اميد منهجي نظر ۾

'مختلف موضوع' فورم ۾ عتيق الرحمان طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2013۔

  1. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اُميد کي يقين سمجهڻ وارا انسان، واقعي رُلِي ويندا آهن،
    آس ويجهو ڪندي آهي ،
    آسرو پري ڌڪيندو آهي،،
    جستجو ۽ ڪامل يقين ڪاميابي ڏانهن وٺي ويندو آهي،
    جنهن ۾ اميد رکي ويندي آهي ضروري ناهي ته اهو يقين هجي ته، ٿيندو،اها اميد ئي هوندي آهي ،
    پر
    ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ،
    هڪ ته مايوسي ٿيندي آهي،
    ۽ ٻيوجنهن ۾ اميد هوندي آهي ان کان دل خراب ٿيندي آهي،
    نتيجتن،ڇا ٿيندو آهي اهو اميدوار ڄاڻندو هوندو،
    هڪ گزارش ،
    اگر توهان ڪنهن ۾ به اميد رکو ٿا ته:
    اوهان کي يقين هوندو آهي ته اهو مونکي ڪو نه موٽائيندو منهجو ڪم ٿي ويندو،(اهيو آهي 100 سيڪڙو يقين)
    پر
    اگر جي اهو اوهان کي ڪنهن مجبوري جي تحت به موٽائي ته اوهان 100 سيڪڙو ان کان بدزن ٿي ويندو۽ ان مجبوري کي نه سمجهي سگهندو،
    نتيجتن اوهان جي دل ۾ خلش پيدا ٿي پوندي۽ اوهان ڪنهن سُٺي دوست يا ساٿي کان محروم ٿي ويندو،
    پر جيڪڏهن
    توهان ان ۾ 1 سيڪڙو يقين رکو۽ 99 سيڪڙو فقط آس ،
    ته نتيجتن اگر ان اوهان جو ڪم ڪيو ته اوهان جو 100 سيڪڙو اعتماد بحال رهندو،۽ جي اوهان جي اميد پوري نه ٿي سگهي ته به اوهان کي ڪو پڇتاء ڪو نه ٿيندو،بلڪه ان جي ٿوري به ڪيل جستجو اوهان کي نظر اچي ويندي ۽ اوهان جو ناتو بحال رهندو،
    باقي هرڪو راز جو راڻو آ،
    جو به آهي موتي ءَ داڻو آ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺيون ڳالهيون ۽ بهترين شيئرنگ ۔۔۔ مان به ڪنهن عالمِ دين جو قول ونڊ ڪندس

    ڪنهن به ماڻهوءَ منجهه ڪا اميد نه رکجي، جيڪو بندو ڪنهن ۾ اميد نٿو رکي، اهو نااميد به ڪونه ٿو ٿئي، اميدون توازن کان گهٽ رکڻ گهرجن، جيئن اهي آسانيءَ سان پوريون ٿي سگهن.

    ڪجهه وڌيل قول

    پنهنجو پهريون قدم پوري اعتماد سان کڻ، توکي پهرين ئي قدم رکڻ سان سڄي ڏاڪڻ ڏانهن نهارڻ نه گهرجي. (ڊاڪٽر مارٽن ليوٿر ڪنگ)

    اعتبار ۽ اعتماد به هڪ عجيب چيز آهي، ناياب ايتري جو ڳوليندا وتو ته عمر گذري وڃي، سستي ايتري جو محبت ڀريل نگاهه، يقين سان ڀري ڇڏي. (پرستار)

    اعتماد کان سواءِ دوستي نه ٿي ٿي سگهي ۽ سچائي کان سواءِ اعتماد نٿو ٿي سگهي. (سموئيل جانسن)

    اعتماد به روح وانگر هوندو آهي جو هڪ دفعو هليو ويو ته وري واپس نه ايندو آهي.

    خوش قسمت آهن اهي ماڻهو، جيڪي اميدون نٿا رکن، ڇو ته کين ڪڏهن به مايوس ٿيڻو نٿو پوي. (والڪاٽ)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو