ايوانن جا آسائتا ۽ سندن لائحه عمل کان عاري منشور (اليڪشن ڪهاڻي نمبر 2)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    همراهه سهڪندو اچي پُهتو. پُڇيم خير ته آهي. ڇا ٿيو آهي؟ ڇو ڀڄندو ٿو اچين؟ چوڻ لڳو ڪُجهه دِل جون ڳالهيون اورڻيون اٿم. سوچيم هي وري پنهنجي انيڪ عشقن جا داستان ٻُڌائيندو. هو محبت ۾ توحيد جو قائل صرف خوبصورتي جي حد تائين آهي. چهرو خوبصورت هُجي عشق ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو.
    پر اڄ هو ٻي موڊ ۾ هو چوڻ لڳو “اليڪشن جو موسم پنهنجي عروج تي آهي. اليڪشن سڄي دنيا ۾ ٿيندا آهن ۽ هر موقعي ۽ اشو کي ترقي آفته يا ترقي پذير مُلڪن سان ڀيٽڻ به هڪ روايت ٿي وئي آهي. ماڻهو اهو پڙهي پڙهي ۽ ٻُڌي ٻُڌي بيزار ٿي پيا آهن ته فلاڻي مُلڪ ۾ ٽينيوئر پورو ڪندڙ گورنمنٽ اڳئين اليڪشن ۾ کٽڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي بيان ڪري رهي آهي. ايندڙ وقت لاءِ جامع پلان ڏيئي رهي آهي. ۽ مخالف ڌُر وري پنهنجو موقف ٻي انداز سان پيش ڪري رهي آهي. پر اسان وٽهميشه جيان اُبتي گنگا پئي وهي. سو انهي بحث کي ڇڏيون ٿا ته ڪير ڇا پيو ڪري. پر جيڪو ڪُجهه به هتي ٿئي پيو اُهو ئي ڪافي دلچسپ آهي.” چيم “پر مون کي ته ڪُجهه به دلچسپ نه پيو لڳي.”
    “ڇو ڀا! هن وقت جڏهن اليڪشن ويجها آهن ته ڪُجهه پارٽين کي ڇڏي (جن جو اڪثريت ۾ اچي گورنمنٽ ٺاهڻ جا چانس گهٽ ئي آهن) باقي سڀ اهڙيون پارٽيون آهن جن هنن پنجن سالن ۾ گورنمنٽ ۾ گذاريو آهي. پوءِ ڪڏهن کڻي اتحادي ٿي ته ڪڏهن وري صوبن تائين محدود پر اقتدار ۾ ڀائيواري ڪئي ضرور اٿن. پوءِ به الاءِ ڇو کين پنهنجا پويان پنج سال صفا وسري ويا آهن جڏهن هو هڪ نئين منشور سان پنهنجي اتحادين کان الڳ ٿي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڪو جامع پلان ڏيئي وؤٽ وٺڻ بجاءِ جوڙ توڙ ۽ ڪنهن نموني ٻيهر اِن ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن.”
    وراڻيم “عوام کي سُک کپي پوءِ جيڪو به اچي. رِڍون سڀ ڪار ٻوٿيون ٿيون لڳن”
    “بروبر هي اهو مُلڪ آهي جنهن جي عوام گورنمنٽ کان گهڻين بنيادي ضرورتن جي هُج گهٽ ئي رکي آهي. بس امن امان ۽ بجلي ٻه اهڙيون وڏيون تقاضائون آهن جن جي هوندي باقي ڪم پاڻ ئي ٽپائي وڃڻ جي عادي ٿي وئي آهي. ڇو ته اهو تاثر عام ٿي چُڪو آهي ته امن امان هوندو ته چُري پُري سگهبو. ڪم ڌنڌو ڪري سگهبو. معيشيت مظبوط ٿيندي. ڳوٺن کان شهرن تائين آمدرفت ۽ وڻج واپار هلندو. بجلي هوندي ته مشينري هلندي ۽ شين جي اڻهوند کان بچي سگهبو. روزگار هلندو. رهي تعليم ۽ صحت سا کڻي بنيادي ضرورت ته آهي پر ماڻهو ان لاءِ صرف ۽ صرف گورنمنٽ آسري ڪونهي ويٺا. ڇو ته صحت ۽ تعليم لاءِ جيڪا گورنمنٽ سنجيده آهي تنهن جا گذريل سٺ سال گواهه آهن جو دنيا جي انهن مُلڪن ۾ هي مُلڪ ٽاپ تي آهي جيڪي تعليم لاءِ گهٽ کان گهٽ بجيٽ رکن ٿا. سرڪاري اسڪولن ۾ گڏهه ٻڌل هُجڻ جو مثال شايد ئي ڪنهن فورٿ ورلڊ ڪنٽري جي حيثيت رکندڙ مُلڪ ۾ به مليو هُجي. صحت جا حال به اهي جو رڳو هڪ ئي دوا ۾ ٿيل گهپلي سوين ماڻهو ماري وِڌا.”
    چوڻ لڳس. “اهي ته ٿيا مسئلا پر انهن جو ڪو حل نظر اچئي ٿو؟”
    هو وري شروع ٿيو “پارٽين جا منشور پڙهي اها حيرت بلڪه ڏُک ٿو ٿئي ته کڻي سَکڻو ئي سهي پر تعليم، امن امان ۽ انرجي ڪنهن به پارٽي جي منشور جي وڏي سيڪشنس ۾ ئي ناهي. هن وقت پاڪستان جي وڏي سياسي پارٽي پي پي پي جو 2013 جو منشور کڻي ڏسبو ته تعليم لاءِ ڏنل هڪ سب سيڪشن ۾ شروعات ئي ايئن آهي ته اسان کي تعليم جو وڏو اونو آهي. ملاله يوسفزئي تي ٿيل حملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ ڪُجهه عناصر اسان کي تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ چاهين ٿا. اسان گورنمنٽ ۾ اچي تعليم جي ميدان ۾ وڏا ڪم ڪنداسين. مدرسن تي به نظر رکنداسين ته اُتي جي بهتر تعليم ملي. جي ڊي پي جو هن وقت تعليم لاءِ رکيل 2 سيڪڙو 2018 تائين 4 سيڪڙو کان مٿي ڪنداسين. سوال اهو آهي ته 2 سيڪڙو ته اٺ نو سال کان آهي. ۽ اوهان جي گذريل پنجن سالن ۾ اهو اُتي ئي اٽڪيو رهيو. هاڻي ڪيئن اُميد رکجي. گورنمنٽ جا اسڪول پنجن سالن ۾ ڪيترا بهتر ٿيا جو هاڻ مدرسن جي تعليم جي فڪر ورايو آهي. ساڳي تناظر ۾ ٻيو نمبر وڏي پارٽي نواز ليگ جو منشور ڏس ته کين به پنهنجي اسڪولن جي ٻيڙي ٻُڏل هُجڻ کان مدرسن جي وڌيڪ فڪر آهي. هو چاهين ٿا ته مدرسي ۾ تعليم جو اعلى معيار هُجي. هو به جي ڊي پي ۾ تعليم جو حصو وڌائڻ جو سکڻو واعدو ڪن ٿا جيڪو هُنن 2008 ۾ به ڪيو ته 1997 ۾ به ڪيو. پر اُها ئي ڳالهه ته
    خوشي سي مر نه جاتي گر اعتبار هوتا
    ٻين پارٽين ۾ ايم ڪيو وٽ تعليم جي بهتري انهي ۾ آهي ته روينيو جي 20 سيڪڙو جي ڪٽوتي ڪري تعليم تي خرچ ڪجي. اردو ٻولي کي وڌيڪ پروموٽ ڪريو وغيره وغيره .هونئن به هي شهري ترقي ۽ پنهنجي پيٽ جي سور ۾ هوندا آهن. عمران خان صاحب وٽ تبديلي آهي. ڪيئن؟ اها شايد کيس به خبر ناهي. بس اسان آياسين ته تبديلي ايندي. اين اين پي وٽ تعليم لاءِ . . .
    اهي ته ٿيون بنيادي ضرورتون جيڪي الله انهن پارٽين هٿان پوريون ڪرائي. باقي آهن سڀ هڪٻئي کان چڙهيل. پر هاڻي پارٽي وائيز ڏسجي ته هر پارٽي کي سڀ کان وڏي فڪر ڪهڙي اشو جي آهي ته هڪ دلچسپ حقيقت سامهون اچي ٿي.
    پيپلز پارٽي جي منشور جيڪو ڀُٽو صاحب جي هڪ بيان کي حوالي طور استعمال ڪندي شروع ٿئي ٿو ته ”مفاهمت ئي هن مُلڪ جي ضرورت آهي” . انهي منشور جو تت ڪڍجي ته معلوم ٿيندو سڀ گڏ آهيون. امن امان لاءِ ڪو واضع پلان ناهي نه ڪو واعدو آهي. بجلي لاءِ اُهي ئي پلان آهن جيڪي گذريل دفعي هئا ۽ پورا نه ٿي. پر اهو ضرور آهي ته اسان کٽي آياسين ته به سڀني کي گڏ وٺي هلنداسين ۽ ٻيو جيڪو به اچي اسان کي اعتراض ناهي اسان ان سان به گڏ آهيون. نواز ليگ وري پنهنجي منشور کي تقويت ڏيڻ لاءِ قائد اعظم جا بيان ۽ قران جو آيتون حوالي طور ڏيندي اهو نياپو ڏنو آهي ته مُلڪ جي ترقي پنجاب سان مشروط آهي. امن امان لاءِ صرف هڪ لائين لکي وئي آهي. انهي ۾ به اهو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته اهو سمجهايون ته اسلام دهشتگردي جو درس نه ٿو ڏي. ايئن نه ٿيڻ کپي. ڪنهن کي سمجهائينداسين ۽ اهو ڪيئن ٿيندو اها خبر ناهي يا وري ٻُڌائڻ نه ٿا چاهيون.
    ايم ڪيو ايم جو هڪ ئي نعرو ته شهري ترقي ئي مُلڪي ترقي آهي. ٻهراڙين ۾ جيڪا ڪُت خلق رهي ٿي سا ته بس مٽي کائي. انهن کي جيڪو ٿور و گهڻو ڏيو پيا سو به اجايو آهي. امن امان لاءِ وٽن ڪو به حل ناهي. بلڪه کي ڪا فڪر ئي ناهي. عمران خان وٽ صرف هڪ نعرو ته تبديلي ايندي. انهي لاءِ نه ڪنهن لاحئه عمل جو اعلان نه ڪُجهه بس تبديلي ايندي.
    اي اين پي کي ته هونئن ئي ساهه جي لڳل آهي. ويچارا ڊڄن ٿا ته اسان تي هاڻي ئي حملا پيا ٿين. سو جيڪڏهن اسان اليڪشن تائين سر بچايو ته اها به وڏي ڳالهه چئبي. وؤٽر وؤٽ ڏيئي سلامتي سان گهر پُهتا ۽ اسان ايوانن تائين ته پوءِ خدمت لاءِ حاضر هونداسين. معنى پهرين سر بچي پوءِ جيئن ۽ جيڪو ٿيو سو ڪبو.
    رهيا سردار ۽ وڏيرا تِن وٽ پنهنجي تڪ جو وؤٽ جهڙو مُٺ ۾ آهي. منشور نه ڪو هو نه آهي. بس رڳو اها خبر پئي ته ڪهڙي پارٽي جو سج چڙهي ٿو ۽ ڪير هيٺ ٿو وڃي ته انهي حساب سان ڪنهن سڻڀي پارٽي کان ٽڪيٽ وٺجي ته اقتداري سيٽ پڪي ٿئي. نه ته بس آزاد بيهي کٽي آيل سان جوڙ ٺاهڻ وارو آپشن ته ڪيڏاهن ويو ئي ناهي.
    پر هنن سڀني پارٽين کي اهو منشور کڻي اچڻ تي ڪا به پريشاني نه هوندي. ڇو ته سندن وؤٽر هڪ ته آهي ئي رجسٽرڊ وؤٽر جو ٽيون حصو. تِن مان به پڙهيل لکيل شايد ئي ڪو 25 فيصد به هُجي. انهي کي به ايتري فُرصت ڪٿي جو هو ويهي منشور پڙهي. بس زور بار پوڻ تي وڃي بيلٽ پيپر تي ٺپو هڻي ايندو. خالي خاني جا وؤٽر هن دفعي به پنهنجي اُميدوار جا فارم رد ٿي وڃڻ تي افسوس ڪري ايندڙ گورنمنٽ جا سور پِٽيندي اڳي جيان ٻي گورنمنٽ جو انتظار ڪندا.”
    ڳالهين ۽ حالتن تي بحث جو انت ته هڪ دفعو ٻيهر مايوسي تي ئي ٿيو. پر آئون قطعي نا اُميد ناهيان. انهن واڳوئن کي سال ٿيا اهي ڪم ڪندي پر سنڌ سلامت آهي. سنڌين جا ڳڀا اگهاميل آهن. لوڏو لهر کڻي ايندا پر سنڌ کي ڪُجهه نه ٿيندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو