هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    هند ۾ رهندڙ بهترين سنڌي فنڪاره ڪوشي لالواڻي جي نانءُ​

    ڀيڻ ڪوشي لالواڻي پنهنجي منفرد شاعري ۽ منفرد گائيڪي جي ڪري هاڻي هند ۽ سنڌ جي هر سنڌي جي دل جو آواز ٿي وئي آهي،ڪافي عرصو پهرين جڏهن سندس پروڊڪشن جي سهڪار سان سندس ڳايل سنڌي ٻارڙن خاص ڪري سنڌي ننڍڙن شاگردن جي نظمن جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ آئي هُئي ته هند ۽ سنڌ جي سمورن سنڌي اسڪولن ۾ ڌوم مچي وئي هُئي.......تازو سندس پروڊڪشن جي ...زير اهتمام هڪ انگلش فلم
    آئي جنهن ۾ سندس ڳايل گيت جنهن ۾ جاڳ سنڌي جاڳ ناهي ويل سمهڻ جي ڀاءُ ، سنڌ مشهور شاعر مرحوم تاجل بيوس جي وائي موٽي ملنداسين جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، ان کان علاوه شادي وارا گيت سس مُڪيو سوڻ ، ڪونجڙي او ڪونجڙي تون ڪٿان آئين ڪونجڙي ڳائي ۽ ٻيا به ان فلم ۾ خوبصورت سنڌي گيت تخليق ۽ ڳائي ساري دنيا جي سنڌين ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو جاڳائي ڇڏيو، اڄ انهي هند ۾ رهندڙ سنڌي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي کي چند لفظن جي ڀيٽا وائي جي صورت ۾ ڏني اٿم، مونکي ڪانهي خبر ته اها وائي مون ڪيئن لکي آهي، ڪو اندر ۾ آيو ۽ اها وائي لکائي ويو..... خير انهي دُعا سان ته ڀيڻ ڪوشي لالواڻي سدائين سُر وکيريندي رهي ۽ شال سلامت رهي جُڳن جُڳن تائين


    [​IMG]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    سائين توهان جي وائي زبردست آهي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    سا ”ناز“ سنڌ ڌڃاڻي۔۔
    واهه سائين تمام بهترين شاعري آهي۔۔ ادي رنجيت کي گهرجي ته اها نظم ڪوشي لالواڻي تائين پهچائي۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    سائين نثار ناز، اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ، ڪوشي لالواڻي هند ۾ سنڌي زبان جي سورمي آهي جا سنڌي هندن کي پنهنجن گيتن ذريعي سنڌ جي زمين ۽ زبان سان سلهاڙڻ جا جتن ڪندي رهي آهي ... اوهان کيس هي خراج عقيدت ڏئي اسانجي دلين ۾ به سندس لئه احترام جي منزل سوائي ڪري ڇڏي آهي ...

    قومي سرمائي کي سانڍڻ ته ڪو اوهان جهڙن دوستن کان سکي ... ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    ادا رحيم بخش توهان محترما ڪوشي لالواڻي جي نانءُ لکيل وائي کي زبردست چئي منهنجو ۽ ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جو مان وڌايو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک لائق مٺا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    مست سائين توهان سائڻ ڪوشي لالواڻي جي نانءُ ڪيل منهنجي وائي کي بهترين چئي پنهنجي قربن ۽ محبتن سان مونکي ۽ مانَ واري ڀيڻ ڪوشي لالواڻي صاحبه کي نوازيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿورا ۽ نوازشون آهن توهان مستن جون۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٺو رنجيت ته خبر ناهي ڪٿي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي منهنجي هيءَ شاعري ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي خدمت ۾ بلڪل پهچي چُڪي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀيڻ ڪوشي لالواڻي پاڻ بذات خود سنڌ سلامت تي مهمان جي حيثيت سان هن پوسٽ جو مشاهدو ڪري چُڪي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک لائق ڀيڻ جا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    ادا نثار مڪي پاڪ وارا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٺا رب سائين جيڪڏهن پيار خلقيو آهي ته اهو ورهائڻ لاءِ هوندو آهي ۽ زندگي ته سموري محبتون ورهائڻ لاءِ هوندي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀيڻ ڪوشي کي اها پيار ڀري ڀيٽا ڏنم۔۔۔۔۔۔ هڪ سنڌياڻي ڀيڻ خبر اٿئي ڪيڏا نه پيار ان جي بدلي ۾ مونکي ۽ سنڌ وارن کي ڏنا آهن۔۔۔۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ ڀيڻ ڪوشي فوري هڪ اي ميل ذريعي مونسان شڪريه ادائگي به ونڊ ڪئي آهي ڀيڻ ڪوشي جا اهي ٿورا لاهي ته نٿو سگهان پر تمام عمر ڳائيندس ضرور پيو۔۔۔۔۔۔ دوست خلوص واري پيار جي ڪا سرحد ڪانه هوندي آهي۔۔۔۔۔۔ ڀيڻ ڪوشي لالواڻي ته پوءِ به هن سنڌ ڌرتيءَ جي ڄائي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀيڻ ڪوشي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ گيت جاڳ سنڌي جاڳ جي بهترين شاعري، ۽ انتهائي لاجواب ڌُن ڪمپوزنگ ڪئي آهي، ان جي جواب ۾ ته ادي ڪوشي لالواڻي لاءِ اها مون واري شاعري ڪا حيثيت ئي نه ٿي رکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شال سنڌ جون سورميون سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهڙا مڌر گيت جوڙينديون رهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌي سدائين شاد ۽ آباد رهن۔۔۔۔۔۔۔ توهان جا ٿورا۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    بيشڪ ڪوشي لالواڻي سائين نثار ناز صاحب جي لکيل لفظن جي حقدار آهي۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سندس خدمتون لاجواب ۽ بي مثال آهن۔۔۔
    دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته سنڌ سلامت جو ڦيرو ڀريندڙ دوست دنيا جي مختلف ملڪن مان ايندا رهندا آهن ۔۔۔ ان جو اندازو انهن ميل مان به ظاهر ٿئي ٿو جيڪي رووزانو درجنن جي حساب سان وصول ٿين ٿيون۔۔۔
    ادا رنجيت جا لک لائق جو هنن سنڌ سلامت بابت ممبئي ۾ موجود سنڌين کي آگاهي ڏني جنهن ڪري انڊيا مان دوست پڻ رابطو ڪري رهيا آهن۔۔ پر اصل مسئلو آهي ته اتان جا سنڌي۔۔، سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي محسوس ڪندا آهن۔۔۔
    سڀني رڪنن سميت ايندڙ مهمانن کي به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ سلامت فورم جي فوٽر (هيٺ کاٻي پاسي) ۾ موجود اختيار ”اسان سان رابطو ڪيو“ کي استعمال ڪري توهان اسان ڏانهن پنهنجا رايا ۽ مونجهه پريشانيون ميل جي صورت ۾ موڪلي سگهو ٿا۔۔۔۔
     
  9. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    ادا زبردست
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    محترم مجيب ڀاءُ لک ٿورا جو توهان منهنجي هن شيئرنگ کي زبردست چئي منهنجي همت افزائي ڪئي۔۔۔۔۔۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    سائين اها تمام سٺي ڳالهه آهي۔۔
    ادو رنجيت اڄ ڪلهه مصروف ۽ وڏو ماڻهو ٿي ويو آهي۔۔۔ اسان مستن کي ياد ئي نه ٿو ڪري۔۔۔ نه ڪو وري سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ٿو ڀيرو ڀڃي۔۔۔ توهان استاد آهيوس ڪا ڇنڊڙي پٽيوس
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ
    مونکي اها ڳالهه ٻُڌائيندي انتهائي خوشي پئي ٿئي ته سنڌ ڄائي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي صاحبه جي هيءَ ٻي اي ميل مونکي اڄ تقريبن هڪ ڪلاڪ پهرين وصول ٿي آهي، جنهن ۾ ڀيڻ سنڌ سلامت تي وزٽ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پاڻ لکين سنڌ سلامت جي ڀائرن جا ٿورا مڃيا اٿس ۽ تمام گهڻا پيار هن پوسٽ جي حوالي سان اسان سڀني سان ورهايا اٿس۔ پاڻ ذاتي طرح مونکي اهو پڻ چيو آهي ته مان هن اي ميل جي سنڌي ٽرانسليٽ ڪري سڀني سنڌ واسين کي ٻُڌايان۔ خير مان اها اي ميل ڪاپي ڪري هتي لڳايان پيو،ته سڀئي دوست ان محبت ڀري اي ميل جو پاڻ مشاهدو ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔


    [​IMG]

    هڪ دفعو ٻيهر اسين پنهنجي سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جا انتهائي شڪر گُذار آهيون، جو هن محبت ڀرئي لفظن سان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سڀني سنڌ واسين جو مان مٿاهون ڪيو اٿس۔۔۔۔۔
     
  13. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    we all are elated and feel proud that madam Koshi has visited sindhsalamat and she has humbled us by thanking
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هند ۽ سنڌ جي سُرن جي راڻي ”ڪوشي لالواڻي“

    ادا مجيب توهان جي ماشاالله انگريزي تمام سُٺي آهي پليز ان اي ميل جو ترجمو ايز اٽ لکو ته تمام مهرباني ٿيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو