ڀلوڙ راڳي عبدالله ڪڇي ڪمال ڄامڙو سنڌي موسيقيءَ جي ترقيءَ ۾ ڪڇي ڳائڻن جو به حصو آهي. انهن ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، استاد مٺو ڪڇي، استاد عثمان ڪڇي ۽ عبدالله ڪڇي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. عبدالله ڪڇي شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو. هو استاد مٺوءَ ڪڇيءَ جو ڀاڻيجو آهي. سال ۱۹۴۰ع ۾ ڪلري لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير محمد هو. سندس ڳايل جيڪو پهريون ڪلام مقبول ٿيو. سو شاهه سائينءَ جو ڪلام ”گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري“ آهي. ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي اهو رڪارڊ ٿيو ۽ ان ڪلام جي تمام گهڻي فرمائش اچڻ لڳي. هر محفل ۾ کانئس ان ڪلام جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. عبدالله ڪڇيءَ جا ناناڻا، ڳائڻ وڄائڻ سان واسطو رکندا هئا. ان حساب سان فن کيس ميراث ۾ مليو. ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. هو جيڪو ڪلام به ڳائيندو هو ان کي پاڻ ئي ڪمپوز ڪندو هو. هن کي شاهه سائينءَ سان عشق هو. اهو ئي سبب آهي ته هن شاهه کي گهڻو ڳايو. سندس مادري زبان ڪڇي هجڻ ڪري، شاهه کي ڳائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئس. تنهن ڪري وڏيءَ محنت سان اچار سکيو. سندس چوڻ هو ته؛ ”مون شاهه سائينءَ خاطر پنهنجي مادري ٻولي ڪڇي وساري ڇڏي.“ ڳائڻ ۾ سندس استاد ماسٽر محمد ابراهيم ۽ عبدالله پنهور هئا. هو انهن کان ۽ ساٿي فنڪار ماسٽر محمد اياز عليءَ ۽ ڪراچيءَ جي شاعر گوهر سروريءَ کان، شاهه سائينءَ جي ڪلام جو صحيح اچار سکندو ۽ پڇندو هو. هو اسٽيج تي ڳائڻ کانسواءِ گرامو فون لاءِ به رڪارڊنگ ڪرائيندو هو. عبدالله ڪڇيءَ، ۱۹۶۶ع ۾، ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ ۾ پير پاتو. ان زماني ۾ هتان سنڌي پروگرام ته نه ٿيندا هئا، البته ڪڏهن ڪڏهن سنڌي نغما رڪارڊ ڪري نشر ڪيا ويندا هئا. تنهن زماني ۾ شوقيه فنڪارن يا سيکڙاٽن کان به باقاعدي آڊيشن ورتي ويندي هئي. جڏهن ته باقاعدي ڳائڻ (Professionals) جي آڊيشن ته گهڻي سخت هئي. تڏهن ريڊيي تي ڳائڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي. عبدالله ڪڇي جيڪو هڪ پيشيور ڳائڻو هو تنهن جو آڊيشن شوقيه ڳائڻن جي پروگرام لاءِ طبلي ۽ سارنگيءَ تي پروڊيوسر جميل زبيريءَ ۽ عقيل اشرف صاحب پنهنجي دور جي مڃيل موسيقارن نهال عبدالله، امرائو بندو خان ۽ پياري ميان جي موجودگيءَ ۾ ورتي. هو پاس ٿي ويو، سندس پهرين رڪارڊنگ شاهه جو ڪلام آهي، جيڪو ماسٽر محمد ابراهيم ڳائيندو هو. ان جا ٻول آهن ته: والي واري آڻ، ٻاروچا ڀنڀور ۾. جڏهن ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي قائم ٿيو، تڏهن هتان سنڌي پروگرام ته ٿيندو هو پر ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو حيدرآباد ٺهڻ سان، اهو بند ڪيو ويو. وري ٻيهر پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع کان چينل نمبر ٻئي تان سنڌي پروگررام شروع ڪيو ويو. ان وقت سڀ کان اڳ ۾ جن فنڪارن کي رڪارڊ ڪيو ويو، انهن ۾ عبدالله ڪڇي به شامل آهي. ٻين فنڪارن ۾ سليمان سمون، مصري خان بلوچ، غزالا رفيق ۽ مينا شاهه وغيره شامل آهن. ان وقت عبدالله ڪڇيءَ کي پروڊيوسر گل حسن پٺاڻ رڪارڊ ڪيو، پوءِ خواجه امداد علي، جهانگير قريشي ۽ نثار ميمڻ وغيره کيس رڪارڊ ڪيو. عبدالله ڪڇي، سنڌيءَ کانسواءِ اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو. ريڊيي کان پوءِ هن پي ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو. اتي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. جهڙي ريت ريڊيي تي هن شاهه جو ڪلام ڳائي ابتدا ڪئي، تهڙيءَ ريت ٽي ويءَ ۽ گراموفون تي به شاهه جي ڪلام سان شروعات ڪيائين. گراموفون تي سندس پهريون ڪلام ساڳيو ئي؛ ”گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري“ رڪارڊ ٿيو ۽ سندس سڃاڻپ بڻيو. هن ٻن سنڌي فلمن؛ ڦل ماڇيءَ ۽ قربانيءَ لاءِ به نغما ڳايا. هن پنهنجي ملڪ جي مختلف شهرن کانسواءِ ڏيساور ۾ ڀارت، دبئيءَ ۽ مسقط ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. کيس سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ايوارڊ به ڏنو ويو. عبدالله ڪڇيءَ کي، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ محمد يوسف پسند هئا. جڏهن ته سنڌي راڳ ”لوڙائو “ وڻندو هئس. جيترا به راڳي آهن، سي ٿورو گهڻو رياض ضرور ڪندا آهن پر عبدالله ڪڇيءَ کان اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ته؛ ”مان رياض مڙئي ڪندو آهيان. منهنجو قدرتي آواز اهڙو آهي، تنهن ڪري رياض جي ضرورت نه ٿي پئي.“ عبدلله ڪڇي 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.