• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انصاف ڀريو فيصلو ڪريو.....

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
پنج ماڻهو هڪ ننڍي ٻيڙي ۾ سمنڊ جي سفر تي هئا. بدقسمتي سان ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ وزن هئڻ ڪري اها ٻُڏڻ لڳي. ٻيڙي کي تباهي کان بچائڻ لاءِ هڪ ئي حل هو ته گهٽ ۾ گهٽ 90 ڪلو وزن جلد کان جلد ڪڍيو وڃي. پنجن ماڻهن کانسواءِ ٻيڙي ۾ ڪو خاص وزن وارو سامان به موجود ڪونه آهي، صرف هڪ چپو ۽ خوراڪ جو ڪجهه سامان رکيل آهي. چپو جي موجودگي بيحد ضروري آهي ته جيئن ٻيڙي کي صحيح منزل تي پهچائي سگهجي. کاڌ خوراڪ جو سامان به ضروري آهي ته جيئن مُسافر زندهه رهي سگهن.


Rough%20sea.jpg


ٻيڙي ۾ سوارپنج مسافر؛
1.ملاح؛ عمر 60 سال وزن 90 ڪلو پٺيان خاندان ۾ ڪو به نه آهي. ٻيڙي ۾ موجود هي واحد شخص آهي جيڪو ٻيڙي هلائڻ ڄاڻي ٿو ۽ منزل تي پهچائي سگهي ٿو.
2.هڪ امريڪي ائٽمي سائنسدان؛ عمر 45 سال، وزن 90 ڪلو.پُٺيان وڏو خاندان رکندڙ.کيس وڏي سائنٽفڪ ڄاڻ آهي.
3.هڪ سزا يافته قيدي؛ عمر 50 سال، وزن 90 ڪلو. پُٺيان ڪو به خاندان نه آهي. 20 سال سخت قيد ڪاٽڻ کانپوءِ تازو آزادي ملي اٿس.
4.هڪ حامله عورت؛ عمر 30 سال، وزن 56 ڪلو، پٺيان 3 ٻار گهر ۾ سندس راهه ڏسي رهيا آهن.
5.هڪ سنگدل بيرحم قاتل؛ عمر 40 سال، وزن 68 ڪلو. پُٺيان ڪو خاندان نه آهي.

مسافرن جي هن تفصيل کي نظر ۾ رکندي توهان ڪهڙو انصاف ڀريو فيصلو ڪندا ته جيئن ٻيڙي کي ٻُڏڻ کان بچائي سگهجي..؟
 
ڳالهه ته مڙئي ڳوري آهي پر پو به سڀني جي حياتين کي بچائڻ لا ڪجه نه ڪجهه ته سوچڻو پوندو۔۔
 
Back
Top