• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وقت

چاچو چڀڙ خان

سينيئر رڪن
وقت آهي بادشاهه،
وقت کي آهي سلام.
وقت ڪنهن جي لاءِ ترسي ڪو نه ٿو.
وقت ويندو نيٺ گذري، جو ويو گذري سو موٽي ڪو نه ٿو.
وقت ڪيئن گذري ويو، ڪل ئي نه پئي،
سڀ غلط آهي، غلط آهي، غلط!
وقت بيحرڪت، سراسر بيوجود:
لازمانيءَ ۾ مڪانيت جو حُسنِ اتفاق،
ڪهڪشاني روشنين، اونداهين جو کيل، گردش
ابتدا کان انتها تائين فقط هڪڙي خيالي شاهراهه،
جنهن تي دم دم زندگيءَ جا قافلا گذرن پيا،
وقت گذري ڪو نه ٿو،
پاڻ ئي گذرون پيا.
 
وڃايل دولت، محنت ۽ ڪفايت شعاري سان وري حاصل ڪري سگهجي ٿي، وڃايل علم، مطالعي سان وري ملي سگهي ٿو، وڃايل تندرستي، ڊاڪٽر ۽ دواجي مدد سان واپس اچي سگهي ٿي، ليڪن وڃايل وقت لک ڀيرا ڪوشش جي باوجود به ٻيهر حاصل نٿو ٿي سگهي.
 
وقت ئي سڀ ڪجهه آهي، مان جنگ هارائي سگهان ٿو، ليڪن وقت ضايع ڪري نٿو سگهان. (نيپولين)
 
چاچا جا خيال ڀلا آهن پر کين ٻڌائڻ چاهيندس ته هي شاعري جو سيڪشن آهن۔۔۔ ۽ شاعر حضرات اهڙي شاعري کي مشڪل سان هضم ڪري سگهن۔۔
 
ابا ذيشان جي شاعرن کان هضم ڪون ٿيندو ته مون ڦڪي تيار ڪري رکي آ ان جو ڦڪو کڻي وات ۾وجهنداسين پاڻ ئي هضم ٿي ويندن
 
چاچا جا خيال ڀلا آهن پر کين ٻڌائڻ چاهيندس ته هي شاعري جو سيڪشن آهن۔۔۔ ۽ شاعر حضرات اهڙي شاعري کي مشڪل سان هضم ڪري سگهن۔۔
ادا ذيشان رشيد۔۔اگر آزاد شاعري جي نيت سان پڙهجي ته شاعرن کي به هضم ٿي ويندي۔۔۔:)
 
Back
Top