• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پل

سنڌي نور

سينيئر رڪن
9982_533649510010622_229761833_n.jpg

مان اهو گذري ويل پل آهيان
جيڪو وري ڪڏهن به نه ورندو
نور
 
اميدن تي ئي دنيا قائم آهي، جيڪي رلي وڃن ٿا تن کي پنهنجي ان اميد تي ويساهه ڪون هوندو۔ ويساهه پختو هجي ته هر اميد ساڀيان ٿي ويندي آهي۔۔منظور ڪلهوڙو
 
اُميد کي يقين سمجهڻ وارا انسان، واقعي رُلِي ويندا آهن،
آس ويجهو ڪندي آهي ،
آسرو ڌوڪو ڏيندو آهي،،
جستجو ۽ ڪامل يقين ڪاميابي ڏانهن وٺي ويندو آهي،
جنهن ۾ اميد رکي ويندي آهي ضروري ناهي ته اهو يقين هجي ته ٿيندو،اها اميد ئي هوندي آهي ،
پر
ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ،
هڪ ته مايوسي ٿيندي آهي،
۽ ٻيوجنهن ۾ اميد هوندي آهي ان کان دل خراب ٿيندي آهي،
نتيجتن،ڇا ٿيندو آهي اهو اميدوار ڄاڻندو هوندو،
هڪ گزارش ،
اگر توهان ڪنهن ۾ به اميد رکو ٿا ته:
اوهان کي يقين هوندو آهي ته اهو مونکي ڪو نه موٽائيندو منهجو ڪم ٿي ويندو،(اهيو آهي 100 سيڪڙو يقين)
پر
اگر جي اهو اوهان کي ڪنهن مجبوري جي تحت به موٽائي ته اوهان 100 سيڪڙو ان کان بدزن ٿي ويندو۽ ان مجبوري کي نه سمجهي سگهندو،
نتيجتن اوهان جي دل ۾ خلش پيدا ٿي پوندي۽ اوهان ڪنهن سُٺي دوست يا ساٿي کان محروم ٿي ويندو،
پر جيڪڏهن
توهان ان ۾ 1 سيڪڙو يقين رکو۽ 99 سيڪڙو فقط آس ،
ته نتيجتن اگر ان اوهان جو ڪم ڪيو ته اوهان جو 100 سيڪڙو اعتماد بحال رهندو،۽ جي اوهان جي اميد پوري نه ٿي سگهي ته به اوهان کي ڪو پڇتاء ڪو نه ٿيندو،بلڪه ان جي ٿوري به ڪيل جستجو اوهان کي نظر اچي ويندي ۽ اوهان جو ناتو بحال رهندو،
باقي هرڪو راز جو راڻو آ،
جو به آهي موتي ءَ داڻو آ
 
اميدون هميشه رولائين ٿيون ۽ آسري ۾ رهجي ويل ڪم سدائين اڌ ۾ رهجي وڃن ٿا،

پاڻ تي ويساهه نه هجڻ سبب اهو ٿيندو آهي۔۔جيڪو به سنجيدهه انسان پنهنجي پاڻ سان سچو هوندو ان جي ڪابه اميد ضايع نه ويندي، هميشه مايوس ۽ غير سنجيدهه انسانن جون اميدون انهن کي راهن ۾ ئي رُلائي وجهنديون آهن۔ پر جئين سائين عتيق صاحب فرمايو ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي اميد تي 1 سيڪڙو يقين آهي ۽ 99 سيڪڙو آس هجي ته ان ۾ اوهان جو اعتماد بحال رهندو ۽ اوهان مايوس به نه ٿيندا۔۔۔
 
شايد توهان اسان جي سماج ۾ نه ٿا رهو يا مان ڪنهن ٻئي دنيا ۾ پئي رها؟ بابا سائين هن سماج ۾ رهڻي ڪهڻي يا رسم رواج کان
ٿورو به مختلف ڏسي اسان جا خيال ۽ اميدون ٽوڙيون وڃن ٿيون جتي اسان پنهنجا پاڻ به پنهنجي وس نه آهيون، اسان ٻين جي
چوڻ مطابق زندگي جي خاص فيصلن سان گڏ ساھ کڻڻ تائين ٻين جا غلام آهيون! جي ًگهڻو لکندم ته سنڌ سلامت جا تمام بزرگ
۽ عزت لائق ماڻهو مون کي ڪڍي تڙي پار ڪندو، ٿورو چيم ًگهڻو سمجهجو!!!
 
Back
Top