اسلام عليڪم سنڌي ساٿيو
جڏهن ادا رشيد سمون سنڌ سلامت فورم جو تعارف پيش ڪيو ته مون کي به فورم تي ڪي پيڊ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو. فرض سمجهي مون هي پوسٽ ٺاهي.
انٽرنيٽ تي فورم هڪ بهترين پليٽ فارم آهي جتي توهان جي تحريرن تي تجزيا ۽ تبصره تمام تيزي ۽ خوبصورتي سان ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انٽرنيٽ بلاگ ۽ ويب سائيٽس کان فورم جي مقبوليت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.
مختلف فورمن تي ڪافي محنت ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجو فورم ٺاهڻ جو خيال ٿيو دوستن جي چوڻ تي ڀوڳن ڀوڳن ۾ هڪ فورم ٺاهي ورتو. 8 کان 10 مهينا فورم هلائڻ کان پوءِ منهنجي ملاقات ادا رشيد سمون سان ٿي جنهن مون کي وي بليٽن جهڙي طاقتور سورس جي باري ۾ تفصيلي ٻڌايو ۽ مون پنهنجي فورم کي وي بيلٽن تي آڻڻ لاءِ زور ڀريو. سندس ڳالهه کي مڃيندي مون وي بليٽن جوائن ڪيو. ۽ ادا رشيد کي موٽ ۾ وي بليٽن تي ئي سنڌي فورم ٺاهڻ لاءِ زور ڀريو. ڪجهه ڏينهن ۾ ئي جڏهن ادا رشيد وي بليٽن جو تجرباتي ترجمو ڪري ورتو ته مون کي ان لاءِ پيڊ ٺاهڻ جو چيو.
ڪم ٿورو ڏکيو هيو پر هميشه جيان ڏکين ڪمن کي چيلينج سمجهي قبول ڪري ورتم ۽ سنڌ سلامت لاءِ ادا علي علي جي تعاون سان سنڌي پيڊ ٺاهي ورتم. هي پيڊ گهڻي قدر ته محترم عبدالماجد ڀرڳڙي جي ڪي بورڊ سان مطابقت رکي ٿي پر يقينن هن ۾ ڪافي غلطيون آهي. ادا رشيد سمون ڪجهه تبديلون ڪري هن ۾ چار چنڊ ته لڳايا آهن پر ان باوجود هن جو معيار تسلي وارو نه آهي.
ڪي پيڊ جو منظر توهان جي اڳيان هيٺين تصويري خاڪي مطابق موجود آهي.
توهان جهڙا دوست مشورا ڏيندا رهيا ته سنڌي پيڊ جي معيار کي وڌيڪ خوبصورت بڻائبو.
توهان جي بهترين مشورن جو شدت سان انتظار رهندو
سنڌ سلامت ساٿ سلامت