• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرھ جا پيغام - نثري نظم

غريب گل

سينيئر رڪن
الائي ته ڇاکان
اوهان جي پڄاڻان
اسان جي من جون
اداس گليون
۽ دل جا سمورا هي ويران رستا
۽ ڀٽڪيل اسان جا
اهي خواب سارا
سجاياسين جيڪي
اوهان لاءِ پل پل
سي ساڀيان ٿيڻ کان
اڳي ئي او سائين
ڪي ته اڏري ويا
ڪي ته وکري ويا
سي نه ميڙي سگهياسين
ٽُٽِي جي پيا ها
اهي خواب سارا
سجاياسين جيڪي
اوهان لاءِ پل پل سي
ساڀيان بنائڻ کان اڳ ۾ او ساٿي
ڪنهن اڄاتل سفر جي
ڪئيسين تياري
اسان کي اوهان کان
نه شڪوه شڪايت
اسان ئي رهياسين
اوهان جا مياري
نه ويهي سگهو جي اسان جي پٿر تي
نه روئي سگهو جي اسان جي قبر تي
مگر منٿ پوءِ ٿي مڃو جي !
ته مرڪي اسان کي ڪجو الوداع
بس
مرڪي اسان کي ڪجو الوداع
 
Back
Top