• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين جي ايم سيد فرمايو

چاچو چڀڙ خان

سينيئر رڪن
آزادي حسن آهي ۽ غلامي کان وڌيڪ ٻي ڪا به بدصورت نه آهي.
هر هڪ ماڻهو آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ آزادي سندس جنم جو حق آهي اهڙيءِ طرح ملڪ ۽ قومون به آزاديءِ جو حق رکن ٿيون.
وطن جي آزادي ضمير جي آزاديءِ کان سواءِ حاصل ٿيڻ مشڪل آهي.
ڪنهن به ملڪ يا قوم کي اهو اختيار نه هئڻ گهرجي ته هو ٻي ملڪ يا قوم کي غلامي جي حالت ۾ رکي.
هي ڳالھ صاف ذهن ۾ ويهارڻ جي لائق آهي ته خواهش عليحده شيءِ آهي ۽ آزاديءِ جو حصول عليحده آهي.
سنڌين جي حق گهرڻ کان اڳ منجھن قومي هم جنسيت صلاحيت اتحاد خوداري ۽ قربانيءِ جو مادو ڪرڻ گهرجي.

رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد
 
Back
Top