۽ سڪل ماڻهو نظر اچڻ وارو حقيقت ۾ چڙ چڙي پن جو شڪار هوندو آهي. ۽ بدگماني وهم انهيءَ جي عادت هوندي آهي، تنهن ڪري ان تمام گهڻا ماڻهو دشمن لڳندا آهن، انهيءَ عامل چئي ڇڏيو ته توتي جادو ڪيو ويو آهي هو ته پهريان ئي هن وهم ۾ جڪڙيل هو، اهڙي طرح بظاهر ٿلهو نظر اچڻ وارو ماڻهو طبيعت ۾ سُست ۽ بيوقوف سمجهيو ويندو آهي. اهڙين سڀني پريشانين کان بچڻ جو هڪ ئي نسخو آهي ته اسان پنهنجو هڪ اصول ٺاهيون ته جيڪو عامل قرآن ۽ حديث تي عمل ڪرڻ وارو نظر اچي ۽ شرعي احڪام جي خلاف عمل نه ڪندو هجي ان جي اڳيان پنهنجا مسئلا ظاهر ڪريون جنهن ماڻهوءَ ۾ هي شيون نه هجن ان کان پاڻ به بچون ۽ ٻين کي به بچايون. شل رب ڌڻي هدايت جي توفيق عطا فرمائي. .
12 سال اڳ اردو ڊائجيسٽ ۾ ٽلي پيثي جي باري ۾ رشيد سمون جي زور ڀرڻ تي هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي جيڪا ڪافي دلچسپ هئي۔ اڄ جي دور ۾ شعور جي ڪمي جي ڪري کوڙ سارا ماڻهو لٽجي وڃن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين ونڊ
ٽيلي پيٿي تي هڪ اُردو ناول ديوتا به لکيو ويو آهي۔۔۔گهڻو وقت اڳ مون ان جا ڪيترائي حصا ڏاڍي شوق سان پڙهيا هئا۔۔۔ اها هڪ حقيقت آهي ته قدرت انسان جي جسم ۾ کوڙ سارا ڳجهه رکيا آهن۔ ٽيلي پيٿي هجي، هپناٽزم هجي يا ڇهين حس۔۔۔سڀ صلاحيتون انسان محنت سان حاصل ڪري سگهي ٿو۔۔ڪن ماڻهن ۾ ته قدرتي اهي صلاحيتون گهٽ يا وڌ موجود هونديون آهن۔۔مختلف مذهبن ۾ انهن صلاحيتن جو تصور موجود آهي۔ اسلام ۾ روحانيت به اصل ۾ انهن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو ئي نالو آهي۔ انهن سمجهه ۾ نه ايندڙ صلاحيتن کي انسان جي فلاح ۽ بهبود لا ااستعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي۔۔الله جا ولي پنهنجي هڪ نّظر سان ٻئي جي اندر جي ڪاراڻ مٽائي سگهڻ جي بي پناهه صلاحيت رکندا آهن۔۔اهي نه فقط ماضي پر مستقبل کي به معلوم ڪري سگهن ٿا۔۔انهن جي دعائن سان قسمت بدلجيو وڃي۔۔ڪافر مسلمان ٿيو وڃن، گنهگارن کي توبه و تائب جي توفيق مليو وڃي۔۔افسوس، اڄ جي دور ۾ اهڙن الله پاڪ جي پيارن بزرگن جو وجود تمام گهٽجي ويو آهي۔۔دولت ۽ دنيا جي عيش عشرت ماڻهن کي لالچي بنائي ڇڏيو آ۔۔بي ايماني سان انهن صلاحيتن جي آڙ ۾ دوکو ۽ فريب ڏنو وڃي ٿو ۽ بدقسمتي سان صحيح پرک نه هئڻ سبب معصوم صفت ماڻهو انهن جي ڄار ۾ ڦاسيو وڃن۔۔