هي ڳالهه ٻُڌائيندي الاهي خوشي پئي ٿئي ته چانڊڪا ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ڪلاس فيلو ڀاءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ سندس علاج لاءِ گهُربل 80 لک لاءِ ڪوشش ڪئي. هو در در ويا۔ هُنن هن مهل تائين 56 لک گڏ ڪري ورتا آهن ۽ پُر اُميد آهن ته باقي پئسا به گڏ ڪري وٺندا۔ ۽ سندن ڪلاس فيلو جو انڊيا مان علاج ٿي سگهندو۔ تفصيل لاءِ هيٺ ڏنل وڊيو ڏسي سگهجي ٿي۔
هتي سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪيل اهڙي ڪم جو حوالو به ڏبو جڏهن ادي تسليم ڪئنسر جهڙي مرض ۾ مبتلا هوندي مدد جي اپيل ڪئي ۽ دوستن انهي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي۔ خاص ڪري سائين @مصطفي ميمڻ صاحب جن جي ڪوشش سان وقت سر آپريشن ٿيو ۽ هاڻ ڪرن هاسپيٽل کيس ڪئنسر کان مڪمل نجات ملڻ جوسرٽيفڪيٽ ڏنو آهي۔