مهرباني ادا زاهد بهترين سافٽويئر ٻڌايو اٿوَ۔۔۔
سائين رحيم بخش ۽ ٻين دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هي سافٽويئر جنهن جو نالو Lupo PenSuite آهي ۽ بلڪل مفت ۾ موجود آهي ۾ 200 پروگرام شامل آهن۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻئي دوست جي ڪمپيوٽر يا ڪيفي ۾ وڃي ڪمپيوٽر استعمال ڪري رهيا آهيو ته ان ڳالهه جي پريشاني جي ضرورت نه آهي ته توهان جو پسنديده سافٽويئر ان ڪمپيوٽر ۾ موجود نه آهي يا وري جيڪڏهن توهان کي پاورپوائينٽ جي فائيل ڏسڻي آهي پر ان ڪمپيوٽر ۾ ته آفيس ئي انسٽال ٿيل نه آهي ۔۔۔ هي سافٽويئر دراصل 200 انسٽالڊ ٿيل سافٽويئر جو مڪمل پورٽيبل پيڪيج آهي جيڪو توهان پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ رکي ڪاٿي به ساڻ کڻي وڃي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ ڪنهن به ٻئي ڪمپيوٽر ۾ ڪنهن سافٽويئر کي انسٽال ڪرڻ کانسواءِ اهو سافٽويئر هلائي سگهو ٿا۔۔۔
هن جي اضافي خوبي آهي هن جو سٽارٽ مينو نما انٽرفيس جتي توهان جي پسنديده سافٽويئر جا شارٽ ڪٽ آئيڪان جي صورت ۾ موجود آهن۔۔۔ ايتري تائين جو توهان ڪاٿي مهمان ٿي وڃو ۽ ميزبان مصروف هجي ته توهان پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ موجود هن پروگرام کي هلائي دلچسپ گيمز کان پڻ لطف اندوز ٿي سگهو ٿا۔۔۔۔
باقي هڪ سوال جو جواب ادا زاهد نظاماڻي ئي ڏين ته چڱو لڳندو ته ڇا هن ۾ موجود پروگرامن ۾ تبديلي ڪندي ڪجهه پنهنجي ڪم وارا پروگرام شامل ڪري سگهجن ٿا۔۔۔؟