نالو جاهلي تمدن ۽ اسلامي تعليم جي روشنيءَ ۾

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2013۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تحرير: ڊاڪٽر عبدالشهيد نعماني
    ترجمو: چوهاڻ سليم الله سنڌي
    نالو جاهلي تمدن ۽ اسلامي تعليم جي روشنيءَ ۾
    اسلام دين فطرت آهي. اسلام زندگي گذارڻ جو جيڪو طريقو سيکاريو آهي سو ڪنهن خاص دائري تائين محدود نه آهي بلڪه زندگيءَ جي هر شعبي تي لاڳو آهي. سياست هجي يا معيشت، معاشرت هجي يا خانداني زندگي، ڪهڙو شعبو اهڙو آهي جنهن ۾ واضح رهنمائي نه آهي. حديث جي ڪتابن ۾ ”ڪتاب الادب“ جي تحت مستقل باب آهن جن ۾ انساني زندگي جي ننڍي ننڍي جزين جي باري ۾ تفصيلي هدايتون ملن ٿيون.
    انهن جزئيات مان هڪ ”نالو“ به آهي. هر انسان جي هن جهان ۾ اچڻ کانپوءِ سڃاڻپ جو پهريون ذريعو ان جو نالو آهي. نالي سان ئي هو سڃاتو وڃي ٿو. معاشري ۾ تعارف حاصل ڪري ٿو ۽ ٻين انسانن جي مقابلي ۾ هڪ امتياز ۽ انفراديت ماڻي ٿو. عربي ٻوليءَ ۾ نالي جي لاءِ لفظ ”اسم“ استعمال ٿيندو آهي جنهن جو جمع ”اسماء“ ايندو آهي ”اسم“ ۽ ”اسماء“ اسان وٽ به ساڳي معني ۾ رائج ۽ استعمال ٿين ٿا عربي زبان ۾ اسم جو مفهوم ڇا آهي ۽ ڪهڙين معنائن ۾ ڳالهايو ويندو آهي. ان جي لاءِ اسان کي لغت جي ڪتابن ۾ جهاتي پائڻي پوندي.
    امام راغب اصفهاني اسم جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: ”اسم اهو آهي جنهن سان ڪنهن ٻئي شيءِ جو تعارف حاصل ٿئي.“ علامه قسطلاني المواهب اللدنيه ۾ اسم جي تعريف هن طرح ڪئي آهي، ”اسماء اسم جو جمع آهي ۽ اسم اهو ڪلمو آهي جنهن کي عرب هڪ خاص نالي جي لاءِ ڳالهائيندا آهن ته جڏهن اهو لفظ ڳالهايو وڃي ته ذهن ان خاص نالي ڏانهن هليو وڃي.“
    هر قوم جي ٻارن جي نالي جي چونڊ ڪرڻ ۾ پنهنجو هڪ خاص ذوق هوندو آهي جنهن ۾ تمدني، معاشرتي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ترين شين جو ڪردار شامل هوندو آهي.
    جاهليت جي زماني جي عربن جي زندگيءَ تي اتان جي آب هوا ۽ موسم جو تمام گهڻو اثر هو. قريشي ۽ قحطانين کان سواءِ باقي ٻيا عرب لڏپلاڻ جي زندگي گذاريندا هئا. خيمن ۾ رهندا هئا ٻڪريون وعيره پالي ان جي کير گوشت سان پيٽ ڀريندا هئا. ساوڪ وارن علائقن ، مينهن وارن علائقن، چشمن ۽ کوهن وٽ مستقل گهمندا ڦرندا هئا. رزق جي سببن جي اڻاٺ جي ڪري ڏڪر جي زندگيءَ گذارڻ تي مجبور هئا. اهڙي صورت ۾ هڪ ٻئي جو مال ۽ اسباب ڦرڻ کان به پاسو نه ڪندا هئا. زبان داني تي فخر ڪندا هئا نرينه اولاد کي پسند ڪندا ۽ نياڻين کي جيئرو دفن ڪندا هئا. انهن جي سڄي زندگي ذڪر ڪيل عادتن سان ڀريل هئي. سندن نالن جي روشنيءَ ۾ سندن تمدني زندگيءَ جو جائزو وٺجي ته اندازو ٿيندو ان ۾ به جهڳڙي فساد هڪ ٻئي سان. دشمني ۽ فخر ۽ وڏائي جا اثر ظاهري طور تي موجود آهن. اهڙي طرح دشمن جي غلبي، سوڀ ۽ مدد جي شگون حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٻارن جا اهڙا نالا چونڊيندا هئا، جن ۾ سوڀ، مدد ۽ غلبي، بيداري ۽ بهادريءَ جو پهلو نڪرندو هجي جيئن:
    غالب (غلبو حاصل ڪرڻ وارو) غلاب ظالم عارم (بداخلاق) منازل (مدمقابل) مقاتل (ويڙهاڪو) معارف (وڙهاڪو)، ثابت (ثابت قدم) مسهر (سجاڳ) مورق (جاڳندڙ) منبهه (هوشيار) مصبح (صبح جو اچڻ وارو) طارق (رات جو اچڻ وارو)، عباس (منهن چڙهيل شينهن) ضرار (نقصان رسائيندڙ)، حمزة تيز ۽ شعله باز، شينهن مصعب ڏکيو، سرڪش.
    اهڙي طرح دشمنن کي سامهون رکندي پنهنجي اولاد جا نالا ڦاڙيندڙ ۽ وحشي جانورن جي نالن تي رکندا هئا ۽ هي اميد ڪندا هئا ته اهي دشمنن جي مقابلي ۾ وحشي ۽ درندا ئي ثابت ٿيندا ۽ دشمنن کان بدلو وٺڻ ۾ اهڙيون صفتون ظاهر ڪندا جيڪي وحشي درندن جون هونديون آهن، انهيءَ ڪري هن سلسلي ۾ اهڙا نالا به گهڻا ملن ٿا. جيئن:
    اسد (شينهن)، ليث (شيهن)، فراس (چيرڦاڙ ڪرڻ وارو)، ذئب (بگهڙ)، ضرغام (شينهن)، ڪلب (ڪتو) ۽ فهد (چيتو).
    انهيءَ ويڙهاڪ طبيعت جي اثر هيٺ هو پنهنجي ٻارن جا نالا اهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جا به رکندا هئا جيڪي ڪنڊن وارا ۽ غير فائديمند هجن. انهن نالن مان سندن مقصد پنهنجي طاقت ۽ فخر کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ هي اثر پيدا ڪرڻو هو ته سندن اولاد تي غلبو ۽ فتح حاصل ڪرڻ دشمن جي لاءِ ايترو ئي ڏکيو ٿيندو جيترو انهن وڻن ۽ ٻوٽن مان فائدو ۽ نفعو حاصل ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ هي ته سندن اولاد انهن نقصان رسائيندڙ وڻن جيان دشمن جي لاءِ هاڃيڪار ۽ نقصان رسائڻ جو سبب بڻجندو.
    اهڙي قسم جا نالا ڪيترائي ملن ٿا جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
    عظاه (ڪنڊن وارو پوٽو) قرظة (ٻٻر وانگر هڪ وڻ) طلحة (ڪنڊي وارو وڻ)، سمرة (ڪنڊي وارو وڻ) فتادة (تکن ڪنڊن وارو وڻ) ۽ هراسته (ڪنڊي وارو وڻ)
    اهڙي طرح هو سختي، درشتي ۽ انتهائي عزم ۽ همت ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اولاد جا نالا زمين جي اهڙن ٽڪرن (حصن) جي نالن وانگر رکندا هئا جن ۾ بلندي سختي، عظمت ۽ فخر ملي ٿو ۽ هو هي سوچيندا هئا ته سندن اولاد کي شڪست ڏيڻ ڪمزور ڪرڻ اهڙو ئي ڏکيو هوندو جيئن ان قسم جي زمين جي ٽڪرن جو ڪمزور ڪرڻ ڏکيو ٿيندو آهي جيئن:
    حجر (پٿر) حجير (ننڍڙو پٿر) صخر (ڇپ) فهر (سخت پٿر) جندل (وڏي ڇپ) جرول (پٿريلي زمين) حزن (سخت زمين) هزم (سخت ۽ مٿاهين زمين)
    ٻارن جي نالن جي چونڊ ڪرڻ ۾ هڪ ٻيو پهلو جيڪو واضح طور تي اسان کي نظر اچي ٿو، اهو هي آهي ته عرب جا ماڻهو نالن ۾ اهڙي معنى ظاهر ڪرڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ ڪاميابي، ڪامراني، آبادي، فلاح ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جو نيڪ فال نڪرندو هجي ۽ ان سان گڏوگڏ اولاد جي حفاظت ۽ سلامتي جو پهلو واضح هجي. جيئن:
    نائل (حاصل ڪرڻ وارو)، وائل (پهچڻ وارو نجات حاصل ڪرڻ وارو) ناج (نجات حاصل ڪرڻ وارو) مدرڪ (پهچڻ وارو) دراڪ (سٺي شيءِ حاصل ڪرڻ وارو) سالم (بچيل) سليم (بچيل) مالڪ (مالڪ) عامر (آباد ڪندڙ) سعد (سڀاڳو) سعيد (ڀاڳن وارو) مسعدة (ڀاڳن وارو) اسعد گهڻو ڀاڳن وارو.
    ان جنگجو طبيعت جو مالڪ عرب ڪڏهن ڪڏهن انتهائي سادگي به ظاهر ڪندو هو رستي ۾ نظر ايندڙ زمين تي پکڙيل جانور ۽ پکين جيتن جا به نالا پنهنجي اولاد تي رکندو هو انهن نالن مان هڪ پاسي ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جي عڪاسي ٿئي ٿي ته وري ٻي پاسي سندن سادگي ۽ بيوقوفي جو پتو پئي ٿو جيئن:
    ثعلب (لومڙي) ثعلبة (لومڙي) ضب (ڳوهه) ضبة (ڳوهه) ضبيعة (ڳوهه جهڙو هڪ جانور) ڪلب (ڪتو) حمار (گڏهه) قرد (ڀولڙو) خنزير سوئر، جحش (خچر) غراب (ڪانءَ) بڪر (جوان اٺ) عنز (ٻڪري)
    پنهنجي اولاد جي باري ۾ هن نموني جي حساس طبيعت رکڻ وارا عرب جا ماڻهو ٻانهن جي باري ۾ بلڪل مختلف ذوق جا مالڪ هئا. ٻانهن جي باري ۾ انهن جو ذوق نزاڪت مٺاڻ، لفظي ۽ معنوي حسن جمال جو خواهشمند رهندو هو.
    مذهبي تصورات، وهمن نجوم ۽ فال کي سندن زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. عربن ۾ اهڙا نالا گهڻا ملن ٿا جن ۾ عبد جي اضافت ڪنهن مشهور بت، سج يا تارن ڏانهن ڪئي وئي آهي. جيئن عبدالعزى، عيداللات، عيدمناة، عبدالمدان، عبدالشمس، عبدالشريا، عبدمناف.
    اهڙي طرح ڪيترائي نالا ڀوپن کان پڇي رکندا هئا.
    جيئن ته قريشي ۽ قحطاني سڌريل زندگي گذاريندا هئا تنهن ڪري انهن نالن ۾ اسان کي شهري زندگيءَ جي جهلڪ ملي ٿي. جيئن:
    حبيب (وڻندڙ) ربيعه (عطردان) حڪم (حاڪم) بشر (ڪشادو) مروان (چقمق) مالڪ (مالڪ) خيار (پسنديده)
    عورتن جي نالن ۾ به انهن جو ذوق نزاڪت ۽ لفظي ۽ معنوي حسن جمال ڏانهن مائل هو. جيئن:
    آمنه (امن واري) زهره (ڳوري، سرسبز ۽ شاداب)، عاتڪه (شريف تمام گهڻي خوشبو هڻندڙ) خولته (هرڻي) ماويه (آئينو، محبت ڪندڙ) ليلا (شراب) هند (محبت ڪندڙ) برة (نيڪ) نبها (خوبصورت)
    جاهليت جي زماني ۾ مصغر نالا رکڻ جو رواج هو. تصغير مان صوتي حسن سان گڏ پيار پريت ۽ محبت کي ظاهر ڪرڻ مقصود هوندو هو جيئن زهير، عبيد، سليم ۽ عمير .
    پاڻ ڪريمﷺ جن جو نالو محمدﷺ
    نبي ڪريم ﷺ جن جو نالو محمدﷺ عربن وٽ تمام گهڻو اڻ لڀ هو. انهيءَ ڪري جڏهن سندن ڏاڏي حضرت عبدالمطلب پاڻ ڪريمﷺ جن جو نالو ”محمد“ ﷺ پسند ڪيو ته قريش جي ڪن سردارن اچرج ڪندي انهيءَ نالي رکڻ جو سبب پڇيو.
    ”ڪن نقل ڪندڙن جو چوڻ آهي ته نبي ڪريمﷺ جي ولادت کان پوءِ حضرت عبدالمطلب نهايت ئي قيمتي اٺ ذبح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اٺ ذبح ڪرڻ کان پوءِ حضرت عبدالمطلب قريش جي سردارن کي دعوت ڏني. قريش جا سردار ماني کائڻ جي لاءِ گڏ ٿيا ۽ کائڻ کان واندا ٿيڻ کان پوءِ حضرت عبدالمطلب کان پڇڻ لڳا تون پنهنجي پٽ جو نالو ڇا رکيو آهي؟ حضرت عبدالمطلب جواب ڏنو ته ”محمدﷺ“ هي ٻڌي انهن ماڻهن چيو تنهنجي پيءَ ڏاڏن مان ته ڪنهن جو هي نالو ڪونهي. عبدالمطلب جواب ڏنو ته هن نالي رکڻ ۾ منهنجي تمنا هي آهي ته هن ٻار جي آسمان ۽ زمين ٻنهي هنڌن ۾ تعريف ڪئي وڃي.“
    محمد مفصل جي وزن تي آهي ۽ حمد مان مشتق آهي مفصل وزن جي خاصيت هي آهي ته ان ۾ تڪرار لڌو ويندو آهي. يعني مفعل جي وزن جي ذريعي جنهن صفت کي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ بيان ڪيو وڃي، اها صفت ان ۾ تڪرار سان هر هر لڌي ويندي. اهڙي طرح محمد جي معني هيءَ ٿي ته اهو ماڻهو جنهن جي تعريف هر هر ڪئي وڃي ۽ جيڪو صفات حسنه جو ننهن کان چوٽيءَ تائين مجموعو هجي. اهڙي طرح مڪرم ۽ معظم جي صفت به انهيءَ ماڻهو جي لاءِ استعمال ٿيندي جنهن جي هر هر تعريف ڪرڻ مقصد هجي.
    بهرحال عرب انهيءَ نالي کان باخبر ضرور هئا ۽ جاهليت جي زماني ۾ جن ماڻهن جو يهودن ۽ نصارن وٽ اچڻ وڃڻ هو يا واپار ۽ ٻين ضرورتن جي ڪري شام وغيره اچڻ وڃڻ رهندو هو ۽ راهبن وغيره سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي، اهي هن ڳالهه کان به واقف هئا ته ”محمد“ نالي هڪ نبي عرب جي سرزمين ۾ سگهو اچڻ وارو آهي بلڪه ڪن ماڻهن پنهنجي ٻارن جا نالا هن اميد ۾ رکيا ته شايد اهو هن نالي جي برڪت سان نبوت جي درجي تي پهچي سگهي.
    نبي ڪريمﷺ جن کان سواءِ ان دور ۾ جن ماڻهن جا نالا ”محمد“ ملن ٿا اهي هي آهن:
    1. محمد بن بلال بن احيحة بن جلاح فتوح البلدان بلازوي ۾ ان جي پيءُ جو نالو عقبه ڄاڻايل آهي.
    2. محمد بن سفيان بن مجاشع بن دارم.
    3. محمد بن مسلمة انصاري بن عمرو بن تميم.
    4. محمد بن حمران جعفي شاعر. هي امرءُ القيس جو همعصر هو. امرءُ القيس کيس شوير يعني ننڍڙو شاعر چوندو هو.
    5. محمد بن حرماز بن مالڪ بن عمرو بن تميم.
    6. محمد بن بربن طريف بن عتوارة بن عامر بن ليث بن بڪر بن عبد مناة بن ڪنانه.
    7. محمد بن خولي. هن جو تعلق همدان قبيلي سان هو.
    8. ابو محمد سعود بن اوس بن اصرام بن زيد بن ثعلبه هي بدر ۾ نبي ڪريمﷺ سان گڏ هو.
    9. محمد بن خزاعي بن خرابته هن جو تعلق بنو سليم قبيلي جي شاخ بنو ذڪوان سان هو.
    هي شعر ۾ ذڪر ڪيل محمد مان مراد اهوئي آهي ۽ شعر ان جي ڀاءُ قيس بن خزاعي جو آهي.
    فذلکم ذوالتاج منا محمد
    ورئيته في حومته الموت تخفق
    10. محمد الجثمي هن جو تعلق قبيلي سواءة سان هو.
    11. محمد اسيدي
    12. محمد الفقيمي.
    پوين ٽن ماڻهن جو نالو نبوت جي اميد ۾ محمد رکيو ويو هو.
    نبي ڪريمﷺ جي بعثت کان پوءِ محبت جي تقاضا جي نتيجي ۾ مسلمانن ۾ محمد نالي رکڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. تمام گهڻن نون ڄايل ٻارن جا نالا خود پاڻ ڪريمﷺ جن محمد رکيا هئا، جن مان ڪجهه ذڪر ڪجن ٿا:
    محمد بن جعفر بن ابي طالب. نبي ڪريمﷺ جي سؤٽ جو پٽ.
    محمد بن طلحه بن عبيدالله. نبي ڪريمﷺ جن انهيءَ جو پاڻ نالو رکيو هو، ان جي ڪنيت ابوسلمان هئي.
    1. محمد بن حاطب بن حارث.
    2. محمد بن ابي بڪر هي سنه10 هجريءَ ۾ ذوالحليفه ۾ پيدا ٿيو. نبي ڪريمﷺ جن ان جو پاڻ نالو رکيائون ۽ ڪنيت ابوالقاسم رکيائون. هڪ روايت ۾ آهي ته ان جو نالو نبي ڪريمﷺ جن نه رکيو بلڪه حضرت عائشه رضـي الله عنها جن رکيو.
    3. محمد بن ابي حذيفه بن عتبه.
    4. محمد بن عمرو بن حزم بن زيد لوذان خزرجي. هي نجران ۾ ان وقت پيدا ٿيو جڏهن سندس والد اتان جو وزير هو. حضرت عمرو بن حزم نبي ڪريمﷺ جن کي پنهنجي پٽ جي پيدائش جي خبر خط جي ذريعي ڏني جنهن ۾ نالو محمد ۽ ڪنيت ابوسلمان لکيائين. پاڻ ڪريمﷺ جواب ۾ لکيو ٻار جو نالو محمد مناسب آهي البت ڪنيت ابوسلمان جي بدران ابوعبدالملڪ رکجي.
    5. محمد بن اشعث.
    ذڪر ڪيل محمد نالي وارن مان محمد بن اشعث، محمد بن طلحه ۽ محمد بن حذيفه جي ڪنيت به نبي ڪريمﷺ جي ڪنيت وانگر ابوالقاسم ٿي هئي.
    نبي ڪريمﷺ جن جو قرآن ۾ نالو احمد به جاهليت جي زماني ۾ مشهور هو. جيئن ڪجهه قبيلا ۽ ماڻهو اهڙا آهن جن جي نالن سان عرب جي مختلف قبيلن جا نسل هلن ٿا. ان نالي سان مشهور آهن.
    1. احمد بن ثمامه بن جدعاء ينوطي قبيلي جي هڪ شاخ آهي.
    2. احمد بن دومان بن بڪيل همدان قبيلي جي هڪ شاخ آهي.
    3. احمد بن زيد بن خداش سڪاسڪ قبيلي جي هڪ شاخ آهي.
    4. بنو احمد طي قبيلي جي هڪ شاخ آهي.
    اسلامي دعوت عام ٿيڻ کانپوءِ نبي ڪريمﷺ جن نالي رکڻ ۾ ڪجهه هدايتون ۽ اصول مقرر ڪيا آهن جنهن ۾ پهرين تعليم هيءَ هئي ته مناسب ۽ چڱا نالا رکجن ڇاڪاڻ ته قيامت جي ڏينهن ماڻهوءَ کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو. ٻي هدايت هيءَ هئي ته ٻار جي نالي رکڻ ۾ دير نه ڪجي جلد کان جلدي نالو رکيو وڃي. ڪن ٻارن کي ڄمڻ جي ٽي ڏينهن نبي اڪرمﷺ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن انهن جا نالا رکيائون. اهڙي ريت امام بخاريؓ ”باب تسمية. المولود غداة يولد لمن يعق عنہ“ هيٺ ڪيترائي واقعا آندا آهن.
    ڪن حديثن مان معلوم ٿئي ٿو ستن ڏينهن تائين نالو رکي سگهجي ٿو، اهڙي طرح امام ترمذيؓ، ”باب في تعجيل اسم المولود“ هيٺ حديث آندي آهي:
    ”عمرو بن شعيب پنهنجي پيءُ کان ۽ هو پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪري ٿو ته نبي ڪريمﷺ جن نئين ڄاول ٻار جي عقيقه، مٿي جي وارن جي صفائي ۽ نالي رکڻ جو ستين ڏينهن حڪم ڪيو آهي.“
    هن حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته ستين ڏينهن نالي رکڻ جي رعايت موجود آهي ۽ نبي ڪريمﷺ انهن نالن جي چٽائي به ڪئي جيڪي نالا نه فقط پاڻ ڪريمﷺ جن کي پسند هئا بلڪه اهي نالا الله تعالى کي به پسند هئا. جيئن ابن ماجه ۽ ابودائود ۾ حضرت ابن عمر کان هيءَ حديث نقل ٿيل آهي:
    ”حضرت ابن عمرؒ نبي ڪريمﷺ کان روايت ڪري ٿو ته الله تعالى کي نالن مان سڀ کان وڌيڪ پيارا نالا عبدالله ۽ عبدالرحمٰن آهن.“
    سڀ کان وڌيڪ سچا نالا ڪهڙا آهن انهن جي چٽائي ڪندي پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: ”اصدقها حارث و حمام: سڀ کان وڌيڪ سچا نالا حارث ۽ حمام آهن.“
    عبدالله ۽ عبدالرحمان کان سواءِ جن نالن تي پاڻ ڪريمﷺ پسند هجڻ جو اظهار ڪيو انهن نالن ۾ ابراهيم به شامل آهي. پاڻ ڪريمﷺ پنهنجي پٽ جو نالو ابراهيم رکيو هو، نبين سڳورن جي نالن کي به پاڻ ڪريمﷺ جن پسند ڪيو. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريمﷺ نبين سڳورن جي نالن جهڙا نالا ٻارن تي رکڻ جي تلقين ڪندا هئا. جيئن ابودائود ۾ نبي ڪريمﷺ جو هي ارشاد موجود آهي: ”تسموا باسماء الانبياء- نبين سڳورن جهڙا نالا رکندا ڪريو.“
    نالن بابت پاڻ ڪريمﷺ جن نهايت ئي حساس هئا. اهڙا نالا جيڪي بي معني هجن يا انهن نالن ۾ جاهليت جهلڪندي هجي، فخر غرور يا پاڻ پڏائڻ جو پهلو نڪرندو هجي اهڙن نالن کي مِٽائي پاڻ ڪريمﷺ ڪو چڱو نالو رکندا هئا. جيئن هڪ ماڻهوءَ جو نالو حباب هو. پاڻ ڪريمﷺ ان ناليءَ کي مٽائي عبدالله رکيو. اهڙي طرح حزن نالي کي سهل سان مٽائي ڇڏيو.
    هڪ عورت جو نالو بره هو، پاڻ ڪريمﷺ ان نالي کي فقط هن سبب جي ڪري مِٽائي ڇڏيو ته ان ۾ پنهنجي تعريف جو پهلو ظاهر ٿي رهيو هو ان نالي کي مٽائي زينب رکيو.
    اهڙي طرح حضرت ابن عمرؒ کان روايت آهي ته هڪ ڇوڪريءَ جو نالو عاصيه هو، پاڻ ڪريمﷺ ان نالي کي مٽائي جميله نالو رکيو. اهڙي طرح عاص، عزير عقله، شيطان، حڪم، غادي، ظالم، اصرم ۽ مرة جهڙن نالن کي پاڻ ڪريمﷺ جن مٽائي ڇڏيو ۽ چڱو نالو رکيائون.خراب نالن جي معاملي ۾ پاڻ ڪريمﷺ ايترا حساس هئا جو جيڪڏهن ڪنهن هنڌ جو نالو به سٺو نه هوندو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ ان کي به مٽائيندا هئا. جيئن هڪ جاءِ جو نالو بقية الضلالة هو پاڻ ڪريمﷺ ان نالي کي مٽائي بقية الهدى رکيو.
    سڀ کان وڌيڪ جنهن نالي ۽ لقب کي پاڻ ڪريمﷺ جن پسند نه ڪيو هجي اهو ملڪ الاملاڪ يعني شهنشاهه آهي جيئن پاڻ ڪريمﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آهي:
    ”قيامت جي ڏينهن الله تعالى کي سڀ کان وڌيڪ ان ماڻهوءَ جو نالو پسند نه هوندو جنهن کي ملڪ الاملاڪ چيو ويندو.“
    اهڙي طرح پان ڪريمﷺ ڪنهن نالي کي بگاڙڻ يا ڪنهن کي خراب لقب سان سڏ ڪرڻ کان به روڪيو آهي. خود قرآن پاڪ ۾ اهڙي ممانعت جو ذڪر آهي.
    ولا تنابزوا باالالقاب (الحجرات)
    البت پيار سان ڪنهن نالي کي تصغير يا مختصر ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. جيئن پاڻ ڪريمﷺ جن ڪڏهن ڪڏهن حضرت ابوهريرهؒ کي اباهر چئي سڏيندا هئا. اهڙي طرح حضرت عائشهؒ کي عائش چئي سڏيندا هئا.
    مسلمانن ۾ چاهي انهن جو تعلق سرزمين عرب سان هجي يا دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ سان تعلق هجي عام طور تي عربي زبان ۾ نالي رکڻ جو رواج آهي. ايران ۽ هندستان جي ڪن علائقن ۾ اسان کي فارسي يا هندي نالا به ملن ٿا پر صفا ٿورا آهن. اسلام ۾ نالي جي سلسلي ۾ ڪا پابندي ڪونهي هي فقط مسلمانن جو قرآن پاڪ سان ۽ نبي ڪريمﷺ جن سان محبت جي ڪري آهي ته هو دنيا جي چاهي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجن پر نالا عربيءَ ۾ رکندا آهن.
    مسلمانن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول نالا اضافي ترڪيب سان آهن. مقبول ترين مرڪب نالا عبدالله ۽ عبداالرحمٰن آهن. جاهليت جي زماني ۾ به عبدالله نالو مشهور هو. خود نبي ڪريمﷺ جي بابي سائين جو نالو عبدالله هو پر مسلمانن ۾ انهيءَ نالي جي مقبوليت جو اصل سبب نبي ڪريمﷺ جو هي فرمان آهي ته هي نالو الله تعالى کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. جيڪڏهن اسماء الرجال ۽ نالن جي ڪتابن جو جائزو ورتو وڃي ته محمد ۽ احمد سان گڏ جيڪڏهن ڪو نالو ملي ٿو اهو آهي عبدالله ۽ عبدالرحمٰن آهي. نبي ڪريمﷺ جي ذڪر ڪيل ارشاد جي پيروي ڪندي امت مسلمه الله تعالى جي ٻين سڀني صفتن کي به عبد سان گڏ ملائي نالي جي صورت ڏيئي ڇڏي ۽ هي نالن جو سلسلو ايتري قدر مشهور ۽ عام آهي جو ان جي لاءِ مثال ڏيڻ جي ضرورت ئي نه آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن وري عبد جي نسبت لفظ الله کان سواءِ الله تعالى جي ٻين صفتن يا اهل بيت جي نالن ڏانهن به ڪئي ويندي آهي. جيئن:
    عبدالرسول، عبدالمصطفى، عبدالنبي، عبدالحسن، ۽ عبدالحسين وعيره عبدالحسن ۽ عبدالحسين نالي رکڻ جو رواج سُني مسلمانن ۾ گهٽ آهي البته شيعن وٽ اهڙي قسم جا نالا ملن ٿا.
    سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ ان قسم جي نالن ۾ معمولي ڦير گهير ڪري عبد کان پوءِ رب جو واڌارو ڪيو ويندو آهي. عبدالمصطفى کي عبد رب المصطفى عبدالنبي کي عبد رب النبي ۽ عبدالرسول کي عبد رب الرسول سان مٽايو ويندو آهي.
    هند ۽ پاڪ ۾ ترڪيب اضافي جي هڪ ٻي صورت مشهور ۽ عام آهي ڪنهن صفت يا اسم جي لفظ دين، حق، رحمان ۽ صفت ڏانهن اضافت ڪئي ويندي آهي. جيئن نجم الدين، بدرالدين، صدر الدين، شمس الدين، نعيم الدين، عطاء الحق، مطبع الحق منيب الرحمٰن، حفيظ الرحمان، عليم الله، حفيظ الله، ناصر الله، فضل الله، عبيدالله وغيره.
    اهڙي طرح عبد جو ترجمو غلام ڪري اڳين نالن ۽ صفتن جي واڌاري سان گڏوگڏ نالي رکڻ جو به سٺو رواج آهي. جيئن غلام نبي، غلام رسول، غلام الله، غلام ياسمين وغيره.
    هند ۽ پاڪ ۾ نبي ڪريمﷺ جن سان محبت جي اظهار جي لاءِ ڪيترن ئي نالن جي شروعات ۾ محمد جو واڌارو ڪيو ويندو آهي. جيئن محمد احمد، محمد حامد ترڪيب اضافي وارن نالن ۾ به هي واڌارو گهڻو ملي ٿو. جيئن محمد عبدالحميد.
    عرب ڪڏهن ڪڏهن انهن مرڪب نالن ۾ شڪ ۾ پئجي ويندا آهن جيئن ته انهن وٽ پيءُ جي نالي کان اڳ لفظ ابن جي واڌاري جو رواج ختم ٿي ويو آهي. ان ڪري اهڙي قسم جي مرڪب نالن کي هڪ جي بدران گهڻا نالا سمجهندا آهن جيئن محمد عبدالمجيد ۾ هو اصل نالو محمد ۽ عبدالمجيد ان جي پيءُ جو نالو سمجهن ٿا.
    نبي ڪريمﷺ جي فرمان کي اڳيان رکندي نبين سڳورن جهڙا نالا به پنهنجي ٻارن جا نالا رکيا وڃن، مسلمانن ۾ نبين سڳورن جهڙا نالا گهڻا رکيا ويندا آهن ۽ تقريباً سڀني مشهور نبين سڳورن جا نالا هن سلسلي ۾ مقبول ۽ عام آهن ۽ البت عام طور تي انهن نالن جي اڳيان محمد جو واڌارو ڪيو ويندو آهي.
    خلفاءِ راشدين، جليل القدر اصحابين، بزرگان دين علماءِ امت، نامور جرنيل ۽ ٻين پاڪ هستين جا نالا تمام رکيا وڃن ۽ انهن نالن رکڻ جو مقصد انهن پاڪ هستين سان نسبت ۽ انهن جي خوبين جو حاصل ڪرڻ هوندو آهي جيڪي انهن بزرگن ۾ هونديون آهن.
    برصغير هند ۽ پاڪ ۾ تاريخي نالن رکڻ جو گهڻو رواج رهيو آهي ۽ اهڙا نالا رکيا ويندا هئا جنهن سان نالي رکيل جي تاريخ پيدائش به معلوم ٿئي. اڄ ڪلهه تاريخي نالن جو رواج ختم ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا نالا ڊگها ۽ غير مانوس هجڻ جي ڪري اچارڻ ۾ ڏکيا هوندا هئا. ڪي نالا باوجود معنى ۽ مقصد جي لحاظ کان صحيح آهن پر جيئن ته انهن نالن سان گڏوگڏ اهڙين شخصيتن ڏانهن منسوب ٿي ويا آهن جيڪي امت مسلمه ۾ پنهنجي ڪريل ڪردار، ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري نهايت ئي ناپسند آهن ان ڪري اهڙن نالن کان برصغير وارا پاسو ڪن ٿا. جيئن يزيد حجاج وغيره.
    البت هي ڳالهه نهايت حيرت جوڳي آهي ته اسان وٽ پرويز نالو به رکيو وڃي ٿو. حالانڪه پرويز اهو بدبخت آهي جنهن نبي ڪريمﷺ جن جو خط مبارڪ ڦاڙيو هو.
    برصغير ۾ معمولي ۽بنگال ۾ خاص طور تي ڪنيت کي نالي جي شڪل ۾ رکيو ويندو آهي جيئن ابوالاعلى، ابوالبشر، ابوالخير ابوالڪلام وغيره.
    ان کان سواءِ برصغير ۾ هند ۽ پاڪ ۾ گلن، جانورن ڏينهن ۽ مهينن جهڙا نالا به ٻارن جا نالا ملن ٿا. جيئن گلاب، ياسمين جمعه، رمضان شعبان اسد ضرغام، ضيغم.
    اسان وٽ هڪ عجيب رواج قرآن پاڪ مان نالي ڪڍڻ جو آهي قرآن پاڪ جي ڪنهن صفحي کي کولي صوتي يا ظاهري شڪل جي لحاظ کان جيڪو لفظ سٺو لڳندو. اهو نالو رکيو ويندو آهي. ان لفظ جي نه معنى تي غور ڪيو ويندو ۽ نه وري چونڊيل لفظ جي باري ۾ تحقيق ڪئي ويندي آهي ته هي واحد يا جمع آهي يا مذڪر يا مونث جيئن مقيم سقيم، فرحين، عارفين مرسلين متقين مستقيم وغيره.
    ڪي نالا وري مرد ۽ عورت ٻنهيءَ ۾ برابر استعمال ڪيا ويندا آهن. جيئن اقبال، قيصر عشرت سرور، حيات تبسم، وغيره.
    برصغير جي شيعن وٽ عام طور تي ٻارهن امامن يا انهن جي مائٽن جا نالا رکيا ويندا آهن. اضافي نالن ۾ عبد يا غلام جي علي ۽ حسن حسين ڏانهن نسبت ڪئي ويندي آهي ۽ غلو جي حالت آهي ته ڪي شيعا عبد ۽ غلام جي بدران ڪلب جو لفظ به گڏ لکندا آهن. جيش ڪلب علي، ڪلب عباس ۽ ڪلب باقر وغيره ڪلب جي معنى ڪنو آهي.
    اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ تجدد جي هوا لڳي رهي آهي، ان جا اثر نالي تي ٻه پون ٿا. خراب ۽ بي معنى نالن جي مصيبت اچي وئي آهي ۽ ان شوق جي واڌاري جي هي حالت آهي ته تمام گهڻا نالا اهڙا نظر اچن ٿا جيڪي جدت ۽ ندرت جي لحاظ کان يا ته مورڳو ئي بي معنى هوندا آهن جيئن تهمينه، انيله، روبينه يا صحيح مقصد نه نڪرندو هجي جيئن سنيحه وغيره.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو