• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ووٽ

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
شاعر: علي عاجز بدين
ووٽ
بڻجي ساٿي سچا سڄڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
واعدا اڳوڻا وچن وساري
ظالم پنھنجا ضمير ماري
اچن وڃن پيا آڌي ڌاري
ننڍ منھنجھاران ماڻھو اٿاري
ڪو نه ڏين سک سمھڻ
ٽولين پويان آھن ٽوليون
ٻڌو ويھي اڄ تن جون ٻوليون
مٺڙا گفتا مٺڙيون لوليون
ننگ جو ڳالھيون نيون نراليون
چوندا اوھان سان جيئڻ مرڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
ڏاڍا ڀاڪر پايو ملن
پيرن پون پيا ھٿ ٻڌن پيا
فاتاحون سڀئي ھاڻي ڪن پيا
واڳون وارا لڙڪ لڙن پيا
ڍونگ اٿئي سڀ يار ڍولڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
4 راتو ڏينھان گاڏيون ڊوڙائي
ڇڏيائون سارا تڪ تپائي
منٿون ميڙون پلاند پائي
ھيڏانھن ھوڏانھن اول پتڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
اڄ ڏسي وٺ اٿئي جي ڏسڻا
پنج سالون پوءِ ناھن ملڻا
اڄ آھن ھي کل مک کلڻا
صبحا ھوندا اھي ٻوٿن سوڻا
اٿئي انھن جا اھڙا لڇڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
ووٽ وٺي پوءِ وڙھڻ پيا ايندا
ڪم ڪو چوندن جھڻڪون پيا ڏيندا
ڏکن سورن جي ڳالھه نه سڻندا
ساڳيا اھي ئي ٻيا ٿي پوندا
مٽجي ويندن چال چلڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
سنڌن تڏي جي ھينئر ويندين
ڏاڍي عزت مان جھليندين
ھا ڪندا پيا جيئن تون چوندين
سڀ ڪجھه حاضر ڇا کائيندين؟
مال مٺايون ميوا مکڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
اڳ به انھن کي وٽ ڏناسون
ڪامياب ڪري ڪرسي چاڙھياسون
پوءِ ڪھڙا ڏس! پٽڪا ٻڌاسون
ٿيا نه ڪانڌي جن لئه مئاسين
موٽي نه آيا حال پڇڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
ٻيٽ وڪڻون ھاڻي کيٽ وڪڻنداسين
ڪتيون وڪڻنداسين چيٽ وڪڻنداسين
تنھنجن ٻچن جو پيٽ وڪڻنداسين
سنڌڙي آخر نيٺ وڪڻنداسين
ھينئر کين منھن واريون ھڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
پاڻ کي آھي ھتي ئي رھڻو
ھتي ئي جيئڻو ھتي ئي مرڻو
جي ڪجھه ٿيو يا، ھوندو ٿيڻو
پاڻ کي ئي منھن پوندو ڏيڻو
ھي ته ڀڄي وڃي ويھندا لنڊڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
سوچي سوچي ووٽ ڏجائين
ڏس متان نه دوکو کائين
وڙ وڃائين ووٽ وڃائين
پوءِ انھن جو در پيو ليلائين
ھلي ھلي ويندئي ڦاٽي سٿڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
ملڪ جو اونو ڪنھن کي ناھي
ھر ڪو ڀڀ ڀرڻ ۾ آھي
سڀڪو ’’علي ‛‛ ھت لاھي پاھي
ليڊر پنھنجو تڏو ٿو ٺاھي
شاعر جو ڪم سچ چوڻ
وري آيا ٿئي ووٽ وٺڻ
(روزاني شام حيدرآباد تان کنيل)
 
Back
Top