رسول بخش جوڻيجو
سينيئر رڪن
هڪڙو گمان غنيمت جهڙو
نظم
شاعر۔۔۔۔۔ ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ
آئون مڃان ٿو تون منهنجي ناهين،
پر پو به هڪڙو
گمان غنيمت لڳي ٿو۔
آئون پنهنجي نالي سان گڏ تنهنجو نان لکان ٿو،
تون مون سان ملين ٿي زماني سازي سان
آئون توسان ملان ٿو محبت بازي سان
توکي پنهنجي فطرت آهي،
مون کي پنهنجي فطرت آهي،
تون وفا پسند
آئون وفا پرست
توکي تنهنجي مغروري
مون کي منهنجي مجبوري
پو به توسان آئون ملان ٿو
ڪنهن خوش فهمي منجهه کلان ٿو۔
شاعري ڪتاب ” مُرڪن مالهائون “ تان ورتل
نظم
شاعر۔۔۔۔۔ ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ
آئون مڃان ٿو تون منهنجي ناهين،
پر پو به هڪڙو
گمان غنيمت لڳي ٿو۔
آئون پنهنجي نالي سان گڏ تنهنجو نان لکان ٿو،
تون مون سان ملين ٿي زماني سازي سان
آئون توسان ملان ٿو محبت بازي سان
توکي پنهنجي فطرت آهي،
مون کي پنهنجي فطرت آهي،
تون وفا پسند
آئون وفا پرست
توکي تنهنجي مغروري
مون کي منهنجي مجبوري
پو به توسان آئون ملان ٿو
ڪنهن خوش فهمي منجهه کلان ٿو۔
شاعري ڪتاب ” مُرڪن مالهائون “ تان ورتل