• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 7 مئي تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 7 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 مئي 1861ع بنگالي ٻولي جي مشهور اديب، شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگور جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مئي 1898ع شاعر مرزا علي محمد بڪڪ مظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مئي 1942ع ٻاراڻي تنظيمن جي اڳواڻ گرمک سنگهه ٽهلياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1959ع مذهبي عالم ۽ سياستدان خالد محمود سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1962ع شاعر الهڏنو فقير جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1966ع شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

7 مئي 1924ع سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو.
7 مئي 1962ع سگهڙ الهڏنو فقير ماڇي جو انتقال ٿيو.
7 مئي 1966ع مذهبي اسڪالر مولوي نور محمد انڍڙ جي وفات ٿي.
7 مئي 1970ع شاعر سيد حاجن شاهه هم وطن جي وفات ٿي.
7 مئي 2015ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڪيرت ٻاٻاڻي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.
_______

اڄوڪي ڏينهن 7 مئي جا ڪجهه اهم واقعا

i5BS4qKBKax9w.jpg


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
_______
 
Back
Top