سولر انرجي استعمال ڪندڙ ليپٽ جو ڪنسيپٽ...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو ٻڌون پيان ته توانائي جو بحران صرف پاڪستان ۾ ئي ناهي پر دنيا جي 80 سيڪڙو ملڪن ۾ ساڳيو بحران آهي۔۔ ها پر پاڪستان ۾ ان جا اثر ان ڪري به سوايا آهن جو هتان جا حڪمران عوام بجائي پنهنجا مفاد اڳ ۾ رکن ٿا۔۔۔
    خير منهنجو مقصد ڪا سياسي بحث ڇيڙڻ ناهي بلڪه توهان دوستن اڳيان آئي ٽي بابت هڪ خبر پيش ڪرڻ آهي۔۔ مختلف ڪمپيوٽرس ۽ ليپٽاپ جوڙيندڙ ڪمپنين توانائي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪجهه اهڙا ليپٽاپ تيار ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي جنهن ذريعي بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ پڻ ليپٽ جا بيٽري کي چارج ڪري سگهجي ۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر ان ليپٽاپ تي جي ايس پي وانگر سيٽلائيٽ انٽرنيٽ تائين پهچ آسان بڻائي سگهجي ته اهڙن ليپٽاپ کي مختلف ڏورانهين جڳهين تي پڻ استعمال ۾ آڻي سگهجي ۔۔۔
    وڌيڪ تفصيلي ليک کان بهتر آهي ته اهڙي ليپٽاپ جي تصويري نظاري کي توهان اڳيان آڻجي جنهن جي اندر ئي ڪجهه بنيادي معلومات موجود ملي۔۔۔ سولر انرجي سان وڌيڪ لڳاؤ رکندڙ اسان جي محترم سائين رحيم بخش جن کي پڻ هن موضوع ڏانهن متوجه ڪجي ٿو ته جيئن پنهنجي گهري نظر سان اندازو لڳائي ٻڌائي سگهن ته ان ڪمپني کي اهڙي ليپٽاپ ٺاهڻ ۾ ڪهڙيون پريشانيون اچي سگهن ٿيون۔۔۔


    [​IMG]



    [​IMG]


    [​IMG]



    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين سولر انرجي جيڪا اڳ جي مقابلي ۾ ڪافي سستي به ٿي چڪي آهي تازو نوابشاه جي ڀرسان هڪ بزرگ شخصيت جيڪي سائين سڳورا جي نالي سان مشهور آهن انهن کي سولر سسٽم لڳائي ڏنو آهي اڳ ۾ جيڪو سو واٽ جو پينل 35000 هزار هو اهو هن وقت 10000 هزار ۾ ملي ٿو ان سان گڏ انورٽر يا يو پي ايس ۽ هڪ بيٽري 150 کان 200 ايمپئر جي اها نارمل يا ڊراء ٻئي استعمال ڪري سگهجن ٿيون اهو سٺو سسٽم تقريبا 60 يا 65 هزار ۾ ملي سگهي ٿو ان سان توهان پنهنجي گهر ۾ 2 يا 3 فين چار پنج سيور ۽ ٽيوي ڪمپيوٽر پڻ هلائي سگهو ٿا اهو سسٽم ڏينهن جو ته سڄو ڏينهن بنا بجلي جو ڪم ڪندو ليڪن رات جو ڪجهه ڪلاڪ جيستائين بيٽري چارج هوندي استعمال ۾ آ ڻي سگهجي ٿو۔ اگر ڪو تمام گهٽ خرچ ۾ پنهنجي لاء سک ڳولي ته ان لاء به پيڪيج آهي ته فقط هڪ 50 واٽ جو پينل 5000 روپيه ۾ وٺي ۽ هڪ 12 وولٽ جو ننڍو فين سڄو ڏينهن فري ۾ هلائي گرمي جي شدت کان بچي سگهي ٿو ان تي ڏينهن جو 12 وولٽ جون ننڍيون بتيون پڻ استعمال ڪري سگهي ٿو۔ اهڙي طرح سولر ليپ ٽاپ موبائيل چارجنگ لاء پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو بس فقط رات جو استعمال لاء ان ۾ طاقتور بيٽري بيڪ اپ جي ضرورت آهي سو وقت جي تقاضا کي ڏسي لڳي ته جلدي اهي شيون مارڪيٽ ۾ دستياب ٿي وينديون۔ ۽ هن انرجي ۾ پهريان کان ڪافي ترقي ٿي چڪي آهي ۔ آمريڪا طاقتور سيل ايجاد ڪري پينل جي سائيز ننڍي کي به طاقتور واٽ مهيا ڪرڻ جي قابل بنايو آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو